بهاولنگر (پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته موجوده سياسي ۽ حڪومتي نظام ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن سياست لوٽن، ڀتو خورن ۽ حق کسيندڙن جي هٿن ۾ رهندي ته ملڪ ۾ ڪڏهن به حقيقي انقلاب نه ايندو، هن مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمت 225 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وڃي، پيٽروليم ليوي ختم ڪئي وڃي ۽ عوام کي آءِ پي پي مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. جيڪڏهن مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته سڄي ملڪ جون شاهراهون بند ڪيون وينديون، بهاولنگر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي حالتن تي افسوس ڪري رهيا هئاسين ته خبر پئي ته خيبرپختونخوا اسيمبلي ميمبرن لاءِ مراعتن سان ڀرپور بل منظور ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن جي صورتحال ڏسو، سندن قائد جيل ۾ آهي جڏهن ته اهي پنهنجي لاءِ مراعتون گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، هن پنجاب ۾ حڪمراني جي نظام تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته صوبي ۾ هڪ ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته پنجويهه هزار اسڪول وڪرو ڪيا پيا وڃن، پنجاب جو ننڍو هاري روئي رهيو آهي، صوبي جي زراعت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ گذريل ڇهن سالن دوران غربت ۾ ايڪتاليس سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته مريم نواز پنهنجي لاءِ يارهن ارب رپين جو جهاز خريد ڪيو آهي.