هن وقت ملڪ جي نئين چونڊن جي ذريعي نئون سياسي دنگل ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي جنهن دؤران ملڪي حالتن تي سوچيندڙ، غور ويچار ڪندڙ ۽ گهري نظر رکندڙ سماج جي ڪيترن ئي ساڃاه ۽ شعور رکندڙ ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال موجود آهن.
اسانجي ملڪ جو هن وقت تائين سياسي نظام آخر ڇو ايترو مضبوط نه ٿي سگهيو آهي⸮انهيءَ سوال جي جواب لاءِ سمورن سياسي ڌرين کي لازمي طور سوچڻ جي گهڻي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته جمهوري نظام اندر سياسي پارٽيون ئي سڌيءَ ريت عوام وٽ جوابده هونديون آهن، پردي پٺيان ويٺل ڀل ٻيا ڪيترا به هٿ هجن پر انهن سمورن سماجي توڙي معاشي مسئلن جي حل جي ذميواري فقط ئي فقط سياستدانن جي هوندي آهي ۽ آڱر به انهن تي ئي کڄندي آهي.
ملڪ ۾ سياسي پارٽين جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، ڪيترو سياسي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري، جمهوري ڪلچر کي سگهارو ڪرڻ خاطر سياسي روادري، بردباري، دانشمندي، دورانديشي ۽ ڏاهپ جو ثبوت ڏيندي، عوامي سياست واري سوچ کي فروغ ڏنو آهي⸮
ملڪ ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين، هن ملڪ جي سمورن سياستدانن اسٽيبلشمينٽ کي آخر ڇو پنهنجي اقتدار جي ڏاڪڻ بڻائي ۽ عوامي سگهه تي ڀروسو نه ڪيو آهي⸮
ڇا ملڪ اندر اهڙي صورتحال جي سموري ذميواري صرف سياستدانن جي مٿان آهي يا اسٽيبلشمينٽ به هن ملڪ جي اندر حڪمراني جي واڳ ڊوڙ ۾ پنهنجو خاصو ڪردار ادا ڪري، هن ملڪ جي نظام حڪومت جي ڀڃ ڊاه ۾ پنهنجو ڪردار ڪري ملڪ کي هن موجوده صورتحال تائين پهچائڻ ۾ پنهنجي اهڙي ته حڪمت علي اختيار ڪئي آهي جيئن سڄي ڦٽڪار سياستدانن تي وسندي رهي⸮
هن ملڪ اندر سياستدانن پاران ڪوشش ڪري، اقتدار وٺڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ جي سهاري کي ضروري سمجهو ويو آهي يا اسٽيبلشمينٽ جي اها خواهش رهي آهي ته سندن سوچ ۽ مرضي مطابق هلندڙ سياستدانن کي ملڪ جي اقتدار جون واڳون ڏنيون وڃن⸮
واڳ ڌڻين جي ڪوششن سان وري نئين گيم شروع ڪري پنهنجي پر ۾ سياست جا نوان پراڻا واڏا ماهر کلاڙي، گڏائي سڏائي ميدان تي لاٿا ويا، جن به سياست جي راند کي درست کيڏڻ ۽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي نالي تي ايترو ته ڪمزور ۽ تباهه ڪيو جو ملڪي تاريخ ۾ اهڙو مثال نٿو ملي ۽ اڄ ماڻهو ويچارو پنهنجي معصوم ٻچڙن کي ٻن ويلن جي ماني کارائڻ کان به محروم ٿي ويو آهي پر پوءِ به چون ٿا ته جمهوريت مضبوط ٿي وئي آهي ۽ هي ملڪ بچي ويو آهي.
جمهوريت ۽ سياست جي ماهر دعويدار، سياستدانن جي بقول ته اسان سياست نه پر رياست بچائي آهي.
اڄ سندن انهيءَ دعوي! کي هن صورتحال جي روشني ۾ پرکڻ ۽ جائزو وٺڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.
