سنڌي صحافت ۽ سياسي جدوجھد جي تاريخ اهڙن ڪردارن سان ڀري پئي آهي، جن پنھنجي رت، پگهر ۽ قلم ذريعي ڌرتيءَ جي ماروئڙن جي حقن جي ترجماني ڪئي آهي. اهڙن ئي سچن، کرن ۽ نظرياتي ڪردارن ۾ نامياري صحافي، قلمڪار ۽ قومي ڪارڪن زلف پيرزادي جو شمار به ٿئي ٿو، جنھن کي ادب ۽ صحافت جي دنيا سان واڳيل ماڻهو پيار مان ”ڀائُو زُلف“ چوندا هئا. تازو پڌرو ٿيل ڪتاب ”ڀيڄ ڀنيءَ ڀاڻان (زلف پيرزادي جي زندگي، ڪردار ۽ جدوجھد)“ رڳو هڪ شخص بابت تعارفي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو ناهي، پر هي سنڌ جي مزاحمتي صحافت، کاهوڙي سياست ۽ هڪ آدرشي انسان جي زندگيءَ جو تاريخي دستاويز پڻ آهي. هي ڪتاب ڀائو زلف جي وڇوڙي کانپوءِ سندس يادن، خدمتن ۽ نظرياتي سچائيءَ کي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڪرڻ جي هڪ شاندار ڪوشش آهي.
”ڀيڄ ڀنيءَ ڀاڻان“ نالي هن ڪتاب ۾ زلف پيرزادي جي زندگيءَ، ڪردار ۽ جدوجھد جو احاطو ڪندڙ مضمون شامل ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب ڀائو زلف پيرزادي جي سڳي سؤٽِ ۽ جيون ساٿياڻي خالده زلف پيرزادو تمام گهڻي محبت، چاهه ۽ محنت سان سھيڙيو ۽ مرتب ڪيو آهي. 320 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ”وديا پبلڪيشن، حيدرآباد“ پاران هن ئي سال 2026ع ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب سھيڙيندڙ پاران زلف پيرزادي جي والد ڊاڪٽر عبدالرحيم پيرزادي ۽ زلف ۽ خالده جي ٻارن ورُونھَن، ورثا، وينگس ۽ عبدالرحيم کي ارپيو ويو آهي. هن ڪتاب کي چاھه مان پنھنجي پيءُ سان محبت جي اظھار طور سندس نياڻيءَ ورثا پيرزادو ڪمپوز ڪيو آهي.
هن ڪتاب کي سھڻي ترتيب سان سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن اديبن، صحافين ۽ سياسي ڪارڪنن جي زلف بابت لکڻين سان سينگاريو ويو آهي. ڪتاب جي مواد جي شروعات ڪتاب جي سھيڙيندڙ خالده زلف پاران لکيل زلف پيرزادي جي زندگيءَ جي احوال ۽ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو پاران ”هڪ بيباڪ صحافيءَ جي ساروڻين جي سھيڙ“ جي عنوان سان لکيل مھاڳ سان ٿئي ٿو. ان کانسواءِ ڪتاب ۾ حسن مجتبيٰ، آصف بالاديءَ، ڪامريڊ محمد عرس سيلري، ڪامريڊ بخشل ٿلهي، تاج مريءَ، پروفيسر اعجاز قريشيءَ، خالق جوڻيجي، ڊاڪٽر رياض شيخ، ڪامريڊ وهاب پندراڻيءَ، اقبال ملاح، مھيش ڪمار، بيدل مسرور، صفت پيرزادي، شبير شر، گل منير ولهاريءَ، شھباز پيرزادي، بئريسٽر ضمير گهمري، ڊاڪٽر حميد سومري، امداد چانڊيي، رياض پيرزادي، انعام شيخ، رزاق سروهيءَ، ناصر خٽڪ، ابراھيم ڪنڀر، ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ، اعجاز منگيءَ، سھيل ميمڻ، ذوالفقار هاليپوٽي، نعمت کھڙي، بخشڻ مھراڻويءَ، نصير گوپانگ، شاھه محمّد پيرزادي، مسرور پيرزادي، مرلي ڌر، علي مردان پيرزادي، امداد سولنگيءَ، لطيف ملاح، جبار ڌاريجي، جاويد