امن معاهدي جي ڀڃڪڙي، آمريڪا وري جنگ شروع ڪري ڇڏي

اعجاز ممنائي

آمريڪا جي ايران تي حملن کانپوءِ اسرائيل ڏکڻ لبنان تي نوان حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن۔روسي ميڊيا جي مطابق اسرائيلي فضائيه ڏکڻ لبنان ۾ ڪجهه هنڌن کي نشانو بڻايو آهي، پر انهن حملن ۾ جاني نقصان جي فوري طور تي ڪا به تصديق نه ملي سگهي آهي۔ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي فوج ايران جي خلاف نوان حملا ڪيا هئا جن ۾ 80 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو۔آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ هو ته اهي حملا آبنائي هرمز مان گذرندڙ 3 تجارتي جهازن تي ايراني حملن جي ردعمل ۾ ڪيا ويا آهن۔

هوڏانهن ايران جي پاسدارانِ انقلاب (IRGC) جي اها دعويٰ علائقي جي تازي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تازو ٿيل "اسلام آباد معاهدو” (Islamabad Memorandum) ۽ جنگبندي شديد خطرن جي زد ۾ اچي وئي آهي اهم ترين تفصيلات ۽ تازي صورتحال موجب ايراني فوج جي مطابق انهن بحرين ۾ قائم آمريڪي بحريه جي ”ففتھ فليٽ (Salman Port)“ ۽ ڪويت ۾ واقع اهم آمريڪي فوجي اڏي علي السالم ايئر بيس (Ali Al Salem Air Base) تي ميزائلن ۽ ڊرونز سان گڏيل حملو ڪيو آهي هن حملي جو اهم سبب پاسدارانِ انقلاب جي موقف موجب ته هي ڪارروائي آبنائي هرمز ۾ آمريڪي فورسز پاران ايراني ساحلي هدفن تي ڪيل تازي بمباري ۽ جنگبندي جي مبينا ڀڃڪڙين جو پهريون ردعمل آهي۔ ڪويت جي فوج تصديق ڪئي آهي ته انهن جي فضائي دفاعي نظام (Air Defense Systems) انهن دشمن ميزائلن ۽ ڊرونز جو مقابلو ڪيو آهي ۽ شهرين کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ ٻئي طرف بحرين ۾ به حملن کانپوءِ سائرن وڄايا ويا۔

ياد رهي ته هي جنگبندي جون 2026 ۾ پاڪستان ۽ قطر جي ثالثي سان طئي ٿيل "اسلام آباد معاهدي” تحت عمل ۾ آئي هئي، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ جو خاتمو ڪرڻ هو، پر تازي حملن کانپوءِ هي معاهدو مڪمل طور معطلي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي۔”اسلام آباد معاهدو” – جون 2026 تحت هي معاهدو پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙي سان 15 جون 2026 تي اسلام آباد ۾ طئي ٿيو هو۔ ان جو مکيه مقصد آبنائي هرمز ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ آمريڪا-ايران جي وچ ۾ سڌي جنگ کي روڪڻ هو۔هن معاهدي جون اهم شقون فوري جنگبندي ڪري ٻنهي ملڪن سمنڊ ۽ زمين تي سڀني فوجي ڪاررواين کي روڪڻ تي اتفاق ڪيو۔پاڻ ۾ سفارتي رابطا وڌائڻ جو مقصد  آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سڌي ڳالهين لاءِ عمان ۽ سوئٽزرلينڊ کي رابطي جو مرڪز بڻايو ويو۔ائين آبنائي هرمز جي حفاظت ڪري تجارتي جهازن جي محفوظ گذرگاهه لاءِ گڏيل نگراني ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان، قطر ۽ عمان شامل هئا۔ان سان گڏ پابندين ۾ نرمي ڪري انساني امداد ۽ دوائن جي بدلي ۾ ايران تي ڪجهه معاشي پابندين ۾ عارضي نرمي تي اتفاق ٿيو۔

پر تازي صورتحال موجب IRGC جو بيان سامهون آيو جنهن ۾ پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي آبنائي هرمز ۾ 3 ايراني تيل بردار جهازن کي نشانو بڻايو۔جنهن جو جواب ڏيندي آمريڪا پينٽاگون ان الزام کي رد ڪندي چيو ته ايراني ڊرونز آمريڪي جهازن جي ويجهو اڏام ڪري "اشتعال انگيز” ڪم ڪيو۔ان جي رد عمل ۾ سعودي عرب ۽ UAE جنگبندي بچائڻ لاءِ هنگامي سفارتڪاري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويو آهي  جڏهن ته  پاڪستان جي پرڏيهي آفيس چيو آهي ته "اسلام آباد معاهدو” اڃا مڪمل طور ختم نه ٿيو آهي پر خطري ۾ آهي۔هن وقت صورتحال تمام نازڪ آهي۔ جيڪڏهن ٻنهي پاسن کان وڌيڪ حملا ٿيا ته "اسلام آباد معاهدو” مڪمل طور ٽٽي سگهي ٿو۔ جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم Truth Social تي  ڏکڻ ايران جي شهر بندر عباس ۾ ٿيل آمريڪي حملن ۽ ڌماڪن جي وڊيو فوٽيج شيئر ڪئي آهي۔ وڊيو ۾ بندر عباس ۾ مختلف هنڌن تي ڌماڪن، باهه ۽ فضائي حملن جا منظر ڏيکاريا ويا آهن۔واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪا ايران تي تازا حملا ڪيا آهن، اهي حملا اهڙي وقت ۾ ڪيا ويا جڏهن لکين ايراني اڳوڻي سپريم ليڊر شهيد آيت الله علي خامنه اي جي نمازِ جنازه ۽ آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ روڊن تي موجود آهن۔ايراني ميڊيا جي مطابق بندر عباس، سيريڪ ۽ جزيره قشم ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا۔حملن کانپوءِ عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمت 9٪ وڌي وئي آهي ۽ آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن لاءِ خطري جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي۔هن وقت صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ڪنهن به وڏي جنگ جو خطرو موجود آهي۔هاڻي سوال اهو آهي ته پاڪستان سميت جن ملڪن ٽرمپ جي ڌر بڻجي ڳالهيون ڪري امن و امان جون دعوائون پئي ڪيون اهي ٽرمپ جي تازين حرڪتن کي روڪڻ لاء ڪهڙا قدم کڻندا؟ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين کي هڪ مهينو به نه گذريو آهي پر ٽرمپ وري اهائي ساڳي غلطي ورجائي آهي۔جيڪڏهن ٽرمپ تي جنگي جنون سوار آهي ته ايران جا سڀ ملڪ گڏجي ٽرمپ ۽ سندن حمايتن کي سبق سيکارڻ لاء اڳتي اچن.

گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو سربراهي اجلاس جي موقعي تي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلينسڪي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ايران بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان گذريل رات انهن کي تمام سخت نشانو بڻايو، ۔هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا شايد اڄ رات ٻيهر به سخت حملو ڪندو۔ ٽرمپ جي بقول مون انهن کي ٿوري اڳواٽ خبرداري ڏني هئي، اسان اڄ رات ٻيهر انهن تي سخت حملو ڪرڻ وارا آهيون آمريڪي صدر ان ڳالهه تي به شڪ جو اظهار ڪيو ته ڇا آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڪو معاهدو ٿي به سگهندو يا نه۔ جنگبندي جي خاتمي بابت پنهنجي بيان کانپوءِ جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا ان جو مطلب آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٻيهر مڪمل جنگ شروع ٿيندي، ته ٽرمپ سڌو جواب نه ڏنو پر هن ايران تي معاهدي جي روزاني بنيادن تي خلاف ورزي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته اهي هر روز ان جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن۔ اهي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ ٺڳي ڪندا آهن۔ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اسان جي معاهدي تحت ايراني ڪڏهن به ايٽمي هٿيار نه ٺاهي سگهندا، پر مون کي خبر ناهي ته ڪو معاهدو ٿي به سگهندو يا نه۔ ٿي سگهي ٿو اسان بغير ڪنهن معاهدي جي ئي اهو ڪم ڪري وٺون، ڇاڪاڻ ته سچ چوان ته ائين ڪرڻ وڌيڪ آسان آهي۔ٽرمپ چيو ته هو ايران کان خوش نه آهن ۽ ٻيهر آمريڪي موقف ورجايو ته تهران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي سگهجي۔هن چيو ته منهنجو سڄو معاملو حڪومت جي تبديلي سان لاڳاپيل ناهي۔ٽرمپ جي مطابق آمريڪا ايران جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي حوالي سانڪافي پيش رفت ڪئي آهي۔ آمريڪي صدر اها دعويٰ به ڪئي ته ايران هاڻي مشرقِ وسطيٰ ۾ اڳ جهڙو بااثر ۽ طاقتور ڌر نه رهيو آهي۔

جڏهن ته ايران جي پارلياماني اسپيڪر محمد باقر قاليباف رات دير سان آمريڪا تي جنگبندي معاهدي جي ڪيترن ئي ڀڃڪڙين جو الزام لڳائيندي چيو ته انهن مان هڪ آبنائي هرمز ۾ ايران پاران ڪيل نئين انتظامي تبديلين جي خلاف ورزي به آهي۔ان کان ٿوري دير بعد ايران جي ٻئي سينيئر پارليامينٽ ميمبر ابراهيم عزيزي چيو ته آبنائي هرمز ۾ نئين ايراني نظام کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو متبادل ناهي. خليج فارس جي هن اهم آبي رستي جي سلامتي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ڳالهين جي سڀ کان پيچيده ۽ متنازع معاملن مان هڪ رهي آهي۔ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه تي اختلاف آهي ته آبنائي هرمز تائين رسائي جا قاعدا ڇا هجن ۽ ان تي ڪهڙي حد تائين اختيار ڪهڙي ڌر کي حاصل هجي۔17 جون تي طئي ٿيل آمريڪا-ايران مفاهمت يادداشت تحت ايران 60 ڏينهن تائين تجارتي جهازن جي محفوظ ۽ بلا معاوضه آمدورفت لاءِ پنهنجون بهترين ڪوششون ڪرڻ تي راضي ٿيو هو۔پر بعد ۾ ايران مطالبو ڪيو ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهاز اڳ ۾ ئي ايراني اختيارين سان رابطو ۽ هم آهنگي ڪن۔ايران اهو به واضع ڪيو ته گڏيل قومن جي سامونڊي تنظيم (International Maritime Organization – IMO) پاران مقرر ڪيل رستي ذريعي آبنائي هرمز پار ڪرڻ جي ڪوشش ‘ناقابلِ قبول ۽ انتهائي خطرناڪ’ هوندي۔

 

You might also like