عوام کي قابل ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ ڪرڻ گهرجي:محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ  جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ جي عوام تي زور ڏيندي  چيو آهي ته هوءَ ظلم، ناانصافي کان نجات توڙي سنڌ جي خوشحالي ۽ پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ قابل ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ ڪن،خيرپور جي ڳوٺ ربنواز ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ گهرن جي تعمير ۽ چاٻيون حوالي ڪرڻ واري ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڏيڍ سال گذرڻ باوجود ٻوڏ متاثرن لاءِ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان گهر تعمير ڪري ڏيڻ وارو واعدو پورو نه ڪرڻ پ پ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن جو نتيجو آهي. جماعت اسلامي هر مشڪل گهڙي ۾ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ لاڳيتو حڪومت دوران ڦُرلُٽ ڪرڻ کان پوءِ آزمايل ڀوتار، وڏيرا ۽ سرمائيدار هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي سبز باغ ڏيکاري ووٽ گهري رهيا آهن عوام بار بار آزمايل ماڻهن کي مسترد ۽ مخلص توڙي ديانتدار قيادت جي چونڊ ڪري ته جيئن سنڌ خوشحال ۽ سندن مسئلا حل ٿي سگهن.

  • ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ته مهانگائي ختم ڪري ڇڏينداسين: شهبازشريف

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف سان پارٽي اڳواڻن ۽ قومي اسيمبليءَ  جي اڳوڻن ميمبرن ڪالهه ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته اليڪشن ۾ ڀرپور تياريءَ سان لهنداسين. هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان عوام جي اعتماد سان اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي پاڪستان کي مسئلن کان نجات ڏيارڻ لاءِ اهم آهي. شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن اوهان مسلم ليگ (ن) کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ڏني ته اسان دهشتگردي وانگر مهانگائيءَ جي چيلهه ڀڃي ڇڏينداسين.

  • آر جي اپارٽمينٽ ۾ باهه: وڪيلن جو سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آر جي اپارٽمينٽ ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي سينيئر وڪيلن درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ،  هوم سيڪريٽري، ڪراچي جي ڪمشنر، ڊي جي ايس بي سي اي سميت ٻين کي بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته باهه جو واقعو ريگوليٽري اٿارٽي جي غفلت سبب پيش آيو آهي، قومي اسيمبلي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جو تيار ڪيل بلڊنگ ڪوڊ آف پاڪستان فائر سيفٽي2016ع منظور ڪري چڪي آهي امن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.