بوزدار، عبدالله سروهيءَ، حسن پٺاڻ، ڊاڪٽر خليل قاضيءَ، نور محمّد ڪلهوڙي، قاضي آصف، ڪرم علي شاھه، زرار پيرزادي، ذوالفقار راڄپر، عبدالغفور سومري، آغا سعيد، منير احمد نارائيءَ، نند لعل لوهاڻي، منير راڄڙ، محمّد علي نقرچ، انب گوپانگ، غوث پيرزادي، اقرار پيرزادي، غلام عباس سومري، عنايت لطف پيرزادي، تصوير سنديلي، الطاف پيرزادي، محمّد سليمان وساڻ، امر پيرزادي، ظھور بوزدار، سرمد، ايوب گل، منصور کوکر، فقير سليم، يونس ڀُٽو، غازي بجير، نثار منصور، رزاق ڏني کوسي، فرحان علي سھتي، سلام جوکيي، فرمان سھتي، ديپڪ راج، سوڍي کوسي، مجيد نواز مغل، فدا حسين چانڊيي، بشير چانڊيي، عبدالجبار پيرزادي، امر سنڌو، ڊاڪٽر مارئي پليجو، سنڌو پيرزادو، عائشه ڌاريجو، ڊاڪٽر ثمينه واحد، سيما عباسيءَ، ورثا پيرزادو ۽ خالده زلف جا مضمون شامل آهن. جن منجهان ڪي ڀائُو زلف متعلق لکيل تاثراتي تحريرون آهن ته ڪي تعزيت ناما آهن، جيڪي سندس وڇوڙي کان ستت پوءِ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. سنڌي ڀاڱي ۾ شامل هنن 86 مضمونن کان علاوه 6 عدد اردو مضمون پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ پروفيسر توصيف احمد خان، ڊاڪٽر اصغر دشتي، وارث رضا، عزيز سنگهور، عدنان هاشمي ۽ عبدالخالق مغيريءَ جا يادگار مضمون شامل آهن. جن سان ڪتاب ۾ شامل مضمونن جو ڪل تعداد 92 ٿئي ٿو. پر اها ڳالهه سمجهه کان ٻاھر آهي ته خالده زلف، عورت ليکڪائن پاران لکيل 8 مضمونن کي ڌار ڀاڱي ۾ ڇو شامل ڪيو آهي. جيتوڻيڪ زلف پيرزادي جو پنھنجو جنھن فڪري ڌارا سان تعلق هو (جنھن سان سندس وني ۽ ڪتاب جي مرتب پڻ واڳيل آهي) قومي جدوجھد ۾ نارين کي ساڻ کڻي هلڻ جا حامي رهيا آهن، پر هن ڪتاب ۾ ”عورتن جو ڌار دٻو“ شامل ڪرڻ جي منطق سمجهه ۾ نه آئي. هنن 92 مضمونن ۾ 16 مضمون فقط پيرزادن جا لکيل آهن.
جيتوڻيڪ ڪتاب جو هر مضمون ڀائو زلف جي شخصيت جو آئينو آهي، پر ڪجهه مضمون پنھنجي ادبي معيار ۽ فڪري گھرائيءَ سبب وڌيڪ اهم آهن، جن ۾ ڊاڪٽر عابده گھانگهرو جو لکيل مھاڳ سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ سان گڏ زلف پيرزادي جي صحافتي ۽ تربيتي ڪردار کي تمام سھڻي نموني نروار ڪري ٿو. حسن مجتبيٰ جو نيويارڪ مان لکي موڪليل مضمون هڪ منفرد، رومانوي ۽ انقلابي اسلوب جو عڪاس آهي، جيڪو زلف کي ”سويرن جو ساقي“ سڏي کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪري ٿو. ان کانسواءِ ڪامريڊ محمّد عرس سيلري ۽ تاج مريءَ جا مضمون زلف پيرزادي جي ضياءُ الحق جي آمريت خلاف جيل ۾ سَٺلَ سختين، ڪَوڙن جي سزائن، روپوش ڪامريڊن جي حفاظت ۽ ڪراچيءَ جي لساني وڳوڙن دؤران ادا ڪيل بھادريءَ واري ڪردار جي اکين ڏٺي شاهدي آهن. ڀائو زلف جي نياڻي ورثا پيرزادو جو مضمون هڪ ڌيءُ پاران پنھنجي روشن خيال پيءُ کي پيش ڪيل تمام جذباتي ۽ متاثر ڀيٽا ڪندڙ آهي.
