اسٽيوٽا جي فارنزڪ آڊٽ جو حڪم، ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير

حيدرآباد/ڀٽ شاهه(نمائندا)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اسٽيوٽا جي فورنزڪ آڊٽ ۽ انڪوائري جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان بابت سنڌ جو چيف سيڪريٽري، ڪمشنر حيدرآباد، اين اي ڊي يونيورسٽي جو ايڪسپرٽ ۽ فنانس جو ماهر انڪوائري ڪندا. خبر موجب وڏو وزير گذريل ڏينهن حيدرآباد پهچي  مونوٽيڪنڪ  انسٽيٽيوٽ ڪوهسار لطيف آباد جو تفصيلي دورو ڪيو. دوري دوران هن انسٽيٽيوٽ  جي مختلف شعبن جو تفصيلي معائنو ڪيو. وڏي وزير ماڊل ڪلاسن ۾ ٻارن جي حاضري گهٽ هجڻ تي پرنسپال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسٽيوٽا اهو انسٽيٽيوٽ هلائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. وڏي وزير انسٽيٽيوٽ جي وڊورڪ ، پلمبنگ ، ويلڊنگ ۽ ليٿ مشين ورڪشاپ جو پڻ تفصيلي معائنو ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال کي مڪينيڪل ٽيڪنالاجي خبرناهي ته ٻارن کي ڇا سيکاريندا. پرنسپال جيئند علي ڪونڌر وڏي وزير جي ڪنهن به سوال جو  جواب نه ڏئي سگهيو. وڏي وزير انسٽيٽيوٽ جي فورنزڪ آڊٽ ڪرائڻ ، فنڊن جي استعمال، استادن جي حاضري ، انسٽيٽوٽ جي مرمت ۽ خوبصورتي جي به انڪوائري جو حڪم ڏنو  جڏهن ته هن چيو ته ورڪشاپ ۾ لڳي ٿو ته ڪڏهن ڪم ٿيو ئي نه آهي سڀ ٺهيل ماڊل ٻاهران گهرائي رکيا ويا آهن. وڏي وزير ٻارن کان معلوم ڪيو ته ڪڏهن انهن پريڪٽيڪل ڪيو آهي  ته ٻارن چيو ته هڪ مهينو اڳ اڌ ڪلاڪ جو ڪم سيکاريو ويو هو ان کانپوءِ ڪلاس ناهي ٿيو. وڏي وزير ريجنل ڊائريڪٽر کي گهرائي انسٽيٽيوٽ جي انسپيڪشن  نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ جي ڪنهن به ورڪشاپ ۾ ڪم ڪرڻ جا آثارئي ناهن ۽ چيو ته اسين قوم جا ڏوهاري آهيون، ٻار اسڪول ته اچن ٿا پر کين نه پڙهايو وڃي ٿو ۽ نه ئي وري ڪجهه سيکاريو وڃي ٿو. وڏي وزير ايم ڊي اسٽيوٽا منور مٺاڻي تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار  ڪيو.  هوڏانهن نگران وڏي وزير مقبول باقر ڀٽ شاھ پهچي درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري ۽ شاھ جو راڳ پڻ ٻڌو ان موقعي هن ميڊيا هن ڳالهائيندي چيو ته شاھ سائين جو راڳ ٻڌي دل کي سڪون مليو آھي هڪ سوال جي جواب هن چيو ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جون بليڪ وڪري جون شڪايتون آھن تمام جلد منعافي خور واپارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انهن خلاف ايڪشن ورتو ويندو هن چيو ته ڪجھ کاتن ۾ بدلين جا آڊر رد ڪيا ويا آھن نگران حڪومت جي دور ۾ ڪو غلط عمل بردائشت نه ڪيو ويندو  .

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.