بدين ۾ مهمان ٿي آيل پرديسي پکين کي بچائڻ لاءِ قدم کنيو وڃي

تحرير: بابو کوسو

لاڙ جتي سڪون ڏيندڙ ٿڌين ھوائن جو سلسلو جيئن ئي شروع ٿيو آھي، تيئن ئي مهمان پرديسي پکين جي اچڻ جو سلسلو به تيزي سان جاري آهي، مهمان ٿي آيل پرديسي پکين جي اچڻ شرط ئي کين موت جي ننڊ سمهارڻ لاءِ شڪارين بندوقن ۽ ڄارن کي تيار ڪري ڇڏيو آهي ۽ لاڙ پٽ تي پرديسي مھمان پکين جي بيرحماڻي موت جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي.

ڪڍڻ شهر لڳ سامونڊي پٽي جي مختلف ڍنڍن جن ۾ نريڙي, شڪور ڊنڍ ۽ جھٻو ڍنڍ سميت ان جي آس پاس جي ڪيترين ئي ڍنڍن تي مارين پاران ديرا ڄمائي پرديسي پکين کي بندوق ۽ خطرناڪ قسم جي رڇن سان پڪڙي انهن جو ٽنگو ۽ پر ڀڃي مارڪيٽ ۾ سرعام وڪرو ڪيا پيا وڃن، ان سڄي معاملي کي روڪڻ لاءِ وائيلڊ لائيف کاتي ڪو به قدم نه کنيو آهي.

وائيلڊ لائيف کاتي جي ڪن لاٽار سبب پرديسي پکي نه رڳو بدين ۽ ڪڍڻ ۾ وڪرو ڪيا پيا وڃن، پر اهي ڪراچي جي مختلف سياستدانن جي وڏين گاڏين ذريعي انھن کي پهچايا پيا وڃن، ايتري قدر جو جيئن زمين مان پورھيت پنھنجي جانورن لاءِ گاهه کڻندو آھي، تيئن پکين کي به تير دار شئي سان ڪھي ڀرين ۾ ٻڌو پيو وڃي، ان ڀرين ۾ ناياب پکين کي فٽو ڪري ڀرين کي وڏن سياستدانن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ موڪليو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي ته مٿان کان ايندڙ دٻاءَ سبب ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ناياب پکين جي اهڙي بيرحماڻي شڪار روڪڻ جي لاءِ وائيلڊ لائيف کاتو ڪو به قدم نٿو کڻي، پر کاتو رڳو پکين کي بچائڻ وارا ڪوڙا انگ اکر ڏيڻ تائين محدود آھي.

مختلف ملڪن کان مھمان ٿي آيل پکين کي هتي پناهه ته نٿي ملي، پر انهن کي شڪارين ھٿان مارايو وڃي ٿو، لاڙ جي ٿڌين ھوائن ۾ بندوقن جي ٽڪائن سان ھڪ طرف خوف پکڙجي ٿو ته ٻئي طرف وري ناياب پکين جو رت وهايو وڃي ٿو، شھر جي مختلف ھنڌن تي انهن انمول خوبصورت پکين کي ٽڪي ٽڪي تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جيئن ڪڪڙ وڪرو ٿين ٿا، پکين کي ماريندڙن جي شڪل به انسان جھڙي نه ھوندي، انهن شڪارين جي چھري تي ھڪ ڀوت نما نظر ايندو آھي.

لاڙ جتي ھر طرح سان سڪون ھجي اتي وري مھمان ٿي پناهه لاءِ پھتل پکين کي 5 منٽ ۾ موت طرف ڌڪيو وڃي ٿو، انهن ئي پرديسي پکين جي شڪار لاءِ هتي قطر ۽ سعودي عرب جي شھزادن جي آمد به ٿيئڻ واري آھي، مختلف ھنڌن تي انھن جي رهائش لاءِ تنبو لڳايا ويا آھن، جتي اھي عرب شھزاده سرعام شڪار ڪندا ۽ ان بعد اھي پکين کي وڏي تعداد ۾ نه رڳو کائيندا آھن، پر مختلف طريقن سان ڪيميڪيل لڳائي انھن کي پيڪ ڪري کڻي به ويندا آھن، اسانجا بکيا ماڻھو وري انھن مارين جي خوف ميزباني ڪندا آهن، بس اهي رڳو انهن عرب شهزادن کان ڪجهه رقم حاصل ڪري وٺڻ لاءِ ڪندا آهن.

سنڌ اهڙي ڌرتي آهي، جتي هر پناهه لاءِ ايندڙ کي نه صرف پناهه ڏني ويندي آهي، پر ان سان وڏو خلوص ۽ محبت وارو رويو رکيو ويندو آهي، پر نه ڄاڻ هنن پکين جيڪي پنهنجا جان بچائڻ لاءِ خاطر پري پري کان سفر طئي ڪري هتي پناهه لاءِ پهچن ٿا انهن سان اهڙو ظالماڻو رويو ڇو ٿو رکيو وڃي، هڪ ميزبان مهمان ٿي ايندڙ پکي جي رت سان پنهنجا هٿ رڱي ٿو ۽ ان کي ماري، چيري ڦاڙي کائي چٽ ٿو ڪري، اهڙي صورتحال ۾ وائيلڊ لائيف کاتي کي انهن ناياب ۽ انمول پکين کي بچائڻ لاءِ تڪڙا ۽ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙن ماڻهن جيڪي انهن پکين جي پهچڻ کان اڳ ئي بندوقون ۽ ڄار تيار ڪري ويٺا آهن، انهن کي سوگهو ڪيو وڃي ته جيئن هي ناياب پکي وڏي نقصان کان بچي ۽ پنهنجي ماڳن تي واپس ٿي سگهن، مرشد لطيف به مارين کي پٽون پاراتا ڪجهه هن ريت ڏنا آهن:

ماريِ مَرين شالَ! ڍَٻَ وَڇَنَئيِ ڍَٻِيوُن

جِئن تو اچي ڪالَ وڌو وِچُ  وِرِهَنِ  کي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.