سياست ۾ رهڻو اٿو ته ….

تحرير: وسعت الله خان

سياست ۾ اڌ ڪم، سياستدان جي عام ماڻهن سان رابطن جي صلاحيت ۽ محنت ڪندي آهي ۽ باقي ڪم انهن لڳل ڇاپ سان ٿي ويندو آهي. معنيٰ سياستدان ساڄي پاسي جو آهي کاٻي جو،دبنگ آهي ته موقعي پرست، واعدو پاڙڻ وارو آهي يا واعدو ٽوڙڻ وارو، عوامي طاقت تي مڪمل يقين رکي ٿو يا چور دروازي کي به جائز سمجهي ٿو.

وقت اچڻ تي وفادارن سان گڏ بيٺل رهندو آهي يا ڪنهن سبب يا دٻاءُ ڪري کين قربان ڪرڻ ۾ به عار محسوس ناهي ڪندو.هو پنهنجي ڳالهه تي بيهي رهندو آهي يا حالتن ۽ ذاتي فائدو ڏسي رنگ بدلائي ڇڏيندو آهي. سڌي ڳالهه اها آهي يا پاڻ کي هر ڀيري صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هٺڌرمي ئي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

سچائي ڪجهه به هجي اثر رسوخ اڪثر سچائي دٻائي ڇڏي ڏيندي آهي. مثال طور جماعت اسلامي لک ڀيرا چوي ته سندن ميمبر ٻين جماعتن کي نسبت وڌيڪ منظم، ايماندار، متقي ۽ پرهيزگار آهن. پر جڏهن جماعت جي سياسي ڪردار جي ڳالهه ٿيندي آهي ته عام طور تي اهو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته اهي اسٽيبلشمينٽ جي بي ٽيم ثابت ٿيندي آهي.

جمعيت علماءِ اسلام جي فضل الرحمان جي والد مفتي محمود جي سياست بي شڪ اصولي رهي هوندي. پاڻ فضل الرحمان به پنهنجي جواني ۾ مارشل لا مخالف ايم آر ڊي جهڙي جمهوريت پسند تحريڪن جو ساٿ ڏنو هوندو. پر اڄ مولانا جي تصوير ايئن آهي ته هو عملي سياست جي ماهر رانديگر آهي. ان لاءِ هڪ ئي وقت پنج بال هوا ۾ اڇلائي سگهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪرڻ نٿو ڏئي. لفافو ڏسي خط جو متن سمجهي ويندو آهي.

ڪنهن به فائدي مند سوديبازي ۾ پنهنجن ويجهن مٽ مائٽن کي به برابر جو حصو ڏيندو آهي. شڪار ۽ شڪار سان گڏ هڪ ئي وقت ڀڄڻ جي صلاحيت سان مالا مال آهي ۽ ضرورت وقت سهوليت برقرار رکندي اسٽيبلشمينٽ جي به ڪم اچي ويندا آهن.

عوامي نيشنل پارٽي جيستائين نيشنل عوامي پارٽي(نيپ) هئي تيستائين کاٻي پاسي جي هڪ وڏي قوم پرست جماعت چورائبي هئي. پر جديد اين اين پي هڪ اهڙي خانداني جاگير آهي جيڪا عمليت پسند سياست تي يقين رکي ٿي. ان ۾ جيڪڏهن ڪا نظرياتي مخلوق آهي ته ان جا پراڻا سياسي ڪارڪن ئي آهن جيڪڏهن پارٽي جي اسٽيبلشمينٽ سان دوستي ناهي ته دشمني به ناهي. اڳ اهي قوميتي مفادن جا حامي هئا. هاڻي ”وسيع قومي مفاد“ جا حامي آهن. خان عبدالولي خان جي زندي تائين ان جون پاڙون خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي تمام وڏي حصي ۾ پکڙيل هيون. هاڻي ان جا وڌيڪ اثر ولي باغ کان پشاور تائين آهن. ڄڻ ته اها پنهنجي عظمت جي نشاني آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جڏهن عوامي سطح تي متعارف ڪرائي وئي ته اهي اسٽيبلشمينٽ جي تازي پراڊڪٽ ۽ ملڪي مسئلن کي حل ۽ سياسي گند کي صفائي ڪرڻ وارو الا دين جهڙو چراغ ٻڌايو ويو. پر پوڻا چار سال جي اقتدار ۾ ئي اها شئي اهڙو ڪمبل بڻجي ويو جنهن سان اسٽيبلشمينٽ ته جان ڇڏائي رهي هئي پر ڪمبل جان نه ڇڏي رهيو هو. جڏهن ته 9 مئي کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ڪمبل کڻائڻ به لاڳيتو جاري آهي. الادين اندر آهي ۽ چراغ ٻاهر ۽ اهو به وساميل، في الحال ان تي اينٽي اسٽيبلشمينٽ هئڻ جي ڇاپ آهي. پر پاڪستان ۾ وقت ۽ ڇاپ بدلڻ ۾ دير ڪٿي لڳندي آهي،.

مثال طور جڏهن پيپلز پارٽي وجود ۾ آئي ته سيڙپڪاري ۽ جاگيرداري جي خلاف ”اينٽي اسسٽيٽس ڪو“ جماعت جو رنگ وٺي اڀري. ان سانچي ۾ پارٽي ورڪرز کي به گڙهيو ويو. اها جماعت پاڪساتن جي تاريخ ۾ سڀ کان ڊگهي مدي تائين اينٽي اسٽيبلشينٽ هئڻ جو تاثر برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي. پر مشرف جي اين آر کي قبول ڪرڻ کانپوءِ هڪ نئي ڇاپ لڳل شروع ٿي وئي ته اها وري پيپلز پارٽي عوامي امنگن جي ترجماني هئي. اها نه پپ واري کاٻي ڌر جي رهي نه ساڄي ڌر جي پر ڌاڻن جي شربت پيتل هڪ هوميوپيٿڪ جماعت آهي. ان جي قيادت ذاتي ”اسٽيٽس ڪو“ جو تحفظ ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندي آهي. علامتي طور ملڪي پر عملي طور صوبائي آهي. جڏهن ٺهي هئي ته ڊرائنگ روم جي سياست کي روڊن تي کڻي آئي هئي. 55 سالن کانپوءِ ان ياست کي ٻيهر ڊرائنگ روم ۾ وٺي وئي ۽ عام ماڻهو جيڪو اڳ اڳواڻ جي بنگلي ۾ پلٿي ماري ويٺو هو هاڻي گيٽ جي ٻاهر بيهاريو ويندو آهي. جيڪا قربانين جي پارٽي سرمايو هئي اها به هاڻي عوام کي ڪجهه نئون ڏيڻ نٿي چاهي.

مسلم ليگ ن شروع کان ئي هڪ پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني هئي. ان جي اڪثريتي شيئز هڪ ئي خاندان وٽ آهن. شروعات ۾ اها به اصلي مسلم ليگ هڪ دور جي فرنچائز هئي پر اها به پنجاب تائين محدود ٿي وئي. شروع ۾ ان تي ضيا نوازي جو اسٽيڪچر لڳل هو ۽ ان کي پيپلز پارٽي کي پوئتي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو. پر ٽيون ڀيرو اقتدار کان محرومي کانپوءِ انجي قيادت کي ڪجهه عرصي تائين چي گويرا ۽ منڊيلا بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هاڻي ٻيهر ان ڳالهه کي مڃي ورتو آهي داڻو  مٽي ۾ پوڻ کانپوءِ گل ۽ گلزار بڻجندو آهي.

سياست  ۾ جيڪڏهن رهڻو آهي ته جيئي جنرل چوڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.