سنڌ  اندر تعليم ۽ نوڪرين ۾ ميرٽ جو ٿيندڙ قتل ۽ ان جا اثر

سنڌ ۾ ھڪ عرصي کان قانون جي لتاڙ جاري رھڻ سبب گڊ گورننس تي ھميشھ سوال اڀرندا رھيا آھن،پر بدقسمتي سان حڪومت توڙي ان سان لاڳاپيل اختيارين عوام جي اھڙي تڪليف کي نھ ڪڏھن محسوس ڪرڻ جي زحمت ڪئي آھي ۽ نھ ئي ان جي سببن کي ختم ڪرڻ جي ڪا سنجيدھ ڪوشش ڪئي آھي.اھڙي صورتحال ۽ ڪيفيت جي ڪري عوام جو قانون لاڳو ڪندڙ جملي ادارن سان وقت سان گڏوگڏ اعتماد کڄندو ويو آھي،سنڌ صوبائي حڪومت وٽ لڳ ڀڳ 40 مختلف کاتا آھن.جن وٽ پنھنجي مڪمل ٽيم آھي، ان جي ماتحت ڪم ڪندڙ گھرج موجب عملو پڻ مقرر ڪيل آھي پر شايد ئي ڪو اھڙو کاتو ھجي جنھن جي ڪارڪردگيءَ تي عوام مطمئن ھجي يا جنھن جي ڪارڪردگيءَ تي سوال نھ اڀرندو ھجي.

انگريزن جي دور حڪومت ۾ سول نوڪر شاھي ۾ سول سروسز جو ھڪ اسٽرڪچر متعارف ڪرايو ويو ھو،جنھن ۾ انوقت جي گڏيل ننڍي کنڊ ۾ نوڪرشاھي جي چونڊ لاءِ مقابلي وارن امتحانن سان ھوشيار،قابل، اھل ۽ باصلاحيت ڪامورن کان ھڪ امتحان ورتو ويندو ھو،جنھن بعد انھن کي نوڪرشاھي جو حصو بڻايو ويندو ھو.

اسان وٽ انگريزن جي ان عمل جي جاري رکندي پاڪستان ۽ ھندستان ۾ بھ انگريزن جي وڃڻ بعد بھ ساڳيو عمل جاري رھيو.جنھن ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ معيار ۾ تھ ڪمي بيشي ايندي رھي پر نوڪرشاھي جي خاص کيپ تيار ڪرڻ جي لاءِ اھو ئي سسٽم جاري رھيو آھي.

ھن وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بھ ان جو ئي ھڪ نمونو آھي،اھو ادارو مختلف کاتن ۾ گھربل انگ ۾  ڪامورن کي مقرر ڪرڻ جي لاءِ  چٽاڀيٽي جي امتحان جو اھتمام ڪندو آھي.ھن ڀيري پڻ ساڳي ريت ٿيو آھي،پر اڄ جي دور ۾ جيڪو ڪجھھ غلط ٿي ٿو ان بابت ڪافي شيون ۽ معاملا سامھون اچي ٿا وڃن،ڇاڪاڻ جو ھن وقت سموري دنيا ۾ ميڊيا جا نعم البدل ميڊيا جا ذريعا  موجود آھن.جنھن ۾ ھاڻوڪي امتحان ۾ ٿيل ناانصافي خلاف متاثر ٿيندڙ اميدوارن شڪايتون ڪيون جنھن سان اھو معاملو ھڪ وڏو اسڪينڊل بڻجي سامھون آيو آھي.متاثر ٿيندڙ اميدوران اھڙي عمل جي نندا ڪندي ان کي عدالتن ۾ چئليج ڪرڻ جو اعلان بھ ڪري ڇڏيو آھي.جنھن بابت ڪيئن سوال اٿي رھيا آھن.نتيجي ۾ امتحانن جو اھتمام ڪندڙ ادارو پنھنجي ساک  وڃائي رھيو آھي.گذريل ڏينھن سنڌي شاگرد تحريڪ پاران پڻ احتجاج ڪيو ويو.

