¨ ڀارت ۾ هلندڙ ون ڊي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ۾ جتي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي ڳڻتي جوڳي رهي آهي اتي ان ٽيم جي رياستي نظام سان هڪجهڙائي به نمايان ٿي آڏو آئي آهي.
¨ رياستي نظام ۾ جيئن شفاف چونڊن جو تصور ناهي، اليڪشن بدران سليڪشن جو رواج رهيو آهي ۽ جيئن مدو پورو ڪرڻ کان اڳ سول حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪري ملڪي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي تيئن ئي ڪرڪيٽ جو نظام به هلي رهيو آهي.
¨ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين به بنا چونڊ جي سلڪيٽ ڪيو ويندو آهي، جنهنجي حڪومت هوندي آهي سائي پنهنجو ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪندي آهي. ملڪ جو وزيراعظم ئي ڪرڪيٽ بورڊ جو سرپرست اعليٰ هوندو آهي ۽ اهوئي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين چونڊيندو آهي.
¨ جيئن حڪومت پنهنجو مدو پورو ناهي ڪندي، تيئن ئي حڪومت جي وڃڻ سان ان جي مقرر ڪيل چيئرمين جي به ڪرسي خالي ڪرائي ويندي آهي.
¨ ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين تبديل ٿيندو آهي ته ان سان گڏ سليڪشن ڪاميٽي به تبديل ٿي ويندي آهي. تنهن ڪري ڪرڪيٽ جي پاليسين ۽ ٽيم جي سليڪشن ۾ تسلسل ناهي رهندو.
¨ سال 2023ع جي موجوده ورلڊ ڪپ ۽ ان کان اڳ ٿيل ايشيا ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ان پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي.
¨ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جڏهن عمران خان وزيراعظم هو ته ان جيئن ناڻي جا وزير تبديل ڪيا تيئن چئن سالن اندر پهريون هن احسان مانيءَ کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو ۽ آخر ۾ رميز راجا کي چيئرمين مقرر ڪيو.
¨ عمران خان وزارت عظميٰ جي عهدي تي نه رهيو ته شهباز شريف جي حڪومت، نجم سيٺيءَ کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو پر اڳتي هلي پي ڊي ايم جي اتحادي پارٽيءَ پ پ اصرار ڪيو ته معاهدي موجب ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جو عهدو پ پ جي کاتي ۾ اچي ٿو سو اها ڪرڪيٽ بورڊ جو پنهنجو چيئرمين مقرر ڪندي ۽ نجم سيٺي کي هٽائي وري ذڪاء اشرف کي مقرر ڪيو ويو.
¨ هي اهو وقت هو جڏهن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ لاءِ ٽيم کي مضبوط تياري جي ضرورت هئي پر ان وقت ڪرڪيٽ بورڊ جا حڪومت سان سلهاڙيل مسئلا ئي هلي رهيا هيا.
¨ اصولي طور تي ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کي ڏسندي رميز راجا کي ئي چيئرمين جي عهدي تي برقرار رکڻ گهرجي ها جيئن تسلسل سان ٽيم جي، انهن اهم ٽورنامينٽ لاءِ تياري ٿي سگهي ها.
¨ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين وانگر ٽيم جو ڪوچنگ اسٽاف ۽ سليڪشن ڪاميٽي جا ميمبر به تبديل ٿيندا رهيا جنهنڪري ان سطح تي به ڪم نه ٿي سگهيو.
¨ نجم سيٺيءَ، ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي اڳوڻي دورجي ڪوچ مڪي آرٿر ۽ سليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين انضام الحق کي وري مقرر ڪيو باوجود ان جي ته مڪي آرٿر مصروفيت سبب پهريون ئي جواب ڏنو هو پر نجم سيٺيءَ اصرار ڪيس ته آن لائين ڪوچنگ به ڪري سگهي ٿو. اهو فيصلو به غلط ثابت ٿيو.
¨ ايئن مڪي آرٿر جي مصروفيت سبب به موجوده ٽيم کي فل ٽائيم ڪوچ جي سهولت نه ملي سگهي. مطلب ته حڪومتن وانگر ڪرڪيٽ بروڊ ۽ ان جو اسٽاف به تسلسل سان قائم نه رهي سگهيو جنهن سبب ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي تي انتهائي خراب اثر پيو.
¨ نجم سيٺي کانپوءِ آيل ذڪاءِ اشرف وٽ ايترو وقت به نه هو جو هو ،نئون ڪوچنگ اسٽاف ۽ سليڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪري سگهي تنهن ڪري هاڻي هو ٽيم جي موجوده خراب ڪارڪردگي جو ذميوار نجم سيٺي کي قرار ڏئي رهيو آهي.
¨ جيئن رياستي نظام ۾ ننڍن صوبن سان زيادتيون ٿينديون رهيون آهن تيئن ڪرڪيٽ ۾ به ننڍن صوبن جي ڪرڪيٽ کي نظرانداز ڪرڻ سان به ٽيم کي ”قومي“ قبوليت نه ملي سگهي آهي. ميرٽ تي پليئر نه کڻڻ سبب به مجموعي طور تي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
¨ اها ته پراڻي ڳالهه آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جڏهن به ورلڊ ڪپ ۾ هارائيندي آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪوچنگ اسٽاف، سليڪشن ڪاميٽي ۽ ڪپتان وغيره کي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي پر هن ڀيري افسوس جوڳي جيڪا نئين روايت قائم ڪئي وئي آهي. سا اها ته هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ئي ڪرڪيٽ بورڊ، ڇهن ميچن مان چئن ميچن ۾ هارائڻ تي انڪوائري شروع ڪري ڏني آهي ۽ اڳتي جي رٿابندي ڪرڻ شروع ڪئي جنهن سان به ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف، سليڪشن ڪاميٽي ۽ ڪپتان ذهني طور پريشان ٿي ويا آهن.
¨ آخري رپورٽون آهن ته ڪرڪيٽ بورڊ جي ان رويي تي احتجاجن چيف سليڪٽر انضام الحق استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
¨ بهرحال ڪجهه به هجي پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته نه رڳو پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رياستي نظام جي مجموعي ڪارڪردگي جو به ايئن جائزو وٺڻ گهرجي. رياستي نظام درست هوندو ته ڪرڪيٽ بورڊ جو نظام به صحيح دڳ لڳي ويندو جيڪو پڻ رياستي ۽ حڪومتي نظام سان سلهاڙيل آهي.