جڏهن ملڪ ڏيوالي جي قريب پهتل هجي،جڏهن ملڪ جي اڪثر ادارن تان ماڻهن جو ويساه کڄندو وڃي جڏهن، هر هڪ ماڻهون سورن ۾ ستايل هجي ۽ مخلوق خداوندي هر روز بي انتها مهانگائي سبب خودڪشي تي مجبور ٿئي، ملڪ ۾ بد امني ۽ لاقانونيت عروج تي پهتل هجي هر هڪ مجرم صرف وفاداري بدلائڻ سان هر جرم کان پاڪ ۽ آب زم زم مان ڌوپجي معصوم ۽ پاڪ بڻجي وڃي ۽ ٻئي طرف شريف انسان لاءِ هن سماج ۾ جياپي جا سمورا رستا ايترا ته سوڙها ٿيندا وڃن جو مسڪين پورهيت عوام لاءِ هر هڪ ساه کڻڻ به بي انتها ڏکيو بڻجي وڃي ۽ هر جڳهه تي ظالم ۽ سفاڪ طبقو پنهنجي پوري جولان ۾ هجي ۽ رياستي ادارا انهن ظالم طبقي جي پٺڀرائي ڪرڻ ۾ پورا هجن ۽ ملڪ جو ڪوئي به ادارو تباه حالي کان بچيل نه هجي، ته ڇا پوءِ اهڙي صورت ڏسي به اهو مڃي سگهجي ٿو ته هنن واقعي ئي رياست بچائي آهي⸮
اڄ صورتحال اها آهي ته نوازشريف صاحب الائي ڪهڙي ڪرامت ۽ معجزي سان مجرم مان ڦري معصوم بڻجي چوٿون ڀيرو لڳ ڀڳ 70 سالن جي عمر ۾ وزير اعظم ٿيڻ لاءِ سندرو ٻڌيءَ ميدان تي لٿو آهي ۽ ملڪ جو نگران وفاقي گهرو وزير چوي ٿو ته نوازشريف تي سمورا ڪيس ڪوڙا آهن،جيتوڻيڪ ان مٿان اڃان ڪورٽن ۾ ڪيس هلندڙ آهن ۽ فيصلو به نه ٿيو آهي پر ملڪ جا حڪمران اهڙي ٻولي ڳالهائي عوام کي چونڊن جي شفافيت بابت ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن⸮
معلوم ٿيو آهي ته ٽئين ڌر پاران ڪرايل سروي مطابق نواز شريف جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ٿي آهي پر واڌارو نه آيو آهي پوءِ به نوازليگ وارا چون ٿا ته ملڪ جو چوٿون ڀيرو وزير اعظم نواز شريف ئي ٿيڻو آهي جيڪو هن ملڪ کي سمورن بحرانن مان ڪڍي سگهندو.هن صورتحال مان ائين لڳي رهيو آهي ته شايد نواز شريف کي کٽرائڻ لاءِ ملائڪ ميدان تي لهي ايندا ۽ نوازليگ ووٽ کي عزت ڏيو واري بيان تان هٿ کڻي چڪي آهي.
ٻئي طرف وري 2008 کان 2023 تائين مسلسل سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت رهي آهي جنهن سنڌ جي عوام کي الائي ته ڇا ڇا ڏنو آهي ۽ سنڌ جي سمورن ادارن کي ڪاٿي پهچائي ڇڏيو آهي، علم، صحت، امن ، انصاف ۽ بهتر حڪمراني ۾ سنڌ جي حڪومت ڪهڙا ڪارناما ڏيکاريا آهن تنهن جو اندازو هر هڪ باشعور ۽ سڄاڻ ماڻهو آرام سان لڳائي سگهي ٿو، نوازليگ پنهنجي سنڌ جي قيادت ۾ تبديلي آڻي اڳوڻي ڊي.جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي سنڌ جو صدر بڻائي پ پ سان مقابلي لاءِ ميدان تي لاٿو آهي ۽ قومپرست به ضرور سنڌ ۾ ڪوئي اليڪشني اتحاد جوڙي ميدان تي لهندا.
بلاول صاحب پاران پنهنجي پيءَ سميت سمورن بزرگ سياستدانن کي سياست ڇڏي گهر يا مسجد ۾ ويهي دعا ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي شايد بلاول صاحب کي ٿوري گهڻي ڪجهه ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هجي ته هي سڀ سياستدان هن ملڪ جي لاءِ وڏي بيماري آهن هاڻي ڏسجي ته ڪير ٿو ڪنهنجي ڳالهه سمجهي؟
انهن سمورن اقتداري، سياستدانن سياست جي سفر ۾ ڇا سکيو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي مضبوطي ۾ حڪمرانن جو ڪهڙو ساٿ ڏنو آهي.هنن سمورن سياستدانن هن ملڪ جي سياسي سرشتي کي ڪيئن ۽ ڪنهن سان گڏجي مختلف وقتن تي ڪيڏو ڦري لٽي، تباه ۽ برباد ڪيو آهي⸮هن وقت انهن سڀني سوالن تي تمام گهڻو غور ويچار ڪري، سوچي سمجهي ۽ درست فيصلن ڪرڻ جي ضرورت آهي نه ته ٻيءَ صورت ۾ پوءِ عوام وٽ وري پنجن سالن لاءِ پنهنجو منهن مٿو پٽڻ، ماتم ڪرڻ ۽ هاءِ گهوڙا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوئي به چارو نه بچندو.