ميرپورماٿيلو(رپورٽ:پريم راٺوڙ/ نصرالله گڏاڻي) ميرپورماٿيلي ۾ عورت مسمات نعمت زال اصغر پتافي جي قتل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،باءِ پاس جي رھواسڻ مسمات نعمت زال اصغر پتافي قتل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو، مبينا قتل ٿيل عورت جي وارثن پاران لاش کڻائي ميرپور ماٿيلو ٿاڻي آڏو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت علي پتافي جو چوڻ هو ته ڀائٽي کي ان جي مڙس اصغر پتافي قتل ڪيو آھي، جوابدارن اسان جي نياڻي کي بيگناھ قتل ڪري ظلم ڪيو آھي جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا احتجاج جاري رهندو، ميرپورماٿيلو پوليس جو چوڻ هو ته قتل جي جاچ ڪئي پئي وڃي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻي پاسي الزام هيٺ آيل اصغر پتافي جي وارث عورتن پاران احتجاج ڪندي چوڻ هو ته نياڻي جي قتل جو ڪوڙو الزام اسان جي نوجوان مٿان ھنيو پيو وڃي ھو ٽرين جي ٽڪر سبب فوت ٿي وئي آهي اسان جي نوجوان مٿان قتل جو الزام غلط آهي.