جده (م ڊ) عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابوالغيظ چيو آهي ته غزه ۾ بنيادي ڍانچي ۽ واٽر سپلاءِ نيٽ ورڪ کي تباهه ڪرڻ جنگي ڏوهه آهي. سعودي خابرو اداري مطابق هن چيو ته اسرائيل غزاکي باهه جو ڍير بڻائي اتي جي آبادي کي ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور نه ٿو ڪري سگهي. هن علائقائي ۽ عالمي تنظيمن جي ڇهين قاهره واٽر ويڪ جي سرگرمين دوران چيو ته غزه ۾ بنيادي ڍانچي ۽ پاڻي جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪرڻ جنگي ڏوهه آهي. تازو قاهره ۾ منعقد امن سربراهي اجلاس دوران ابو الغيظ غزه تي وحشياڻي اسرائيلي بمباري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو ته غزا جنگ جاري رهي ته ان سان عالمي جنگ لڳڻ جو خدشو آهي.