چونڊن جو گوڙ ۽ عوام جي رياست کان بيزاري

تحرير: خالد سعيد

پي ٽي آءِ حڪومت جو مزو چکي ورتو ۽ هاڻي ان جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي. ان کان پوءِ پي ڊي ايم به حڪومت جو شوق پورو ڪيو ۽ هاڻي ڇڙوڇڙ  آهي.مڃيوسين تھ پي ٽي آءِ جي حڪومت نڪمي ۽ نالائق ھئي. پر، پي ڊي ايم، جي اچڻ سان ڪهڙو فرق پيو؟

اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو نالو ناهي، ميڊيا جي زبان بندي آهي، انساني حقن جي صورتحال خراب، سچ ڳالهائڻ تي غداري جا ڪيس ، تنقيد ڪندڙ راتو رات غائب ، اهو سڀ ڪجهه چونڊيل حڪومتن جي دور ۾ ئي ٿيو، پر پوءِ به هر سياسي جماعت جو مطالبو آھي تھ چونڊون ڪرايو، شايد ڪا ڪسر  رهي ھجي، جيڪا پوري ڪرڻ جو مقصد  آهي.

ڪجھه نئون نھ پيو ٿئي، سڀ ڪجهه پراڻو آهي، اسان نٿا سمجهون ته ان ۾ اسان جي غلطي آهي، ڪنهن ٻئي کي به الزام نه ٿو ڏئي سگهجي، ڪالهھ تائين جيڪي پوليس سيڪيورٽي جي سرڪاري پروٽوڪول ۾ گھميا پئي، سي  اڄ عدالت مان ضمانت  ٿيڻ کان پوءِ جيل جي ٻاهران هٿ ۾ ڪپڙن جا ٻھ جوڙا کڻي بيٺا نظر اچن ٿا،عوام کي  ذلت ۽ خواري جا اهي منظر شعوري طور تي ڏيکاريا وڃن ٿا ته جيئن سڀني کي عبرت حاصل ٿئي. انهن کان اڳين سان بھ ائين ٿيو ھو،اھا اسان جي تاريخ آهي، پر اسان ان مان سبق نه سکندا آهيون.

هر سياسي پارٽي اهو ئي پٽڪو پئي ڪري  ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ فوري چونڊون اڻٽر آهن، هي معاشي بحران رات پيٽ ۾ پيدا ناھي ٿيو،بلڪھ  سالن جي بيوقوفي،عقل کان عاري فيصلن،  حقيقتن جي ابتڙ پاليسين، بد نيتن تي ٻڌل قدمن ،مفاد پرستي ۽ وڏي پئماني تي ڪرپشن جو نتيجو آهي. گذريل چار حڪومتون پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن)، پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم جون هيون، صورتحال اسان جي سامهون آهي، ھاڻي انھن سمورين جماعتن وٽ ڪھڙي جادوگري اچي وئي آھي جو جيڪا اڳ ھنن وٽ نھ ھئي ؟ڇا پاور سيڪٽر جو 2.31 ٽريلين روپين جو گردشي قرض پاڪستان جي قيام کان وٺي هلي رهيو آهي؟ ڇا گذريل چئن حڪومتن مان ڪنهن به ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سوچيو آهي؟

اسان کي کليل دل سان اعتراف ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو محور عوامي خوشحالي نه آهي، ان ڪري اڄ رياست کان عوام جي بيزاري پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي، مھانگائي تي سمورين جماعتن جو ھڪ ئي موقف آھي تھ اھي آءِ ايم ايف سان معاهدي جون پابند آھن. پر ڪير به ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف آڏو جهولي جھلڻ واري حالت ۾ ڪنھن رسايو  ؟  جڏهن درآمدات ۾ اضافو ۽ برآمدات جو ٻيڙو ٻڏي وڃي، آمدني نه هئڻ برابر هجي، مسلسل خسارو معمول بڻجي وڃي ۽ زراعت لاوارث ھجي تھ، تڏهن علم معاشيات جي اصولن موجب ان جو لازمي نتيجو مهانگائي جي صورت ۾ نڪرندو آهي. ان معاشي بحران ۾ به. سرحدن تان اسمگلنگ جو ڪاروبار عروج تي هو، نه رڳو زرعي جنس پر ڪروڙين ڊالر بھ افغانستان ۽ ايران ڏانهن اسمگل ٿي رهيا هئا ۽ ان ڪاري ڌنڌي مان بئنڪن  خوب  منافعو ڪمايو. اھا ڪا لڪيل ڳالھھ ناھي خود ناڻي واري وزارت اھو اعتراف ڪيو آھي.پر سياسي قيادت  ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناھي،يا هنن ۾ ايتري جرئت نه هئي جو هو ان کي روڪي سگهن،  اسان جا سياسي بقراط  پاڻ کي اقتصاديات جا استاد ھئڻ جا دعويدار آھن،  دوائن جو خام مال جي درآمدي تي تھ پابندي لڳائي ڇڏي  پر لگزري گاڏين جي امپورٽ کي کليل رکيو ويوانھن جي عقل تي نھ روئجي تھ ٻيو ڇا ڪجي ؟.

