خيرپور جي روشن مستقبل ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي

ولي ناريجو

سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ به معياري تعليمي ادارن جي کوٽ هڪ وڏو چئلينج آهي، اهڙي پسمنظر ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪيل هر مثبت ۽ فلاحي قدم نه رڳو ساراهه جوڳو آهي، پر وقت جي اهم ضرورت پڻ آهي. هن سلسلي ۾ محمد مبين جماڻي جي فلاحي خدمتون هڪ اميد جي نئين ڪرڻ بڻجي سامهون اچن ٿيون. کيس هڪ سنجيده، بردبار ۽ سماجي خدمت جي جذبي سان سرشار شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس اها ئي فڪري سنجيدگي سندس هر فلاحي منصوبي مان جهلڪي ٿي. تازو آمريڪا جي رياست فلوريڊا جي شهر اورلينڊو ۾ سندس ميزبانيءَ هيٺ منعقد ٿيل هڪ پروقار تقريب دوران DIL Foundation جي سهڪار سان ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ هڪ جديد اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪرڻ واري اهم منصوبي جو اعلان ڪيو ويو آهي. اعلان موجب، هن تعليمي اداري ۾ لڳ ڀڳ 1,500 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت ۽ معياري تعليم فراهم ڪئي ويندي. ڪوٽ ڏيجي جهڙي علائقي لاءِ اهو منصوبو نوجوان نسل جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ هڪ خوش آئند شروعات آهي. محمد مبين جماڻي جو اهو موقف ته "معياري تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي” نه رڳو قابلِ تحسين آهي، پر سماجي ذميواريءَ جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي. جيڪڏهن هي منصوبو پنهنجي مقرر مقصدن موجب مڪمل ٿئي ٿو، ته اهو خيرپور سميت سڄي سنڌ لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي سگهي ٿو.

اڄ اسان جي معاشري کي اهڙن دردِ دل رکندڙ ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي رڳو مسئلن جي نشاندهي تائين محدود نه رهن، پر انهن جي حل لاءِ عملي ميدان ۾ اچي ڪردار ادا ڪن. تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ خانگي ۽ فلاحي ادارن جو ڪردار حڪومتي ڪوششن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهي ٿو. اميد ڪجي ٿي ته هي منصوبو جلد عملي شڪل اختيار ڪندو ۽ ڪوٽڏيجي جي هزارين ٻارن کي تعليم جا اهڙا موقعا فراهم ڪندو، جيڪي نه رڳو سندن زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻيندا، پر سڄي علائقي جي مستقبل کي به روشن بڻائيندا. تعليم جي هن شمع کي روشن رکڻ لاءِ ٻين مخير حضرات کي به اڳتي اچڻ گهرجي ته جيئن سماج مان اوندهه ختم ڪري روشني پکيڙي سگهجي.

 

You might also like