عمران خان جي معافي تلافي جا معاملا

انصار عباسي

پهرين ته اها  حقيقت تسليم ڪرڻ گهرجي ته موجوده صورتحال ۾ سياسي پارٽيون ۽ سياستدان گھڻا ڪمزور ٿي چڪا آهن ۽ ان جو وڏو سبب 9 مئي آهي.جڏھن عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تحريڪ انصاف جي ووٽرن ۽ حمايتين پاران لڳاتار فوج تي حملا ڪيا ويا. فوج، حڪومت، پوليس ۽ انٽيليجنس ايجنسين موجب اهي حملا هڪ سوچيل سمجهيل سازش جو نتيجو هئا، جنهن جي باقاعده رٿابندي ڪئي وئي ۽ ان سازش جو ماسٽر مائينڊ عمران خان هو.

عمران خان جو چوڻ آهي ته 9 مئي وارو واقعو تھ تحريڪ انصاف خلاف سازش هئي. ان سازش بابت فيصلو تھ عدالتون ڪنديون، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 9 مئي واري ڏينهن تحريڪ انصاف جي شرپسندن  پاران فوج تي حملا ڪيا ويا، باهه لڳائي وئي، ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي.اها به پڪ آهي ته تحريڪ انصاف جي احتجاج ڪندڙن کي چيو ويو ھو ته احتجاج فوج خلاف ڪرڻو آھي ۽ ان لاءِ عمران خان جو هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين فوج مخالف بياني اهم ڪردار ادا ڪيو.

پهريان جنرل باجوه کي نشانو بڻايو ويو ۽ جڏهن نئون آرمي چيف جنرل عاصم آيو ته عمران خان ان کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڏنو. مٿس هر قسم جا الزام هنيا ويا ۽ 9 مئي جي واقعن تي شرمسار ٿيڻ ۽ مذمت ڪرڻ بدران ٻئي يا ٽئين ڏينهن موجوده آرمي چيف جو نالو وٺي کيس ئي ان صورتحال جو ذميوار قرار ڏنو ويو. آءِ ايس آءِ چيف، آءِ ايس آءِ،جي  ڊي جي سي ۽ ڪجهه ٻين جنرلن جا نالا کڻي انهن کي به نشانو بڻايو ويو.عمران خان لاءِ ته اها سموري سياست هئي ۽ 9 مئي هڪ ”جمهوري“ احتجاج هو، پر  هڪ طرف 9 مئي پاڪستان لاءِ ڪارو ڏينهن هو ته وري  ان جو مثال فوج جي سيني تي خنجر هڻڻ جهڙو هو.

9 مئي جو زخم فوج جي لاءِ گھڻو گھرو  آهي جنهن کي وساري نٿو سگهجي. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان لاءِ سياست جا رستا کولڻ ڪيترو ممڪن آهي؟ائين چئي سگهجي ٿو ته سمورا پاڪستان جي خاطر ماضيءَ کي وساري هڪ نئون سفر شروع ڪن.معافي تلافي ڪئي وڃي، نواز شريف کي بھ اهو ئي مشورو ڏنو پيو وڃي ته هو عمران خان سان هٿ ملائي ۽ کيس چونڊ سياست ۾ واپس آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

ان باري ۾ بحث ھي ڪيو پيو وڃي ته عمران خان اڃا تائين پاڪستان جو مقبول ترين اڳواڻ آهي ۽ تحريڪ انصاف مقبول ترين سياسي پارٽي آهي، جيڪڏهن انهن کي چونڊن کان ٻاهر رکيو ويو ته پاڪستان لاءِ سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. زميني حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڇا ائين ممڪن آهي ۽ جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا ؟

سڀ کان پهرين ڳالهه ته ڇا عمران خان 9 مئي جي واقعن تي معافي گهرندو؟ ڇا ھو پنهنجي  فوج مخالف ۽ پي ٽي آءِ جي فوج مخالف سوشل ميڊيا جي بيانيئي کي مٽائڻ جي لاءِ  قدم کڻندا؟  فوج ۽ سياسي مخالفن خلاف تحريڪ انصاف جي اندر پيدا ڪيل نفرت کي گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ؟

جيڪڏهن عمران خان ائين نٿو ڪري تھ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا فوج عمران خان کي معاف ڪري سگهي ٿي؟ فوج جي لاءِ 9 مئي جي واقعن کي ڇا عمران خان جي سياست لاءِ وسارڻ ممڪن ھوندو ؟جيڪڏهن معافي تلافي نٿي ٿئي۽  عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي اليڪشن وڙهڻ جو پورو موقعو ڏنو وڃي ٿو  ته پوءِ امڪاني طور تي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف ايندڙ چونڊون کٽي ويندا.چونڊن جو مقصد ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻ آهي. پر موجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن بنا معافي تلافي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف  حڪومت ٺاهين ٿا ته پوءِ پهرئين ڏينهن کان ئي نئين حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويندي، جنهن سان ملڪ ۾ بدترين سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيندو.

عمران خان،آرمي چيف سميت،ڪيترن ئي حاضر سروس جنرلن خلاف بار بار ڳالهايندو رھيوآھي ۽ فوج سان سڌي ويڙهه ڪئي آھي، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان يا تحريڪ انصاف جي نئين حڪومت جي شروعات ئي ، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ ھڪ وڏي لڙائي سان ٿيندي جنھن جو پاڪستان متحمل نٿو ٿي سگھي.

فوري طور تي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي لاءِ سڀني کان بهترين حڪمت عملي اها هوندي ته اهي ۽ سندس سوشل ميڊيا فوج ۽ فوج دشمني جي تاثر کي رد ڪرڻ جي لاءِ  ڌيان ڏئي ڪم ڪن ۽ نفرت ۽ گارين واري سياست کان پاسو ڪن.جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته مستقبل ۾ ڪجهه بهتري جي اميد آهي. باقي نھ تھ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف لاءِ  مسئلا  ئي نظر اچي رھيا آھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.