مجموعي طور تي ڪتاب ۾ شامل مضمونن جو معيار انتھائي اعليٰ، فڪري ۽ تحقيقي آهي، جن ۾ زلف پيرزادي کي روايتي طور رڳو ساراهيو ناهي ويو، پر ليکڪن کيس 60ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي جي عالمي ۽ مقامي سياسي پسمنظر ۾ رکي پرکيو آهي. جن کي پڙهڻ سان ڀائو، مارڪسي سياست، صحافتي اخلاقيات ۽ صوفياڻي مزاج جو هڪ خوبصورت سنگم نظر اچي ٿو. ڪتاب پنھنجي اشاعتي مقصد ۾ ته سوڀارو آهي، پر منجهس مواد جو ورجاءُ (Repetition) تمام گهڻي ملي ٿي. ڪيترن ئي مضمونن ۾ زلف پيرزادي جي گرفتاري (1978ع ۽ 1982ع)، جيل ياترا، ڪَوڙن جي سزا ۽ سندس ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو احوال بار بار ساڳين لفظن ۽ واقعن سان ورجائجي ٿو. جيڪڏهن مرتب ان ورجاءَ کي ٿورو گهٽ ڪري ها ته ڪتاب وڌيڪ جاندار ٿئي ها.
سمورن مضمونن جي آخر ۾ زلف پيرزادي جي شاعري (نثري نظم) پڻ شامل ڪيا ويا آهن. هن ڀاڱي ۾ زلف جا لڳ ڀڳ 21 نثري نظم شامل ڪيا ويا آهن. ”لڳ ڀڳ“ انڪري لکيم جو هڪ اڌ نظم تي عنوان ڪونهي. جنھنڪري اهو واضح نٿو ٿئي ته اهي ڀاڱا ان کان اڳ واري نظم جو حصو آهن، يا بنا عنوان جي ڌار نظم آهن. شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ شاعراڻي لي آئوٽ جي سخت اڻاٺ نظر اچي ٿي. صفحا بچائڻ لاءِ سمورا نظمَ هڪٻئي ۾ ڳُتيل آهن. بھتر ٿئي ها ته هر نظم نئين صفحي جي اڌ کان شروع ٿئي ها ۽ جنھن به صفحي تي پورو ٿئي ها، نئون نظم وري نئين صفحي کان شروع ڪيو وڃي ها. ان ڏس ۾ لي آئوٽ ۾ پروفيشنلزم جي اڻاٺ نظر آئي. سھيڙيندڙ پاران ڪتاب ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته زلف پيرزادي نثري نظمن جي صورت ۾ تمام گهڻي شاعري ڪئي، پر ڪتاب ۾ سندس رڳو ڪجهه ئي نظم شامل ڪيا ويا آهن. سندس باقي لکتن ۽ شاعريءَ لاءِ الڳ سيڪشن يا وڌيڪ صفحا هجڻ گهرجن ها يا اڃا به بھتر ٿئي ها ته ڀائو زلف جو نثري نظمن جو ڌار ڪتاب پڌرو ڪيو وڃي ها، جيڪو ڀلي هن ڪتاب کان بعد ئي منظرِ عام تي اچي ها.
ڪتاب ۾ پرُوف جُون چُڪون به جام آهن. جنھن جو وڏو دليل اهو آهي ته خود ڪتاب جي مرتبه جو نالو سرورق سُوڌو سمورن مُک جاين تي غلط (خالدا) لکيل آهي، جيڪو ”خالده“ هجڻ گهرجي. مجموعي طور تي ڪتاب ۾ ايڊيٽنگ ۽ نظرِثانيءَ جي کوٽ نظر اچي ٿي.
مجموعي طور تي ”ڀيڄ ڀنيءَ ڀاڻان“ رڳو هڪ ٻھڳڻي شخص ۽ اصولي صحافيءَ جي گُڻن جو بيان ناهي، پر ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ جو هڪ عملي درس آهي. ڀائو زلف پيرزادو سڄي حياتي مصلحت ۽ مفادن جي سياست کان پري رهيو ۽ پنھنجي قلم جو ڪڏهن به سودو نه ڪيائين. کيس ڪالا باغ ڊَيم جي حق ۾ اشتھار نه هلائڻ تي نوڪري ڇڏڻي پئي، پر هن اصولن تي هرگز سودي بازي نه ڪئي. هن ڪتاب مان اڄ جي نؤجوان نسل کي اهو سبق ملي ٿو ته غربت ۽ ڏکين حالتن جي باوجود باضمير رهي ڪيئن تاريخ ۾ پنھنجو نالو امر ڪري سگهجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي هر ان نؤجوان، صحافي ۽ سياسي ڪارڪن کي پڙهڻ گهرجي، جيڪو سچ، ايمانداريءَ ۽ مزاحمتي تاريخ سان چاهه رکي ٿو. هي ڪتاب هڪ مسڪين صحافيءَ کي هڪ شاھُوڪار ڀيٽا جو درجو رکي ٿو، جيڪو سنڌي ادب جي بڪ شليف ۾ شخصيتن متعلق ڇپيل ڪتابن ۾ يادگار حيثيت جو حامل رھندو.