پوليس اورنگي ٽائون ڌاڙي ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي ( رپورٽر ) جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر مان ڌاڙي ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو  چوڻ آهي ته سهيل رضوي ۽ شاهه رخ کي گرفتار ڪري پوليس موبائيل تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن گهر ۾ 40 ڪروڙ رپيا ۽ هٿيارن جي موجودگي بابت ڄاڻ ڏني هئي، ٻئي طرف جي آءِ ٽي اڳوڻي ايس ايس پي ڏکڻ کان به جاچ ڪري رهي آهي، اڳوڻي ايس ايس پي عمران قريشي جو ٻيهر بيان به ورتو ويندو. ان کان اڳ ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي آءِ ٽي تي اعتراض ڪيو هو. ان حوالي سان عمير طارق باجاري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ غير جانبدار آفيسرن کان جاچ جي درخواست ڪئي وئي آهي.  واضح رهي ته پوليس ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ سينٽري جي هول سيل واپاري شاڪر خان جي گهر ۾ ڦر  جي واردات ڪئي هئي، جنهن بعد ڊي ايس پي ڪراچي ڏکڻ پوليس جي تربيت هيٺ آيل سمورن جوابدارن ۾ ملوث هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.