ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي اندر غير قانوني عمارتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران لياري ۾ 7 ماڙ غيرقانوني عمارت ڊاهڻ بابت عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالتي حڪم تي ڊي جي ايس بي سي اي اسحاق کهڙو ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا، عدالت ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ٻين آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين ڇنڊ پٽي، جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته شهر ۾ جيڪي به غير قانوني اڏاوتون آهن انھن جو ذميوار ايس بي سي اي آهي، جنهن تي ڊي جي ايس بي سي اي اسحاق کھڙو ٻڌايو ته اسان به ڇا ڪريون، ڪراچي هڪ مشهور ۽ ميگا سٽي شهر آهي، جتي نظر پئي ٿي اتي ڪارروائي ڪريون ٿا، اسحاق کھڙو موجب ايس بي سي اي کانسواءِ ڪي اليڪٽرڪ سميت ٻيا ادارا به غير قانوني اڏاوتن جو ذميوار آهن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته انهن جو ڪم بعد ۾ اچي ٿو، توهان غير قانوني اڏاوتون ڇو ٿا ٿيڻ ڏيو؟ جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارتون ٺهي ٿيون وڃن پر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارا ڏسندي ئي رهجي وڃن ٿا، جنهن تي اسحاق کھڙو ٻڌايو ته کڏا بازار واري علائقي ۾ غير قانوني اڏاوتون نه روڪڻ وارن آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته غير قانوني اڏاوتن کي روڪڻ ويجيلنس ڪميٽي جي ذميواري آهي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪا به ذميواري آھي اھا اداري جي سربراهه جي آھي، جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته اسان حيران آهيون ته ايس بي سي اي جي آفيسرن کي پنهنجي ذميواري ۽ اختيارن جي خبر ناهي، ٻڌڻي دوران لياري جي 7 ماڙ عمارت ۾ رهندڙ متاثر عدالت پهتا، جن موقف اختيار ڪيو ته عمارت ۾ ٺھيل گھر خريد ڪيا، اڏاوت سان ڪو واسطو ناھي، جسٽس نديم اختر شهرين کان سوال ڪيو ته ڇا توهان خريد ڪرڻ وقت بلڊنگ جو نقشو ڏٺو ھو ته منظور آھي يا نه؟ جيڪڏهن نقشو منظور ٿيل ھجي ته اسان عمارت ڊاهڻ جو حڪم ھاڻي ئي واپس ٿا وٺون.