ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ سرڪار جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ميرپورخاص ڊويزن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن، معاملو اينٽي ڪرپشن کي منتقل، لاڳاپيل کاتي جي چيف انجنيئرن ۽ ٻين عملدارن کان رڪارڊ طلب، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي اسڪيمن، ڊرينيج ۽ ٻين منصوبن لاءِ جاري ڪيل اربين رپين جي فنڊن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، منصوبن ۾ ڪرپشن ٿيڻ ۽ منصوبا مڪمل نه ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچايو ويو آهي، جنهن بعد معاملو اينٽي ڪرپشن ۾ هليو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن جي اختيارين ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئرن، ايڪسئين، ۽ چيف انجنيئرن کي ليٽر لکي ٽنهي ضلعن ۾ پاڻي، ڊرينيج ۽ ٻين منصوبن ۾ ٿيل ڪرپشن تي سمورن ٺيڪن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، اختيارين ليٽر ۾ ڄاڻايو آهي ته مالي سال 2020 کان 2023 تائين اسڪيمن لاءِ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي خزاني کي پهچايل نقصان بابت رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، ته منصوبن جي لاڳت ڪيتري ٿي آهي، فنڊ ڪٿي ڪٿي استعمال ٿيا آهن.