لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي فاسٽ بالر اسٽيورٽ براڊ پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم بابت پنهنجي اڳڪٿي تي قائم رهندي چيو آهي ته انگلينڊ کي سيريز 3-0 تان کٽڻ گهرجي.
اسٽيورٽ براڊ پهرين ٽيسٽ کان اڳ پاڪستاني ٽيم کي ڪمزور قرار ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن انگلينڊ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کٽڻ ۾ ناڪام ٿيو ته اها ان لاءِ وڏي ناڪامي هوندي.
هيڊنگلي ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ملي، جنهن کانپوءِ انگلينڊ سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ اڳوڻي انگلش ڪپتان جوز بٽلر سان ڳالهائيندي اسٽيورٽ براڊ چيو ته جيتوڻيڪ سندس بيان تي پاڪستاني مداحن طرفان تنقيد ڪئي وئي آهي، پر پاڪستان بابت سندس راءِ ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.
هن چيو ته پاڪستان هڪ هيڻي ٽيم آهي ۽ انگلينڊ کي هي ٽيسٽ سيريز 3-0 تان کٽڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اها انگلينڊ لاءِ وڏي ناڪامي هوندي.
براڊ جو چوڻ هو ته انگلينڊ وٽ پاڪستان کان وڌيڪ مضبوط ٽيم آهي، تنهنڪري کيس 3-0 جي نتيجي جي ئي اميد آهي.
اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته پاڪستاني ٽيم 199ع کانپوءِ ڪا به ٽيسٽ سيريز نه کٽي آهي ۽ ماضيءَ ۾ پاڪستاني ٽيم جي خاص سڃاڻپ تيز ۽ ماهر فاسٽ بالنگ، سوئنگ، ريورس سوئنگ ۽ شاندار صلاحيتن وارا رانديگر هئا، پر موجودا ٽيم ۾ اهي خاصيتون نظر نٿيون اچن.
اسٽيورٽ براڊ موجودا پاڪستاني بالنگ اٽيڪ مان محمد عباس جي واکاڻ ڪندي کيس ٽيم جو بهترين بالر قرار ڏنو.
هن چيو ته محمد عباس بهترين بالر آهي، جنهن ڊربي شائر، هيمپشائر ۽ ناٽنگهم شائر لاءِ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هو دنيا جي اڪثر ٽيسٽ ٽيمن ۾ جاءِ ٺاهي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ براڊ محمد علي ۽ خرم شهزاد جي بالنگ کان متاثر نه ٿيو ۽ چيو ته ٻنهي بالرن پهرين ٽيسٽ دوران کيس گهڻو متاثر يا خوفزده نه ڪيو.
You might also like