ارشاد رانجهاڻي جي وارثن جون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار، ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪراچي ۾ سرعام قتل ڪيل نوجوان ارشاد  رانجهاڻي جي وارثن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي جي خلاف اپيلين تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ٻئي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي جوابدار رحيم شاهه ۽ لاڳاپيل  ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو، اپيلن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحيم شاهه کي گهٽ سزا ٻڌائي بري ڪري ڇڏيو، رحيم شاهه کي قلم 302 تحت موت جي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، ارشاد رانجهاڻي جي وارثن جي وڪيلن محمد خان شيخ، سيد اسد شاهه ۽ ٻين چيو ته رانجهاڻي جي قاتل کي سزا ڏيارڻ لاءِ نئين سر قانوني جنگ شروع ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته عدالتن مان انصاف ملندو.جڏهن ته وڪيلن چيو ته ڀاءُ جي پاران اپيلون داخل ڪرڻ کانپوءِ گهرن تي حملو ڪري تشددڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.