گذريل ڪيتري ئي وقت کان سنڌ ۾ ڀاڻ جو ھٿرادو بحران پيدا ڪري ان کي بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. جنھن جي خلاف سنڌ جا آبادگار ۽ سول سوسائٽي جا ماڻھو سراپا احتجاج آھن. خبر موجب سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران محراب پور ۾ ڀاڻ مافيا خلاف ڌرڻو ڏنو ويو، ٽي ڪلاڪن تائين جاري رھندڙ ڌرڻي ۾ ڳالھين لاءِ ڪو به انتظاميه جو ماڻھو نه پھتو، جنھن بعد ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھو ريلي جي صورت ۾ ڀاڻ مافيا خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي طرف روانا ٿيا، پر پوليس کين اڳتي وڃڻ نه ڏنو ته ريلي ۾ شريڪ ماڻھن ھڪ ڀيرو ٻيھر ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، ان کان سواءِ ڀاڻ مافيا خلاف سنڌ جي مختلف شھرن مان پڻ احتجاج جون خبرون رپورٽ ٿي رھيون آھن، پر سندن دانھن ۽ ڪوڪن جو اڃان تائين ڪو کڙتيل ناھي نڪتو ۽ ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو بدستور جاري آھي.
جيڪڏھن سنڌ جي مختلف شھرن جي ڊيلرن جا دڪان جاچي ڏسبا ته اھي اڪثر خالي پيل ھوندا آھن، جيڪي عام ۽ اڻ واقف گراھڪن کي ڀاڻ نه ھجڻ جو چئي موٽائي ڇڏيندا آھن، پر اھي ئي ساڳيا دڪاندار مھانگي اگھ تي ڀاڻ به ڪنھن کي ڪنھن وڏيري يا ڪاموري جي سفارش کان سواءِ ناھن ڏيندا. ڇو ته سفارش ڪندڙ شخص ھڪ طرح جو ضامن ٿي ويندو آھي ته ڀاڻ خريد ڪندڙ ھمراه ڪا واويلا ۽ ڌاڙ گھوڙا نه ڪندو. ڏٺو اھو ويو آھي ته عام طور تي واپارين جا دڪان خالي ۽ سندن گودام ڀاڻ سان ڀريل ھوندا آھن، اھي جنھن کي به ڀاڻ ڏيڻ چاھيندا آھن ته کيس ھڪ پرچي لکي ڏني ويندي آھي، جيڪا گودام تي ويٺل واپارين جي ملازمن کي ڏيکاري ويندي آھي، جنھن کان پوءِ کيس گھربل ڀاڻ جون ٻوريون مھيا ڪيون وينديون آھن، ڪن ھنڌن تي ته واپاري باقاعدي ڀاڻ جو مرضي وارو اگهه لکي دڪانن تي بورڊ آويزان ڪيون ويٺا آھن، پر مجال آھي جو ضلعي انتظاميه کانئن پڇاڻو ڪري.
سنڌ ۾ ڀاڻ جو بليڪ تي ٿيندڙ وڪري وارو عمل ڇا ضلعي انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت کان لڪيل ڍڪيل آھي؟ ڇا اھو ڪم واپاري اڪيلي سر سرانجام ڏئي سگھن ٿا؟ نه ھرگز نه ان ڪڌي عمل ۾ ھڪ منظم مافيا ملوث آھي، جنھن ۾ بااثر ماڻھو ۽ انتظاميه جا ڪارنده پڻ شريڪ آھن. جيڪڏھن ايئن نه ھجي ھا ته شھرن ۾ قائم واپارين جي گودامن ۾ ھزارين ٻوريون موجود آھن ۽ اھي بليڪ تي وڪرو ٿين پيون پر اھو سڀ ڪجھ ضلعي انتظاميه کي نظر ڇو نٿو اچي؟ جڏھن ته ڀاڻ جي ھٿرادو بحران ۽ بليڪ تي وڪري جي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار وقت بوقت ان جي نشاندھي پڻ ڪندا رھندا آھن، پر ضلعي انتظاميه پاران اڄ ڏينھن تائين نه ته واپارين خلاف ڪا ڪارروائي ٿي سگھي آھي ۽ نه ئي وري آبادگارن جي ڪا داد رسي ڪرڻ لاءِ ڪو تيار نظر اچي ٿو. حيرت جي ڳالهھ اھا آھي ته ھڪ ويڊيو ڪلپ ۾، جيڪو تازو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آھي، ڏٺو ويو آھي ته ھڪ لاڳاپيل عورت آفيسر احتجاج ڪندڙ آبادگارن جا جائز مطالبا مڃڻ ۽ سندن واھر ڪرڻ جي بدران دڙڪا داٻا ڏئي کين ھيسائڻ ۽ خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.
