ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي ٿيندڙ حملن جو سخت نوٽيس ڇو نٿو ورتو وڃي؟

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ مذهبي جماعت سان سلهاڙيل شاگرد تنظيم جو متعصب ۽ فاشسٽ ٽولو آهي جيڪو هميشه ان تعليمي اداري ۾ غنڊا گردي سبب بدنام رهيو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته ان جو هميشه کان  نشانو سنڌي شاگرد ئي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪراچي يونيورسٽي ۾ هر قوم سان وابسته  شاگرد ۽ شاگردياڻيون ايستائين جو ٻاهرين ملڪن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون به تعليم حاصل ڪندا آهن پر ان انتها پسند شاگرد   ٽولي جو نشانو اڪثر ڪري سنڌي  شاگرد ئي رهيا آهن. هونئن ته يونيورسٽي اندر شاگردن جو اهو ٽولو  ڊپارٽمينٽ کان ٻاهر سنڌي شاگردن تي حملو ڪندو رهيو آهي پر ڪالهه انهن غنڊن سنڌي شعبي جي سيمينار لائبريري ۾ اندر اچي لائبريري ۾ ويٺل شاگردن مٿان حملو ڪيو. هن واقعي جو ٻيو ڳڻتي جوڳو پاسو اهو آهي ته ان پرتشدد شاگرد ٽولي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ناهيد پروين جي آفيس تي به حملو ڪيو  ان حساب سان سنڌي شاگردن سان گڏ، اسان هي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي تي به حملو سمجهون ٿا.

رپورٽون آهن ته شاگردن جي ٻن ڌرين اندر ٿيل ان جهيڙي جي خبر پوڻ شرط پوليس ۽ رينجرز جي نفري يونيورسٽي پهچي وئي ۽ چئن شاگردن کي حراست ۾ ورتو آهي . هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اها ڪارروائي به عارضي ۽ ڏيکاءُ طور سمجهجهي ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ به ايئن ئي هلڪي ڦلڪي ڪارروائي ٿيندي رهي آهي جيڪا ناڪافي ثابت ٿي آهي جنهن جو شاگرد  تنظيم جي انهن غنڊن تي ڪو اثر  نٿو پوي ته ان جو ڇا مطلب سمجهجهي؟ ان حوالي سان سنڌ يونائيٽڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاگرد اڳواڻن جو هڪ بيان پڌرو ٿيو آهي جنهن ۾ انهن ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽي اندر هٿ وٺي سنڌي شاگردن کي هراسان ڪيو پيو وڃي  ۽ سندن رستا روڪ ڪئي  پئي وڃي. هنن يونيورسٽي جي انتظاميا  تي الزام لڳايو آهي ته اها شاگرد تنظيم جي ان بدمعاش ٽولي سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن جو مقصد ڪراچي يونيورسٽي مان  سنڌي شاگردن کي ڀڄائڻ آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌي شاگردن تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن تي ڪيس داخل ڪري کين سزا ڏني وڃي.

جڏهن ته اسان جو اهو خيال آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي انتظاميا دهشت گردي ۾ ملوث اهڙي شاگرد تنظيم تي پابندي لڳائي جنهن جي جهيڙن، فسادن، تشدد ۽ دهشتگردي جي هڪ تاريخ رهي آهي. ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارن ۾ ڪنهن به اهڙي شاگرد تنظيم کي برداشت نٿو ڪري سگهجي جيڪا پرامن تدريسي عمل کي متاثر ڪندي هجي. شاگرد تنظيمن جو بنيادي مقصد درس گاهن اندر شاگردن جا جائز مسئلا، داخلائن ۾ مدد ڪرڻ، غريب شاگردن جون فيون معاف ڪرائڻ، اسڪالر شپ ڏيارڻ ۽ هاسٽلن ۾ سهولتون وٺائي ڏيڻ، وقت تي ڪلاسن وٺرائڻ ۽ امتحان ڏيارڻ هئڻ گهرجي نه ڪي غنڊا گردي، بدمعاشي ۽ دهشت گردي ذريعي پنهنجو تنظيمي هولڊ قائم ڪرڻ  هجي. اهڙي شاگرد تنظيم جيڪا نسلي ۽ لساني سياست ڪندي تعصب جو مظاهرو ڪندي هجي، اظهار جي آزادي ۽ اختلاف  موقف کي برداشت نه ڪري سگهي، ٻين شاگرد تنظيمن جو وجود نه قبولي سگهي تنهن کي شاگرد سياست ڪرڻ جي بلڪل  به اجازت نه ملڻ گهرجي پر جيئن سنڌ يونائيٽڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاگردن بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته انهن غنڊن جي خود انتظاميا سر پرستي ڪري رهي آهي ته ان  الزام جي پڻ سنجيده غير جانبدار ڌر کان جاچ ڪرائڻ گهرجي.

