عالمي بئنڪ ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ)عالمي بئنڪ چيو آهي ته جامع پاليسي سڌارن ذريعي پاڪستان معاشي مسئلن مان نڪرڻ جي مڪمل صلاحيت  رکي ٿو. پاڪستان کي انساني وسيلن جي ترقي، سماجي خرچن جي بهتر انتظام ۽ مسابقتي نجي شعبي جي قيام، زرعي شعبي جي سگهه ۾ واڌ، توانائيءَ جي شعبي ۾ بهتري ۽ ادارن کي مضبوط بنائڻ تي پنهنجي توجهه رکڻي پوندي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي مک عهديدارن عالمي بئنڪ جي انتظام هيٺ بهتر مستقبل لاءِ سڌارن جي موضوع تي سڄي ملڪ ۾ مباحثن جي پڄاڻيءَ تي پاليسي نوٽيس جاري ڪرڻ جي تقريب کي پنهنجي خطاب ۾ چئي. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي بئنڪ جي اها سرگرمي ان حوالي سان به اهميت واري آهي ته ڪجهه مهينن کان پوءِ عام چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن کان پوءِ نئين حڪومت قائم ٿيندي ان سفارشن ۽ سفارشن سان نئين حڪومت کي پاليسي سازي ۽ سڌارن ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڍانچي جاتي سڌارن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته جن ملڪن پائيدار ترقي جو مسلسل سفر ڪيو آهي ان ۾ هڪ گڏيل عنصر اهو به آهي ته اهي سمورا ملڪ بحرانن مان اُڀرندي اڳتي وڌيا آهن، اسان کي اميد آهي ته پاڪستاني معيشت جا سمورا شراڪتدار ۽ سياسي پارٽيون ملڪي معيشت جي بهتري، اؤسر ۽ پائيداريت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. پاڪستان کي پنهنجي ٽيڪس جي بنياد وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ معيشت جو موجوده ماڊل گهڻو ڪري شهرين کي فائدو نه ڏئي رهيو آهي، ملڪ جي آباديءَ ۾ واڌ ٿي رهي آهي پر ان شرح سان روزگار جا موقعا موجود ناهن، 83 سيڪڙو ورڪ فورس غير روايتي شعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي ناڪافي ترقياتي عمل سان معيشت جي اؤسر به متاثر ٿي رهي آهي. 2000ع کان 2020ع تائين حقيقي في ڪس اؤسر جي شرح 1.7 سيڪڙو جي سطح تي آهي جيڪو ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، رپورٽ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، پاڪستان کي بلند مالي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،دالين، فروٽ ۽ ڊيري مصنوعات تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي سفرارش ڪئي وئي آهي،ٽيڪس وصوليون ٻيڻيون ڪيون وڃن رپورٽ موجب پاليسين ۾ عدم تسلسل جي ڪري سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار جو فقدان آهي، پاڪستان جو زرعي شعبو غيرپيداواري ۽ جمود جو شڪار آهي، پاڪستان ۾ توانائي جو شعبو ناقابل انحصار ۽ معيشت تي بار آهي، عالمي بئنڪ ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني جو مطالبو ڪندي خرچن ۾ 10 سيڪڙو ڪٽ لڳائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي جڏهن ته پاڪستان جو سرڪاري شعبو غيرموثر آهي، پاڪستان ۾ پاليسي فيصلن جو محور ذاتي مفاد آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.