لاهور (ويب ڊيسڪ) انجيڪشن اسڪينڊل ۾ ملوث مک جوابدار بلال رشيد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب جوابدار کي ڳجهي اطلاع تي عارف والا جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻئي جوابدار نويد جي ڳولا جاري آهي، جنهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
واضح رهي ته غير معياري انجيڪشن سان شگر جي 40 مريضن جو نور متاثر ٿيو هو، غير معياري انجيڪشن سان شگر جي مريضن جي اک جا پردا متاثر ٿيا ۽ مريضن جي اکين ۾ انفيڪشن ٿيو.
ان حوالي سان صحت واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر جاويد اڪرم چيو ته لاهور جا لڳ ڀڳ 40 ماڻهو غير معياري انجيڪشن سان متاثر ٿيا، مارڪيٽ مان غير معياري انجيڪشنز جو سمورو اسٽاڪ کنيو ويو آهي.
Next Post
You might also like