عمران چيو ته بشريٰ بي بي سان نڪاح ٿيو ته وزيراعظم ٿي ويندس: مفتي سعيد

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ مفتي سعيد ۽ عون چوڌري پنهنجو  بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نڪاح پڙهائيندڙ مفتي سعيد پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. مفتي سعيد بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان اڳ حلف کنيو ۽ چيو ته منهنجي عمر 62 سال آهي، ڇتر پارڪ ۾ ندوت العلما ۾ پڙهندو آهيان، پي ٽي آءِ چيئرمين سان سٺا لاڳاپا هئا ۽ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جو ميمبر به هيس، پهرين جنوري 2018 ۾ عمران خان مون سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته بشريٰ بي بي سان لاهور وڃي نڪاح پڙهائڻو آهي. ان دوران جج سوال ڪيو ته توهان لکيل صفحو ڏسي پڙهي رهيا آهيو؟ لکيل پڙهڻ ڪوڙ هوندو آهي، صفحو هٽائي ڇڏيو ۽ زباني بيان رڪارڊ ڪرايو. مفتي سعيد ٻه ڀيرا بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته مان پي ٽي آءِ چيئرمين جي چوڻ تي ڊفينس لاهور ويس، لاهور ۾ ڪيترائي ماڻهو هئا، بشريٰ بي بي جون ڀينرون به هيون، مان ان جي ڀيڻ کان پڇيو ته ڇا نڪاح جون شرعي گهرجون پوريون آهن؟ ته پاڻ کي بشريٰ بي بي جي ڀيڻ ظاهر ڪندڙ عورت چيو نڪاح پڙهائي سگهجي ٿو. عدالت سوال ڪيو ته عدت جي حوالي سان توهان بشريٰ بي بي کان ڇو نه پڇيو؟ جنهن تي مفتي سعيد چيو ته اسان وٽ عورت کان اهڙو ڪجهه ناهي پڇيو ويندو، بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جو نڪاح مان پڙهائي ڇڏيو هو، نڪاح پڙهائڻ کانپوءِ عمران ۽ بشريٰ بني گالا ۾ رهڻ لڳا. مفتي سعيد موجب فيبروي 2018 ۾ عمران خان مون سان ٻيهر رابطو ڪيو، مون کي ٻڌايو ويو ته نڪاح عدت دوران ٿيو. عون چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته منهنجي سامهون مفتي سعيد بشريٰ بي بي کان پڇيو ته بشريٰ ٻڌايو مون کي طلاق ٿي چڪي آهي، شرعي گهرجون پوريون آهن، تنهن ڪري نڪاح پڙهايو وڃي. عون چوڌري موجب ميڊيا تي اچي ويو ته عمران خان جي بشريٰ بي بي سان شادي ٿي چڪي آهي، ميڊيا تي خبر پئي ته عدت دوران نڪاح ٿيو ته اسان خاموشي اختيار ڪئي، فيبروري ۾ ٻيهر نڪاح پڙهايو ويو، ميڊيا تي گوڙ هو ته عدت دوران نڪاح ٿيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته چُپ رهو، عدت پوري ٿيڻ تي ٻيهر نڪاح ڪري وٺنداسين. عون چوڌري وڌيڪ چيو ته بشريٰ بي بي مون کي ٻڌايو ته عدت 14 کان 18 فيبروري جي وچ ۾ پوري ٿي رهي هئي، ٻيو نڪاح بني گالا ۾ فيبروري ۾ پڙهايو ويو، ان وقت مان موجود هيس، نڪاح جي رڪارڊنگ به موجود آهي، مان ۽ ذلفي بخاري ٻئي نڪاح جا گواهه هئاسين. هن ٻڌايو ته عمران خان، بشريٰ بي بي سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند هو، هن مون کي چيو نڪاح ٿيو ته وزيراعظم ٿي ويندس، پهريون نڪاح عدت دوران ڄاڻي واڻي ڪيو ويو، پهريون نڪاح اڳڪٿي جي اثر هيٺ هو، پهريون نڪاح غير شرعي، غير قانوني ۽ فراڊ تي ٻڌل هو. پوءِ عدالت ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي ٽئين شاهد محمد لطيف کي طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.