شاگردن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سفارش ۽ رشوت عيوض نتيجا ڪڍڻ ، تعليمي ادارن جي فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، شاگرد يونين بحال نه ڪرڻ، يونيورسٽين جي گرانٽ ۽ تعليمي ادارن جي بجيٽ نه وڌائڻ، ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ ڪي ايس پي پاليسي، ميڊيڪل جو پرچو آئوٽ ٿيڻ ۽ تعليمي بورڊن ۾ گريڊن جي وڪري  خلاف اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين تعليم بچايو مارچ ڪيو ويو.مارچ ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن شرڪت ڪئي، شاگردن “سفارش تي ڀرتيون نامنظور، ميرٽ جي لتاڙ نامنظور، فين ۾ واڌ نامنظور، شاگرد يونين بحال ڪريو” جهڙا نعرا هڻي رهيا هئا.ان دوران تقريرون ڪندي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ فين ۾ واڌ ڪري غريب شاگردن کان تعليم جو حق کسيو ويو آهي.

جاگيردار، سردار، سرمائيدار حڪمرانن غريبن جي ٻارن جي تعيلم حاصل ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن رشوت عيوض نوڪريون وڪرو ڪري اھل نوجوانن جو مستقبل تباھ ڪيو ويو آھي، نوجوانن جو اتساهه ختم ڪيو ويو آهي، سنڌ جا تعليمي بورڊ گريڊ وڪري جي منڊي بڻيل آھن.شاگردن جو چوڻ ھو تھ سنڌ يونيورسٽي سالياني فين ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪري غريب شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا بند ڪيا آھن.سنڌ يونيورسٽي ستن مھينن ۾ 45 سيڪڙو کان وڌيڪ فين ۾ واڌ ڪري شاگرد دشمني ڪئي آھي. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلائن تي پابندي مڙھي وئي آھي.

ساڳي ريت ڪجھھ وقت اڳ ميڊيڪل ۾ داخلا جي لاءِ ھٿرادو جوڙيل ھڪ منجھيل امتحان ورتو ويو،جنھن ۾ پڻ ميرٽ جي سرعام لتاڙ  سامھون اچي وئي.ميڊيڪٽ جي ھن امتحان ۾ ھميشھ ميرٽ کي نظرانداز ڪيو ويندو آھي ۽ اھڙي قسم جي ڪيترن ئي امتحانن وقت اڪثر ان جو پرچو آئوٽ ٿي ويندو آھي،جنھن ڪري شاگردن جو خيال آھي تھ وڏي رشوت ۽ سفارش ڪلچر سڄي کي ھٿ سان پکيڙي اھل شاگردن جي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي.

اھو سڀ ڪجھھ ھڪ وقت کان ٿي رھيو آھي پر لاڳاپيل ادارا اھڙي لتاڙ تي سوچڻ ۽ ان جي سببن کي ختم ڪرڻ يا ڪنھن بھتر صاف  ۽ شفاف تعليمي ماحول يا نوڪرين جي لاءِ اصل ميريٽ ڏانھن ڌيان نٿا ڏين.اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جو شاگرد اھوسمجھي ٿو تھ ھٿ سان سنڌ ۾ تعليم کي تباھ ڪيو پيو وڃي.جنھن ڪري شاگردن ۾ مايوسي پيدا ٿئي ٿي ۽ عام ماڻھون ۾ تعليم دشمن رويا پيدا ٿي رھيا آھن،جنھن جي سموري ذميواري وقت جي حڪومت ۽ ان جي نوڪرشاھي تي پئي ٿي.سنڌ ۾ ميڊيڪل واري امتحان جي اڳوڻن نتجين کي رد ڪندي اھي ٻيھر وٺڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آھي پر ان جي ذميوارن کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪو قدم نھ کنيو ويو آھي.

صوبائي  صحت کاتي موجب ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 19 نومبر تي ٿيندي.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي اهتمام هيٺ ٽيسٽ ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيندي. جيڪا صبح ساڍي 10 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين هلندي. صحت کاتي موجب امتحاني مرڪز ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اميدوارن جي تلاشي ورتي ويندي ۽ ان دوران موبائل فون، ڪلڪيوليٽر ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائسز آڻيندڙ اميدوار جو پرچو رد ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جي والدين ۽ مٽن مائٽن کي امتحاني مرڪز جي احاطي ۽ ڀرپاسي ۾ رهڻ جي اجازت نه هوندي.

اميد ڪجي ٿي تھ ھن امتحان  جو ڪو بھتر نتيجو نڪرندو ۽ شاگردن جي ميرٽ جو قتلام نھ ٿيندو.ڇاڪاڻ جو اھڙي عمل سان اختياريون ھٿ سان سموري سماج کي مفلوج بڻائي رھيون آھن،جنھن جو زندگيءَ جي ھر ميدان ۾ منفي اثر پوڻ جو خطرو رھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.