نيويارڪ(م ڊ) غزه تي اسرائيلي حملا جاري رهيا ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 150 ڊالر في بيرل کان به وڌي سگهي ٿي.ورلڊ بينڪ خبردار ڪيو آهي ته 1970 واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن وڏن تيل پيدا ڪندڙ ملڪن سپلائي ۾ گهٽتائي ڪئي.ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن غزه تي اسرائيلي حملا جاري رهيا ته توانائي ۽ کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي سگهي ٿو، يوڪرين جي جنگ ۽ هاڻ غزه جنگ سبب ڪموڊٽي مارڪيٽ لاءِ اهو ٻٽو صدمو هوندو.