نه رڳو ھارين کي مھانگي اگھه تي ڀاڻ وڪرو ڪيو وڃي ٿو، پر اڪثر اھي شڪايتون پڻ ٻڌڻ ۾ اچڻ ٿيون ته ڀاڻ پڻ نقلي ملي ٿو، جنھن کي پاڻي ۾ وجھڻ سان مٿان ٿيل رنگ لڙھي ۽ لھي وڃي ٿو، ۽ اندران بجرو ظاھر ٿي پئي ٿو، بجرو عام طور تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿيندو آھي. جنھن کي ھاڻ جعلي ڀاڻ ٺاھڻ ۾ به استعمال ڪيو پيو وڃي. جعلي زرعي دوائون ۽ ڀاڻ سري عام دڪانن تي وڪرو ٿي رھيو آھي، جنھن جي خلاف دانھيو پڻ وڃي ٿو، پر ھارين جي مسئلي جو تدارڪ ٿيندي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
سنڌ ۾ ھر دور ۽ ھر مند ۾ ھتان جي ھارين جو استحصال ڪيو وڃي ٿو، جن کي پھريان فصل پوکڻ وقت طئي ٿيل قيمت تي ڀاڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ فصل لاھڻ دوران وري کين سرڪاري اگھ نٿو ملي، واپاري پنھنجي مرضي موجب کانئن سستي اگھ تي اناج خريد ڪندا آھن. سنڌ جي آبادگارن سان اھا سراسر ناجائزي آھي ھاڻ کين ڀاڻ مھانگو ڏنو پيو وڃي ۽ ڪڻڪ جي لاباري وقت وري کانئن ڪڻڪ سستي خريد ڪئي ويندي، جنھن سبب سنڌ جا آبادگار سدائين معاشي مسئلن جو شڪار رھندا پيا اچن، جن جي حالت سڌرڻ جي بدران ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي. زراعت ملڪي معيشت جي ڪرنگھي واري ھڏي جي حيثيت رکي ٿي، پر اسان وٽ ڄاڻي واڻي زراعت جي شعبي کي تباه ڪيو پيو وڃي، زراعت جنھن سان سنڌ جي آبادي جو ھڪ وڏو حصو لاڳاپيل آھي، جنھن جي گذر سفر جو واحد ذريعو فقط زراعت ئي آھي، ان لاءِ زراعت کي تباه ڪرڻ سنڌ جي ھزارين ماڻھن جو معاشي قتلام ڪري کين تباه ڪرڻ جي مترادف آھي. ان لاءِ ضروري آھي ته زراعت کي جديد گھرجن موجب ترقي ڏيڻ لاءِ پنھنجون ھڙئي صلاحيتون ۽ وسيلا ڪتب آڻجن ۽ ڀاڻ مافيا جي خلاف سخت حڪومتي قدم کڻڻ گھرجي ته جيئن سنڌ جا مظلوم آبادگار ڀاڻ مافيا کان آجا ٿي پاڻڀرا ٿي سگھن.