چيف جسٽس فائز عيسيٰ جي قابل فخر شروعات

تحرير: حميده گهانگهرو

وقت ۽ تاريخ اهڙا اڻ مٽ سوال آهن جيڪي ورقن ۾ قلمبند نه هجن ته انساني سياسي، سماجي سوچ ويچار ۾ ثبوت طور ڪير گواهي ڏيندا. اهڙيءَ طرح تاريخ جو جائزو صاف شفاف شيشي  جيان هوندو آهي جيڪو سڄو عڪس ڏيکاريندو آهي. توڻي جو کڻي هاڻي شيشي جي پويان اهڙي پالش ٿيل هوندي جيڪا پوئتي رکيل کي ڍڪي ڇڏيندي آهي. پر جي اها پالش لهندي ته شيشي جا ٻئي رخ ۽ عڪس واضح نظر ايندا. تاريخ به ڪجهه اهڙين حقيقتن کي ظاهر ڪندي ضمير جو عڪس ڏيکاريندي آهي. لفاظي، مصلح پسندي، ڪوڙ، ڏاڍ جا پردا ڪيترا به مضبوط هجن آخر هڪ نه هڪ ڏينهن ڪنهن طوفان جي جهولن ۾ جهري پوندا.

اهڙي طرح جسٽس فائز عيسيٰ حلف کڻندي پنهنجي جيون ساٿياڻي سرينا عيسيٰ کي پاڻ سان گڏ بيهاريندي تاريخ جو هڪ ورق ريڪارڊ ڪرايو آهي مثال طور صرف اهو نه ته عورت مرد جي برابر آهي بلڪه عملي طور مرد ۽ عورت جي گڏيل رضامندي ۽ ساٿ واري سوچ عورت ۽ مرد کي ڪامياب ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي، هونئن به جيڪڏهن ڏسجي ته مرد جي ڪاميابي اسڪرين تي ته نظر ايندي پر پردي پويان عورت جو وڏو ساٿ هوندو. اها ڳالهه صرف جسٽس فائز عيسيٰ لاءِ ناهي پر سماج جي هر پورهيت، سياسي سماجي ڪردارن ۾ عورت جو اهم رُتبو آهي.

ڏسجي ته اهڙي جرئت جو عملي فيصلو سرينا عيسيٰ ڪري سڀني عورتن لاءِ مثال قائم ڪيو آهي. ماضيءَ ۾ حڪومت سندس آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جا ڪيس لنڊن ۾ فليٽ ٺاهڻ ۽ پي ٽي آءِ جي درخواست تي صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرايو. ملڪ جي اقتدار ۾ آيل اڳواڻن جو اهو لاڙو رهيو آهي ته ماضيءَ جي حڪومتن تي سڄي بحران جي ذميواري قرار ڏيڻ ۽ سندن مخالفن کي مختلف طريقن سان ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي روايت رهي آهي. ڇو وساريو ٿو وڃي ته اليڪشن ۾ کٽيندڙ اڳواڻن کي عوام کان بد زن ڪندي پنهنجي سياسي ۽ انتقامي روين ۾ الجهايو وڃي ٿو. جڏهن اقتدار کان وڇڙي ٻاهر بيٺل نظر ٿا اچن ته سندن محلاتن ۾ نوٽن جا گدام ۽ سڪن جون ڊالرن سان پالش ڪيل ديوارون سندن سڪون ۽ آرام جو سبب رهيون. اهڙي صورت ۾ انهن کي ڪهڙي خبر ته غريب عوام بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جي ور چڙهي بنيادي ضرورتن کان محروم ڪکاون ۽ ڪچن گهرن ۾ ڪيئن پنهنجي زندگي گذارين ٿا.

