مٽياري واسي ٽيڪسي ڊرائيور زاهد ميمڻ بازياب نه ٿيو، تشدد جون وڊيوز جاري

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) ملتان  سبزي منڊي ۾  ڪيلا  کپائڻ ويل مٽياري واسي ٽيڪسي ڊرائيور  زاھد ميمڻ ڏيڍ مھينو گذرڻ باوجود ڌاڙيلن وٽان آزاد نه ٿي سگهيو، پورھيت جي گھر ۾ ماتم متل، سوڳ واري صورتحال، ڌاڙيلن پاران مغوي جي بازيابي لاءِ وارثن کان پنجويھ لک ۽ ٻه آئي فون گهريا ويا آهن، ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ تان مغوي ٽيڪسي ڊرائيور کي ڪھاڙيون هڻي وڊيوز  وارثن کي موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي، ڌاڙيلن پاران مغوي جي ڀاءُ شاهد ميمڻ کي فون ۽ وڊيو جاري ڪندي چيو ويو آهي ته پنجويھ لک ۽ ٻه آئي فون خريد ڪري وڊيو ٺاھي نه موڪلي وئي ته مغوي کي ڪھاڙيون هني قتل ڪرڻ بعد اوهان کي وڊيوز موڪلينداسين، رپورٽن موجب ڌاڙيل مغوي ٽيڪسي ڊرائيور کي اگاهڙو ڪري  جسم تي ڏنڀ ۽ تشدد جي وڊيوز وارثن کي موڪلي وئي آھي جنھن ۾ ڌاڙيل مغوي کي زنجير ھڻي اگھاڙو ڪري تشدد ڪري رھيو آھي تشدد سبب مغوي جي جسم مان رت ۽ جسم تي ڏنڀ جا نشان آھن، مغوي ٽيڪسي ڊرائيورزاهد ميمڻ وارثن کي وائس ميسيج ڪري چيو ته خدا جي واسطي رقم ڏئي مھنجي جان بچائي وڃي ڌاڙيل مونک ي ڪھاڙين سان ماري وڊيو ڀري موڪليندا اوھان ڏسي نه سگھندئو، عوامي آواز سان ڳالهائيندي مغوي جي ڀاءُ شاھد ميمڻ چيو ته منهنجي ڀاءُ کي مٽياري مان ڪيلا کڻي ملتان سبزي منڊي وڃڻ بعد اغوا ڪيو ويو، غريب آهيون، ڌاڙيل ڀاءُ مٿان تشدد ڪري رهيا آهن، ايترا پئسا ناهن جو هنن کي آزاد ڪرايون، ڪنهن مدد ناهي ڪئي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، آءِ جي پنجاب منهنجي ڀاءُ کي آزاد ڪرائن، جڏهن ته مغوي ٽيڪسي ڊرائيور جي بازيابي لاءِ وارثن پاران راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون ويون آھن، علاقائي ذريعن موجب صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين علاقي جي باثر شخصيتن پاران مغوي جي بازيابي لاءِ  راڄوڻي ڪوششون ھلندڙ آھن، پنجاب پوليس ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ عملدارن سان گڏ  ٻين علائقن جي بااثر شخصيتن سان رابطا ڪري مغوي جي بازيابي لاءِ مدد لاءِ چيو ويو آھي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.