مصنوعي ذهانت سان شهرن کي هلائڻ ڪير دبئي کان سکي

ناصر صديقي

دبئي جو اصل ڪمال ان جي آسمان جيڏين عمارتن ۾ نه پر هڪ اهڙي اڻ ڏٺل ڊجيٽل نظام ۾ لڪيل آهي جيڪو مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) جي طاقت سان خاموشي سان پوري شهر کي منظم ڪري رهيو آهي. اهو ئي نظام ٽرئفڪ کي بهتر بڻائيندو آهي، صحت جي شعبي ۾ ڊاڪٽرن جي مدد ڪندو آهي، هوائي اڏن جي ڪارڪردگي کي مؤثر بڻائيندو آهي ۽ سرڪاري خدمتن کي حقيقي وقت ۾ وڌيڪ تيز، محفوظ ۽ آسان بڻائيندو آهي.

دنيا جا ڪيترائي ملڪ اڄ به مصنوعي ذهانت جي فائدن ۽ خدشتن تي بحث ڪري رهيا آهن، جڏهن ته دبئي گذريل ڪيترن سالن کان ان کي عملي طور پنهنجي روزمره زندگي جو حصو بڻائي چڪو آهي. هتي مقصد انسان جي جاءِ تي مشين کي آڻڻ نه پر انسان جي زندگي کي بهتر، آسان ۽ وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي. اها تبديلي ڪنهن اتفاق يا عارضي رجحان جو نتيجو نه پر هڪ ڊگهي مدي واري قومي ويزن جي عڪاس آهي. متحده عرب امارات جي صدر، عزت مآب شيخ محمد بن زايد آل نهيان جي قيادت ۾ ملڪ هي اصول اختيار ڪيو ته مستقبل جي حقيقي دولت تيل نه پر انساني ذهانت، تعليم، تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي آهي. انهيءَ سوچ ملڪ جي معاشي حڪمت عملي کي نئون بنياد مُهيا ڪيو آهي.

هن ويزن کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ عزت مآب شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم جو ڪردار فيصلو ڪن رهيو. انهن دبئي کي هڪ اهڙي شهر ۾ تبديل ڪيو جتي حڪومت رڳو موجوده مسئلا حل نه پر ايندڙ سڀاڻي جي منصوبا بندي پڻ ڪري ٿي. دنيا جي پهرين وزير مملڪت براءِ مصنوعي ذهانت جي تقرري انهيءَ دور انديش سوچ جو عملي اظهار هئي، جنهن واضح ڪري ڇڏيو ته مصنوعي ذهانت مستقبل جي حڪمراني ۽ معيشت جو بنيادي ستون هوندي. اڄ هن ويزن جا نتيجا دبئي جي تقريباً هر شعبي ۾ نمايان آهن.

صحت جي ميدان ۾ مصنوعي ذهانت ڊاڪٽرن کي بيمارين جي ابتدائي نشانين بروقت سڃاڻپ ۾ مدد ڏئي رهي آهي. جديد الگورتھمز ايڪس ري، ايم آر آئي، رت جا ٽيسٽ ۽ ٻي طبي معلومات جو تجزيو ڪري اهڙيون ننڍڙيون تبديليون به سڃاڻي وٺن ٿا جيڪي انساني اک کان اوجھل رهي سگهن ٿيون. ان جي نتيجي ۾ علاج وڌيڪ بروقت، مؤثر ۽ محفوظ ٿي وڃي ٿو.

ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پڻ مصنوعي ذهانت ٽرئفڪ جي وهڪري، موسم ۽ روڊن جي صورتحال جو مسلسل تجزيو ڪري ٿي، جنهن ڪري سفر جو وقت گهٽجي ٿو، ايندھن جي بچت ٿئي ٿي ۽ شهريوں کي وڌيڪ آرامده سفري تجربو حاصل ٿئي ٿو.

دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي جديد بايو ميٽرڪ نظام مسافرن کي چهري جي سڃاڻپ ذريعي تيزي سان اميگريشن مرحلا مڪمل ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿو، جڏهن ته پس منظر ۾ مصنوعي ذهانت سامان جي ترسيل، پروازن جي شيڊول ۽ جهازن جي سنڀال جهڙن پيچيده نظامن کي مؤثر انداز سان هلائي ٿي.

تجارت ۽ تعليم پڻ هن انقلاب کان ڌار نه آهن. جديد ريٽيل ادارا مصنوعي ذهانت ذريعي صارفين جي ضرورتن جو اندازو لڳائي سپلائي چين کي بهتر بڻائين ۽ خوراڪ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽائين ٿا. تعليمي ادارن ۾ AI هر طالب علم جي صلاحيت ۽ رفتار مطابق نصاب ترتيب ڏئي ٿي، جڏهن ته استادن کي انتظامي ذميوارين کان نسبتاً آزاد ڪري انهن کي رهنمائي، تربيت ۽ ڪردار سازي تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.

دبئي رڳو ٽيڪنالاجي نه پر دنيا جي صلاحيت رکندڙ ماڻهن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪرڻ لاءِ پڻ مضبوط ماحول تيار ڪيو آهي. ڊگهي مدي وارا رهائشي پروگرام، اختراعي مرڪز، ۽ ايريا 2071 ۽ دبئي فيوچر ايڪسلريٽرز جهڙا منصوبا دنيا جي سائنسدانن، انجنيئرن، محققن ۽ اسٽارٽ اپس کي نيون ٽيڪنالاجيون آزمايو ۽ عملي جامو پهرائڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. جڏهن رات جو دبئي جون روشنيون پوري شهر کي منور ڪن ٿيون ته ان جي اصل ڪاميابي رڳو بلند عمارتن، وسيع شاھراھن يا مضبوط معيشت ۾ نظر نه ٿي اچي، پر ان فلسفي ۾ پوشيده آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جو بهترين استعمال اهو آهي جيڪو پس منظر ۾ رهي انسان جي زندگي کي بهتر بڻائي.

مصنوعي ذهانت جو اصل مقصد انسان جي جاءِ وٺڻ نه پر انسان کي وڌيڪ تخليقي، وڌيڪ بااختيار ۽ وڌيڪ گڏيل رابطي وارو بڻائڻ آهي. جڏهن مشينون روزمره جا ورجائيندڙ ۽ پيچيده ڪم سنڀالي وٺن ته انسان پنهنجين اصل صلاحيتن تخليق، همدردي، ايجاد ۽ انساني تعلقات تي توجهه ڏئي سگهي ٿو. دنيا جا ڪيترائي ملڪ اڄ به مستقبل جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته دبئي خاموشي سان ان مستقبل ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

 

You might also like