ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 6 شاگرد زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس 5 شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو، ذريعن موجب جهيڙي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري يونيورسٽي پهتي ۽ صورتحال تي ضابطو آندو، ڪراچي يونيورسٽي جي انتظاميا تصديق ڪئي آهي ته پوليس ڪارروائي ڪندي 4 شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري، جڏهن ته هڪ ڌر پاران واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سياف مرڪزي صدر امر آڪاش لاکو، نائب صدر وقار رضا چولياڻي ۽ جنرل سيڪريٽري زبير حسن پنھور پنهنجي گڏيل جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن تي جميعت جي غنڊن پاران قاتلاڻو حملو قابل مذمت عمل آھي، يونيورسٽي اندر ھٿ وٺي سنڌي شاگردن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊن واري وزير محمد اسماعيل راهو ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ پيش آيل جهيڙي جو سخت نوٽيس وٺندي وائيس چانسلر کان فوري طور رپورٽ طلب ڪري ورتي، هن هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي، ذميوار عنصرن خلاف يونيورسٽي جي قاعدن ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، محمد اسماعيل راهو چيو ته يونيورسٽيون علم ۽ تحقيق جا مرڪز آهن، جتي تشدد، وڳوڙ ۽ قانون کي هٿ ۾ وٺڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ڪيمپس ۾ سيڪيورٽي ۽ نظم و ضبط کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام کي يقيني بڻائي سگهجي، ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، شروعاتي رپورٽ موجب زخمي شاگردن جي سڃاڻپ جي بنياد تي واقعي ۾ مبينا طور ملوث پنج شاگردن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي، شاگردن تي حملي ۾ ملوث عنصرن جو تعلق ڪنهن به شاگرد تنظيم يا جماعت سان هجي، انهن خلاف لاڳو فوجداري قانونن ۽ يونيورسٽي جي قاعدن موجب بنا ڪنهن امتياز جي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪراچي يونيورسٽي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري تي اسلامي جمعيت طلبا پڻ بيان جاري ڪندي چيو ته اسلامي جمعيت طلبه ڪراچي يونيورسٽي ۾ پيش آيل واقعي ۽ ان کان پوءِ اسان جي ڪارڪنن جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿي، يونيورسٽي ۾ امن جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان درخواستون ڏنيون هيون، ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.
شاگرد اڳواڻن ۽ سڄاڻ ڌرين پاران سنڌي شاگردن مٿان حملي جي مذمت
ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان حملو ڪري 3 کان 5 شاگردن کي زخمي ڪرڻ واقعي جي شاگرد اڳواڻن، سڄاڻ ۽ قومپرست ڌرين پاران مذمت ڪندي چيو ويو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان حملي جي مذمت ڪجي ٿي، تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا آهن، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ دودوديشي، مرڪزي پريس ترجمان شيبرجمالي ۽ انجنيئر قنڌارخاڻ ڀٽي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر اعتزاز گائينچو، مرڪزي سيڪريٽري اياز لغاري، نويد عباس ڪلهوڙي، عرفان لاشاري، حسيب نونداڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، عروج آزاد سنڌو، صوفي حاجن گل، سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي صدر، ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان ٿيل حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن مٿان بار بار ٿيندڙ حملا ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ ڪرڻ جي منصوبي جو حصو آهي، هڪڙي سوچيل سمجهيل منصوبي تحت سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جا تعليمي ادارا سنڌي شاگردن لاءِ نو گو ايريا بڻايا پيا وڃن، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ھٿياربند دھشتگردن کي ڀرتي ڪري سنڌي شاگردن کي ھيسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جو ھر صورت ۾ مقابلو ڪيو ويندو.