اسلام آباد (م ڊ) عالمي بينڪ پاڪستان ۾ بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي. عالمي بينڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جي ضرورت نه آهي پر بجلي جي لائن لاسز کي گهٽ ڪيو وڃي. هن مقامي قرضن کي ملتوي ڪرڻ تي به اعتراض ڪندي چيو ته مقامي قرض ملتوي ڪرڻ سان بينڪنگ سيڪٽر ۽ سرمائيڪاري متاثر ٿي سگهي ٿي ان لاءِ پاڪستان کي مقامي قرض ملتوي ڪرائڻ جي عمل ۾ محتاط رهڻو پوندو. عالمي بينڪ جي نائب صدر چيو ته چونڊن کان اڳ سياسي پارٽين سان معاشي سڌارن تي ڳالهيون ٿيون آهن. معاشي اصلاحات جو عمل جاري رهڻ گهرجي. معاشي پاليسين تي عمل ضروري آهي. مارٽن ريزر وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو 2 کان 3 سيڪڙو وڌائڻو پوندو. صرف ٽيڪس وصوليون ڪرڻ ڪافي نه آهن. خرچ ۽ ٽيڪس سڌارن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. زرعي شعبي کي سهولتون ڏيڻ کان سواءِ ٽيڪس روينيو ۾ اضافو مشڪل هوندو.