عدالتن کان مليل انصاف جي اميد سالن جي سفر ۾ آخر حق گهرڻ واري التجا کان به مايوسين جو شڪار ٿيندي نظر ايندا. اهڙي صورت ۾ جسٽس فائز عيسيٰ عوام جو سگهارو چيف جسٽس ٿي اڀرندي نظر اچي ٿو. سندس پهريون ڪارنامو ته عدالت جي ڪارروائي کي سڌو سنئون ڏيکارڻ سان نه صرف حقيقت جي خبر پوي ٿي بلڪه وچ جي ڪنهن به پروپئگنڊا کي بي نقاب پڻ ڪري سگهبو. جنهن مان ظاهر ٿئي و ته فيصلي ڪرڻ واري عدالت خود عوام جي عدالت ۾ موجود آهي. انهيءَ ڪري اها اميد رکي سگهجي ٿي ته ملڪ جي تباهه ٿيندڙ ادارن جو به تدارڪ ڪيو ويندو. قومن جي خوشحالي ۽ ملڪي معيشت جي ترقي بين الاقوامي طور بهترين سڃاڻپ جي دائري ۾ نظر ايندي. پاڪستان اسٽيل، مشين ٽول فيڪٽري مان جبري ملازمن کي فارغ ڪرڻ، پي آءِ اي تباهي جي ور چڙهي وئي. پنهنجا ذاتي جهاز ٺاهڻ سبب قومي سرمائي کي نقصان پهچائڻ. ادارن جي بحالي ۽ ملازمن جا سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ پيل ڪيسن تي مٽي ڄمي وئي آهي. آخر ڪو ته انصاف هئڻ گهرجي.

عدالتن جا جج قومن جا مسيحا هوندا آهن. ۽ مسيحا عوام جي مقدر کي بهتر ڪرڻ جا ٻرندڙ شمعدان هوندا آهن. چيف جسٽس حلف کڻڻ کانپوءِ صدر عارف علوي سان هٿ نه ملايو بلڪه منهن ڦيري ڇڏيو. اخلاقي طور اها ڪا سٺي روايت ناهي پر آخر ڪير ته مسيحا اهڙو پيدا ٿيندو جنهن کي عوام سان ڪيل ناانصافين ۽ زيادتين جو احساس نظر ايندو.

وينزويلا ۾ هوگو شاويز آيو ته هن ايندي شرط سڀ کان پهرين مزدورن جي سڌارن ۽ مفت علاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو، بلڪه 20،000 هزار ڊاڪٽرس ٻاهرين ملڪن مان گهرائي صحت فري ڪري عوام کي رليف ڏنو. ڪيوبا کان چي گويرا جي ڌيءَ چي جي شهادت وقت پيءُ کي به نه ڏسي سگهي هئي ۽ سندس جذبو ايترو اتساهيندڙ هو جو وينزويلا ۾ اچي غريب عوام لاءِ صحت مرڪزن ۾ پنهنجون خدمتون ڏنيون. انهيءَ جذبي جا رهنما ڪنهن به مصلحت پسندي جي هٿ ملائڻ جا قائل ناهن هوندا. انهيءَ ڪري جڏهن آمريڪا جي صدر هوگو شاويز سان هٿ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ٻئي پاسي ڏسي هٿ ملائڻ کان انڪاري ٿي ويو.

توڻي جو کڻي هتي ڪيترا بي رحم واقعا ۽ انصاف جو گونگو ٻوڙو ٿيڻ معمول بڻيل آهي پر تنهن هوندي به

ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛

ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛

تَنهِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنهِن مُحبَتي ميڙِيا.

ڏسجي ته مظلوم طبقي جا ماڻهو صرف اعتماد ۽ ڀروسي تي خوش رهندا آهن. ۽ لازمي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عوام جي اميدن جو يقين جو ڀرم رکندو. سندس گهر واري جو حلف دوران گڏجي بيهڻ به عورت جي رجعت پسند سوچ کي للڪاري عورت جي حق ۽ آزاديءَ لاءِ مثال هوندو. نياڻين جا ايذاءَ ڏيندڙ واقعا ۽ سندن غريب مائٽن جي بي وسي ۾ دٻاء تحت بيان مٽرائي خون لوڙهيا ٿا وڃن انهن لاءِ بحيثيت عورت ۽ ماءُ ڀيڻ جي ضرور انصاف جا بند دروازا کولڻ ۾ مددگار ٿيندا. پنهنجي جيون ساٿي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو مقصد سوچ فڪر سان هم آهنگي هئڻ آهي.

انهيءَ ڪري عوام لاءِ بهتر اميدون رکي سگهجن ٿيون ته آخر ظلم، ڏاڍ جبر جي ديوار ڪيستائين رهندي. قومن ۽ ملڪن کي بدلائڻ جون تقديرون ايمان دار ۽ مخلص رهنمائن جي هٿ ۾ هونديون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.