ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محمد زبير جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) حڪومت ڏکيا فيصلا ڪيا، ان ڪري ئي نگران حڪومت رليف ڏيڻ جي قابل ٿي، پ پ کي جيڪڏهن ايتري تڪليف هئي ته ساٿ ڇو ڏنو،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد زبير چيو ته سنڌ مان عورت ڪارڪنن جو ايترو وڏو انگ ڪڏهن به لاهور نه ويو آهي.هن چيو ته ڄام ڪرم علي جي شموليت سان سنڌ ۾ ن ليگ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه چيو ته ڄام ڪرم علي مسلم ليگ ن ۾ غير مشروط شموليت اختيار ڪئي ۽ کيس ڀليڪار ڪيو.