ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ: شڪيل خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد ۾ ڍونگي ڀوپي انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جھڪائي ڇڏيو، ڀوپي گهر ڇڏي ويل عورت کي تعويذن ذريعي واپس آڻڻ جو آسرو ڏئي چئن گھرڀاتين کي شربت ۾ نشو ملائي بيھوش ڪري ڇڏيو جنهن بعد ٻن نياڻين سان مبينا زيادتي ۽ تشدد ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 14 ورهين جي معصوم نينگري فوت ٿي وئي، سندس ڀيڻ ڀاءُ ۽ مامي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي ۾ ملوث ھڪ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته واگھريچي اسٽاپ ڀرسان هڪ انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جتي مبينا طور ٻن ڍونگي ڀوپن تعويذن وسيلي گهر ڇڏي ويل عورت کي واپس آڻڻ جو آسرو ڏئي هڪ ئي خاندان جي چئن ڄڻن کي مبينا طور زهريلو شربت پياري بيهوش ڪري ڇڏيو، فوت ٿيل نينگري جي والد روجو ڪولھي موجب بيهوش ٿيڻ کان پوءِ ڀوپي پاران منهنجي نينگرين سان مبينا زيادتي پڻ ڪئي وئي جنهن سبب 14 ورهين جي نينگري پريمي ڌيءَ روجي ڪولھي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ڀاءُ، ٻي نينگري ڌني ڪولھي ۽ سندن مامو گورڌن ڪولھي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي، واقعي جي اطلاع ملندي ئي ڪوٽ غلام محمد پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ھڪ جوابدار رامون ڪولھي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او آفتاب احمد رند عوامي آواز کي ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ٻن جوابدارن مان ھڪ کي گرفتار ڪيو ويو، ٻئي جي جي گرفتاري لاءِ پڻ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن جڏهن ته نينگري جا وارثن تدفين لاءِ ويل آهن اھي جيئن اچن ٿا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن فوت ٿيل نينگري جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد منتقل ڪيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم ۽ ٻين قانوني گھرجن کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، واقعي بعد علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي.