آشيانه ريفرنس: شهباز شريف ۽ ٻين جي بريت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ

لاهور(م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت آشيانه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف، فواد حسن فواد ۽ احد چيمه سميت ٻين جوابدارن جي بريت جي درخواستن تي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ان سلسلي ۾ 7 نومبر تي فيصلو ٻڌائيندي. احتساب عدالت جي جج ملڪ علي ذالقرنين اعواڻ اڳوڻي وزير اعظم شهباز شريف ۽ ٻين جوابدارن جي بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. احتساب عدالت شهباز شريف،فواد حسن فواد کي حاضري کان ڇوٽ ڏئي رکي آهي

  • موبائل فونن جي آمدني واپار ۾ 364 سيڪڙو گهٽتائي

اسلام آباد(م ڊ) موبائل فونن جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 3 ماهي ۾ ساليانو بنيادن تي نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ ۽ پي بي ايس طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پهرين 3 ماهي ۾ موبائل فونن جي آمدني واپار تي 15.36 ملين ڊالر جا ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 364 سيڪڙو جي گهٽتائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.