نوازشريف جهڙي ريت واپس آيو ان سان پارٽي کي هٿي نه ملي: عباسي

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پارٽي جتي اڄ بيٺي آهي ان موقف سان اتفاق نٿو ڪريان، ملڪي سياست ۾ پارٽي جي بيهڪ تي اختلاف آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو وارو بيانيو ناهي آيو ته پوءِ نقصان ٿيندو ، اسان کي آئين سان گڏ بيهڻ گهرجي، اليڪشن کانپوءِ به گڏيل حڪومت ايندي،فيصلو ڪرڻو پوندو ته حڪومت ڪنهن کي هلائڻي آهي؟ مون کي ملڪ جي موجوده نظام سان اختلاف آهي،جهڙي طريقي سان نوازشريف ملڪ ۾ واپس آيو مان نٿو سمجهان ته ان سان پارٽي کي هٿي ملي آهي.

  • ڪراچي مان اغوا ٿيل معصوم نينگر هٿ نه آيو، وارثن جون دانهون

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ روزگار سانگي لاءِ آيل هڪ خاندان جي هڪ ورهين جي ٻارڙي کي اغوا ٿيڻ کي هڪ هفتو گذري ويو ، نينگر هٿ نه اچي سگهيو، قيوم آباد بي ايريا مان هڪ ورهين جي نينگر حسين کي اغوا ڪيو ويو هو، ٻار جي والد محمد راشد چيو ته 20 نومبر تي جڏهن مان ڏيڍ لڳي 1:30 وڳي گهر پهتس ته گهر وارن مون کي ٻڌايو ته محمد اڪرم جي 5 ورهين جي ڌيءَ رابعه هڪ سال جي نينگر حسين کي کي کڻي وڃي ٻاهران گهٽيءَ ۾ کيڏي رهي هئي ته رابعه ٻڌايو ته اٽڪل هڪ وڳي هڪ شخص رڪشا تي سوار ٿي آيو ۽ مون کان ٻار کي کسي فرار ٿي ويو، نينگري رابعه چيو ته رڪشا هلائيندڙ سان گڏ هڪ عورت به هئي جنهن مون کان ٻارڙو کسيو، ٻارڙي جي امڙ ۽ ٻين وارثن جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي ڪئمرائون به هٿ ڪيون ويون آهن، هڪ عورت نينگر کي کڻي وڃي رهي آهي، هن وقت تائين جاچ ۾ ٻي ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، هنن مطالبو ڪيو ته معصوم نينگر کي هٿ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.