اڄ به ڪرپشن انتها تي آهي، مجموعي قومي پيداوار 0.5 جي برابر آهي، ڪٿي اٽي جي مافيا آهي تھ ڪٿي وري  شگر مافيا آهي، قانون جي عملداري جو ڪو به تصور ناهي، شهر شھر ۽ ڳوٺ  ڳوٺ ۾ لاقانونيت جو راج آهي، غريب طبقو تھ مري رهيو آهي، وچولي آمدني وارا ماڻهو به پنهنجو پيٽ پالڻ کان قاصر آهن. ڪهڙي سياسي پارٽي آھي جيڪا پاڻ کي ان جي ذمي کان آجو ڪري سگهي ٿي ؟ پوءِ اهي پارٽيون نئين چونڊن سان ڪهڙيون تبديليون آڻڻ چاهين ٿيون؟ ڪنهن به سياسي پارٽي وٽ معاشي مشڪلاتن يا مستقبل جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جو ڪو پروگرام ناهي. اھي پاڻ کي اهڙن فضول ڪمن کان پري رکن ٿيون ۽ جيڪڏهن ڪو پڇي ته سندن اڳواڻن جو هڪ ئي جواب هوندو آهي ته ”الله خير ڪندو“ عوام جي مسئلن جو حل ڪنهن وٽ به ناهي، ڪنهن وٽ به ڪا پاليسي ناهي، پر پوءِ به هر ڪنھن کي اقتدار  کپي.

چونڊون ضرور ٿيڻ گهرجن، اها آئيني گهرج آهي، ان کانسواءِ ملڪ نٿو هلي سگهي، پر ڇا آئين جي اها هڪ شق لاڳو ٿيڻ لاءِ رهجي وئي آهي؟ هي ڪهڙو اليڪشني ماحول آهي جنهن ۾ عوامي مسئلن تي ڪو بھ بحث نه  ٿي رھيو آهي، ڪٿي به سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿي رھي  آهي، هي مفاد پرست سياسي اشرافيه عوام جون ٻوٽيون پٽڻ جي لاءِ ڳجھن جيان لامارا ڏئي رھيون آھن. ڪا به پارٽي سياسي آزادي ۽ عوام جي حڪمرانيءَ جي حق لاءِ وڙهڻ لاءِ تيار نه آهي، کين چڱيءَ طرح ڄاڻ آھي  ته جيڪڏهن عوام جي حقيقي نمائندن کي اقتدار ملي ويو ته سندن حڪمراني هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي. پاڪستان جو بنيادي مسئلو اهو آهي ته عوام وٽ حڪمراني جا اختيار ناهن، عوام جنهن قسم جي حڪمراني چاهي ٿو اها طاقتور حلقن کي قبول ناهي. ان ڪري جيڪو به عوامي حڪمراني جي ڳالهه ڪندو ان تي غداري جا الزام لڳندا، ان کي ڪا به سياسي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏيندي، غريب ماڻهو هتي صرف ووٽ ڏيڻ لاءِ آيو آهي. هن سڙيل سياسي نظام ۾ ڪا به اليڪشن سندن مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، عجيب تماشو آهي ته جمهوريت جا هٿ پيرٻڌا ويا آهن ۽ چونڊن جو شور مچايو پيو وڃي.

هنن سياسي مدارين جو نه ڪو اصول آهي ۽ نه ئي وري ڪو نظريو، هنن جو اتحاد ۽ اختلاف ٻنھي جو بنياد  مفادن تي ٻڌل آهن، هاڻي انھن  اداڪار کي بھ چين  اچي ويو ھوندو، جيڪي چوندا هئا ته آصف علي زرداري جي سياست کي سمجهڻ لاءِ کين  پي ايڇ ڊي ڪرڻ لازمي آھي. هن ڀيري سڀ کان وڏو هٿ ان سان ٿيو آهي، پ پ کي پنهنجي سياسي چالن تي ڏاڍو ناز هو، پر مرشد اهڙا ڪارناما ڏيکاريا جو نانگ به مري ويو ۽ لٺ به ورانڊي جي هڪ ڪنڊ ۾ پئي آهي.پ پ پ  کليل نھ پئي ڳالهائي پر ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آھي تھ هوءَ چونڊن ۾ پنجاب مان ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪندي، فيصلو ٿي چڪو آھي ته جمهوريت، انساني حق ۽ ميڊيا جي آزادي جا مسئلا اهم نه آهن، اصل مسئلو معيشت کي درست ڪرڻ آھي۽ ان لاءِ ڪاروباري ماڻهن جي پارٽي مسلم ليگ (ن) ئي سڀني کان بهترين آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته هن حڪيم وٽ به ان بيماريءَ جو علاج ناهي ۽ آخرڪار هن کي بھ پنھنجو طب وارو دڪان بند ڪرڻو پوندو.

بلاول ڀٽو پاران پيپلزپارٽي کي برابر جا موقعا نه ملڻ جي شڪايت ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته معاملا وڏي پئماني تي ٺيڪ ٿي ويا آهن، پيپلز پارٽي جو نعرو هو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، پر جڏهن عوام بجلي جا بل ھٿن ۾ کڻي احتجاج ڪري رهيو آھي تھ پاڻ کي ان کان پري رکيو ويو.رڳو هڪ مذهبي سياسي پارٽي ساڻن گڏ بيٺي، ڏکي وقت ۾ عوام سان گڏ بيهڻ ئي عوامي سياست آهي، پر هن ملڪ ۾ اشرافيه جي سياست هلي ٿي، ماڻهن بھ ان کي ذهني طور قبول ڪر ي ورتو آھي. ته انھن کي اهڙي طرح ڪنجھندي ڪنجھندي زندگي گذارڻي آهي. روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ”الله خير ڪندو“.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.