اسان جو اهو به خيال آهي ته اهڙي غير جانبداراڻي جاچ اها انتظاميا ئي ڪري سگهي ٿي جيڪا پاڻ به تعصب کان پاڪ هجي ۽ جنهن جو اولين مقصد  يونيورسٽي اندر سئو سيڪڙو پرامن پرامن جو ماحول جوڙڻ هجي ۽ تعليم مخالف سرگرمين لاءِ ان وٽ زيرو ٽالرينس هجي. پر جيئن ته يونيورسٽي انتظاميا سازگار ۽ پرامن تعليمي ماحول  جوڙڻ ۾ ناڪام وئي آهي ته ان خلاف به سخت انڪوائري ٿيڻ گهرجي ته ڪراچي يونيورسٽي اندر هڪ وڏي عرصي کان غنڊا گردي ۾ ملوث ان فاشسٽ ۽ دهشتگرد شاگرد تنظيم کي ڇا واقعي به پٺڀرائي حاصل آهي جو اها بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي هميشه يونيورسٽي اندر شاگردن سان وڙهندي رهي آهي. جيڪڏهن يونيورسٽي انتظاميا ان شاگرد تنظيم جي بدمعاش ٽولي کي گذريل سالن وارن واقعن تي ئي سخت سزا ڏئي ها ته يقينن اهو سڌري وڃي ها ۽ دهشت گردي جون اهڙيون وارداتون  ڪرڻ جي همت ساري نه سگهي ها. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته جڏهن به يونيورسٽين اندر داخلائن جو وقت اچڻ لڳندو آهي ته شاگردن جي اها تنظيم غنڊا گردي جي واردات ڪري اڻ سڌي طرح ٻين شاگرد تنظيمن  کي ان معاملي کان پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.

هتي اسان ان مذهبي جماعت سان به مخاطب آهيون ته اها پنهنجي ان شاگرد تنظيم تي نظر رکي ۽ ان کي پابند ڪري ته اها پرامن طريقي سان يونيورسٽي اندر شاگرد سياست   ڪري ۽ ڪنهن به قسم جي غنڊا گردي، بدمعاشي، دهشت گردي ۽ جهيڙن جهڳٽن کان پاسو ڪري. اسان جو خيال آهي ته يونيورسٽي انتظاميا سان گڏ ان مذهبي جماعت جو به اهو فرض آهي ته اها نسلي، لساني ۽ تعصب واري سياست جي خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ روڪٿام ڪري. ان مذهبي جماعت ۾ پڻ ڪيترائي سنڌي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل آهن  جن کي پڻ اهڙي عمل تي احتجاج ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان سنڌي توهان سان گڏ آهيون ته ڇا سبب آهي جو ڪراچي يونيورسٽي اندر سنڌي شاگردن جي تعليم اوهان کان برداشت نه ٿي ٿئي جڏهن ته سنڌ ۾ قائم ان يونيورسٽي م ٻاهرين ملڪن ۽  ٻين صوبن جا به شاگرد پڙهن ٿا پر سندن نشاني تي صرف ۽ صرف سنڌي شاگرد ئي ڇو آهن.  ياد رهي ته  هي اهو فاشسٽ ٽولو آهي جنهن ڪجهه سال اڳ ڀٽائي صاحب جي بيتن ۽ سنڌي ٻولي جي پڻ بي حرمتي ڪئي هئي ۽ جيڪا پاڻ کي يونيورسٽي جي قانون ۽ قاعدن کا اورانگهيندي رهندي آهي

بهرحال اسان ڪراچي يونيورسٽي واري ڪالهوڪي واقعي جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ حڪومت تي زور ڀرينداسين ته اها ڪراچي يونيورسٽي ۾ پرامن تعليم کي  متاثر ڪندڙ غنڊا گردي ۽ دهشت گردي واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺي تعليم جي ماحول کي متاثر ڪرڻ نه ڏي.

 

You might also like