ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي زندگيءَ جا رنگ ڀريندڙ ڪهاڻيڪار

زين سولنگي

  سنڌي ادب ۾ افسانا نگار لکندڙن جي ڪائي کوٽ ناهي ، جن جن به شاهڪار افسانا لکيا آهن انهن کي مڃتا ملي آهي ، کوڙ سارا نالا آهن جڏهن سنڌي ادب جي تاريخ پڙهون ٿا ته ڪيترن ئي سينئر ليکڪن افسانا لکيا آهن جن ۾ اياز قادري ، جمال ابڙو ، رشيد ڀٽي ، شيخ اياز ، امر جليل، علي بابا ، حفيظ شيخ ، ڊاڪٽر نجم عباسي ، سراج ، طارق اشرف ، ماهتاب محبوب ، نورالهديٰ شاه وغيره وغيره انهن وڏن نالن ۽ ٻين ڪيترن ئي افسانا نگارن جي باوجود سنڌ جي نامياري افسانا نگار نسيم کرل کي اڄ به ان چاهه سان پڙهيو وڃي ٿو جيڪو ان کي پنهنجي دور ۾ پڙهيو ويو يا مڃتا ملي .

نسيم کرل ولد حاجي عبدالڪريم کرل 29 جون 1939ع تي ڳوٺ کرل ، تعلقه گمبٽ ضلع خيرپور ۾ جنم ورتو .پرائمري تعليم 1944-45  دوران پرائمري اسڪول عبالڪريم کرل ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ 1948ع کان 1955ع تائين حاصل ڪيائين . مئٽرڪ آرٽس 1955ع ۾ ڏنائين ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيو ۽ 1959ع گريجوئيشن پاس ڪيائين . ڪاليج جي پڙهائيءَ دوران پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري ۽ پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه سندس استاد رهيا. ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ نسيم کرل باقائده ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون . ان کان ڪجهه ڪهاڻين جا ترجما پڻ ڪيائين .

نسيم کرل  سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن ۾ شامل آهي جن جي ڪهاڻين کي وڏي چاهه سان پڙهيو وڃي ٿو . نسيم کرل جي ڪهاڻين جا مجموعا شبنم شبنم ڪنول ڪنول ( 1968ع ) ، چوٽيهون در (1973ع ) ۽ ڊمي شايع ٿيل آهن . ” ڊمي ” ۾ سندس ڪجهه مضمون ۽ اڻ پوري ڪتاب ” هو جي وڻ وندر جا ” مان ڪجهه دلچسپ باب پڻ شامل ٿيل آهن . اهو ڪتاب سندس وڇوڙي بعد 1984ع ۾ شايع ٿيو . نسيم کرل جي ڪهاڻين جو مجموعو جيڪو دانش نواز مرتب ڪري ” نسيم کرل جون ڪهاڻيون” جي نالي سان 2007ع ۾ شايع ڪرايو آهي ، ان کان علاوه 1974ع ۾ نامياري ليکڪ طارق اشرف سهڻي رسالي جو خاص شمارو ” سهڻيءَ جو نسيم کرل نمبر” شايع ڪيو هو ، تاج جويي ” نسيم کرل وڏو ڪهاڻيڪار ۽ وڏو انسان ” مرتب ڪري 2005ع ۾ ڇپرايو آهي ، نسيم کرل جي ڪهاڻين کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو اعزاز سليم نور حسين ڏانهن وڃي ٿو پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ” سنڌي ادب جو تاريخي جائزو” ۾ نسيم کرل لاءِ لکيو آهي ته : ” هن دور جو وڏو ڪهاڻيڪار هو ، هن حقيقت زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي . سندس ڪن ڪهاڻين ۾ جنسيات جو دخل به آهي . هن معاشرتي حالتن ۽ سماج جي طبقاتي نظام جي ترجماني به ڪئي آهي” .

نامياري ليکڪ ۽ ڏاهي انسان اڳوڻي چيئرمين سنڌي شعبو يونيورسٽي آف ڪراچي ۽ اڳوڻي چيئرمين سنڌ ٻوليءَ جو بااختيار ادارو پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنهنجي پي ايڇ ڊي تيسز” سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر ” جي صفحي 396 تي نسيم کرل جي ڪهاڻين تي زبردست انداز ۾ لکيو آهي ته” نسيم کرل سماج جي هيٺين پرت کان وٺي مٿين طبقي تائين زندگيءَ جا انوکا رنگ روپ ڪڍي اسان جي سامهون آندا آهن . جاگيرداري سماج جي زوال پذير قدرن مٿئين طبقي جي نفسياتي پيچيدگين ، وچين طبقي جي اخلاقي ڪمزورين ، موقعي پرستن ۽ سنڌي سماج جا ٺيٺ ثقافتي پهلو اجاگر ڪيا آهن. عام طور تي چيو ويندو آهي ته نسيم کرل وڏيري طبقي مان هو جنهن ڪري هن پنهنجي طبقي تي لکيو . سندس ڪهاڻين ۾ طبقاتي ڪشمڪش ڪانهي پر مان سمجهان ٿو ته نسيم زندگيءَ جي هر پل جو ڪهاڻيڪار هو ” .

نسيم کرل جون هونئن ته سڀئي ڪهاڻيون لاجواب آهن پر چوٽيهون در ، ڳڻ ، پهرين مراد ، گٽس ، زماني جي گردش مڪسڊ گرل ، ڪرنٽ ، ڪافر گذريل واردات ، شبنم شبنم ڪنول ڪنول ڪمال جون ڪهاڻيون آهن .  سنڌ جي هن نامياري ڪهاڻيڪار نسيم کرل کي 14 جولاءِ 1978ع تي شهيد ڪيو ويو سندس آخري آرام گاهه سوڪ سينٽر خيرپور جي قريب واقع قبرستان ۾ آهي .

 

You might also like