اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ نيب ترميمي آرڊينس جي مدي ۾ 120 ڏينهن واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيو جنهن ۾ نيب ترميمي آرڊيننس ۾ واڌ جي قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪندي نيب ترميمي آرڊيننس ۾ 120 جي واڌ ڪري ڇڏي . قرارداد پيش ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر اعتراض ڪيو ته سپريم ڪورٽ نيب آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو آهي پوءِ اڄ ڇو پيو پيش ڪيو وڃي؟ جنهن تي(ن) ليگ جي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي اهو اسان جو اختيار آهي اسان هن کي پاس ڪنداسين. جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ نيب ترميمي آرڊيننس جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي. ڪامران مرتضيٰ چيو ته آرڊيننس جي واڌ بغير سوچ ويچار جي ڪئي وئي. اڄ سپريم ڪورٽ ۾ طئي ٿي ويو آهي ته صدر چونڊن جي تاريخ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو هاڻ صدر کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. اڳوڻي ناڻي واري وزير سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ماضي ۾ خراب ڪيل شين کي هاڻ صحيح ٿيڻ گهرجي. ميمبرن کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو ويو. پاڻمرادو نوٽيس تي ڪيترائي تڪراري فيصلا آهن پاناما به انهن مان ئي هڪ آهي.