ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ويجھو فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوڙو ڊٻ ۾ ام رباب چانڊيو ۽ مرتضيٰ چانڊيو جي ڌر ۾ زميني تڪرار تان ھڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب ام رباب چانڊيو جو نوجوان سئوٽ قتل ٿي ويو، فريدآباد ويجهو ڪوڙو ڊٻ قيچي ۾ ام رباب چانڊيو ۽ مرتضيٰ چانڊيو ڌر جي ماڻهن ۾ زميني تڪرار تان ھڪ ڀيرو ٻيهر جھيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران ام رباب چانڊيو جو نوجوان سئوٽ رياض چانڊيو پٽ سڪندر چانڊيو زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث اسپتال کڻايون پئي ويا ته رستي ۾ فوت ٿي ويو، مقتول نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو ويو جتي ام رباب چانڊيو ڌر جا سوين ماڻهو اسپتال پهتا، واقعي کان پوءِ ڌرين ۾ ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو، واقعي بابت ام رباب چانڊيو وڊيو جاري ڪندي چيو ته منهنجي والد مختيار چانڊيو، چاچي قابل چانڊيو ۽ ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ڪسٽڊي مان نڪتل جوابدارن ۽ انهن جي سئوٽن کي ماڻهو مارڻ جو لائيسينس ڏنو ويو آهي، ٽي انساني جانيون ڳڙڪائيندڙن کي ڪجهه به نه ٿيو ته ھو سمجھن ٿا ته ھنن کي قانون ڪجهه به نڪري سگهندو، اسان جي زمينن تي ٽريڪٽر ھلي رھيو ھو ته مرتضيٰ چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن گوليون ھڻي منهنجي سئوٽ رياض چانڊيو کي بيگناھ قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جي ريسپانس نه ڏيڻ سبب جوابدارن اسان جو وڏو نقصان ڪري ڇڏيو، پڇڻ ٿي چاهيان ته واقعي جو ذميوار آخر ڪير آهي؟ پوليس جو ڪمداري وارو رويو سمجھه ۾ نٿو اچي، انصاف لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهيون، منهنجي جان کي به خطرو آهي، وري به چوان ٿي ته مون کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار سردار چانڊيو هوندو، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ آرمي چيف نوٽيس وٺن، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل مرتضيٰ چانڊيو سوشل ميڊيا تي پنھنجو وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته خبر پئي آهي ته جهيڙي ۾ مون کي منهنجي ڀاءُ عبدالستار چانڊيو، سڪندر چانڊيو ۽ ٻين کي بيگناھ ڦاسايو پيو وڃي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪجي ٿي ته واقعي جي شفاف انڪوائري ڪري اصل ڏوھارين جا نالا شامل ڪيا وڃن.