ڪراچي ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا گهٽجي نه سگهيا، هڪ ٻي وڊيو وائرل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا نه گهٽجي سگهيا ۽ عورت کي هراسان ڪرڻ جي هڪ ٻي وڊيو سامهون اچي وئي آهي. ڪراچي جي علائقي  ڪورنگي ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار طرفان عورت سان نازيبا حرڪت ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائر ٿي وئي آهي. سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ موٽر سائيڪل سوار کي واٽ ويندڙ عورت سان نازيبا حرڪت ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ڪورنگي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت ڪا شڪايت ناهي ملي، سي سي ٽي وي جي مدد سان جاچ  ڪئي پئي وڃي.

اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ مقرري ۽ پگهار نه ملڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مان ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي ترقي  ڏيڻ کانپوءِ 10مهينن تائين مقرري ۽گريڊ 18 جي پگهار نه ڏيڻ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، سروسزکاتي جي سيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن جي چئيرمين ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 22 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته 17کان 18 گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي پر جارچ نه ڏيڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي درخواست ڏني، حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر وٽ ميرپورخاص جي اضافي چارج آهي پر مون کي مقررنٿو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.