بنون(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي بنون ڊويزن جي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي نوجوان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بلال پاشا مبينا طور تي پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه اندر مرده حالت ۾ ڏٺو ويو، سندس ڪمهلي موت وارثن، دوستن، مٽن مائٽن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي،ڪنٽونمينٽ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او رضا خان ڊان کي ٻڌايو ته هنن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته معلوم ڪيو وڃي ته اعليٰ سرڪاري اهلڪار خودڪشي ڪئي آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي.پوليس آفيسر جو وڌيڪ چوڻ هو ته مقتول کي مٿي ۾ گوليون لڳيون آهن.بلال پاشا جي جنازي نماز ڪنٽونمينٽ بورڊ بنون جي احاطي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد سندس مڙهه سندس اباڻي ضلعي خانيوال پنجاب پهچايو ويو.ڊي ايس پي ڪينٽ عظمت خان بلال پاشا جي خودڪشي جي تصديق ڪندي چيو ته محمد بلال پاشا ڪيترن ئي ڏينهن کان ذهني دٻاءُ جو شڪار هو.هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي بلال پاشا جي پيءُ جو چوڻ هو ته منهنجي پٽ مون کي ڪڏهن به اهو نه چيو ته هو پريشان آهي يا ڪا ٽينشن آهي.هن جو چوڻ هو ته اسان غريب ماڻهو آهيون، منهنجو پٽ ڪنهن نواب جو پٽ نه هو، مون کي پنهنجي پٽ جي قابليت، اخلاق ۽ پيار جي ياد اچي ٿو، هو مونکي ائين سمجهائيندو هو جيئن پيءُ پنهنجي پٽ کي تسلي ڏيندو آهي.بي بي سي سان فون تي ڳالهائيندي احمد يار روئي رهيو هو. هن ٻڌايو ته اٺ ڏهه ڏينهن اڳ بلال فون تي چئي رهيو هو ته بابا چاهيان ٿو ته مان نوڪري ڇڏي گهر اچان يا ڪجهه ڏينهن جي موڪل وٺي وڃان ته جيئن سڪون سان سمهي سگهان. هاڻي مان راولپنڊي وڃان ٿو ۽ موڪل جي درخواست ڪري گهر اچان ٿو.بلال پاشا هن وقت سوشل ميڊيا تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي ۽ سندس ساٿي ۽ دوست ۽ شاگرد پڻ کيس خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن.بلال پاشا جي ٻه ٽي سال اڳ شادي ٿي هئي پر ڪجهه عرصي کانپوءِ عليحدگي ٿي وئي، بلال جي دوست اسسٽنٽ ڪمشنر ابرار جو چوڻ هو ته بلال مون کي ڪڏهن به اهڙو ڪجهه نه چيو جنهن مان معلوم ٿئي ته هو ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي. سومر تي کيس چارج سنڀالڻ بعد پنڊي وڃڻو هو.ابرار موجب، ’بلال ڏاڍو خوش مزاج ڇوڪرو هو، هر پارٽيءَ جي زندگي ۽ سندس رويو هميشه دوستاڻو هوندو هو.سال 2019 ۾ هن سي ايس ايس جي امتحان ۾ 85 هين پوزيشن حاصل ڪري ملٽري لينڊز اينڊ ڪنٽونمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ جوائننگ ڪئي،سي ايس ايس امتحان ۾ ڪاميابي بعد پنهنجي پيءُ سان گڏ بيٺل بلال هڪ وڊيو ۾ پنهنجي مسلسل محنت ۽ جدوجهد جي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته هي منهنجو قابل فخر پيءُ بشير احمد آهي جنهن سڄي زندگي محنت ڪئي، الحمدلله مون کي تمام گهڻو فخر آهي ته مان هڪ پورهيت جو پٽ آهيان