”آبناءِ هُرمُز کوليو، پراڪسي وار بند ڪيو ۽ پابندين کان بچو“عاصم منير آمريڪي پيغام ايران تائين پهچائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ايران کي آمريڪا طرفان اهم آڇ پهچائي آهي، جنهن تحت واشنگٽن آبناءِ هرمز جي ناڪابندي ختم ڪرڻ ۽ پابنديون کڻڻ جي عيوض ايران کان آبناءِ هرمز ٻيهر کولڻ ۽ ايران جي حمايت يافته پراڪسي گروهن جا حملا بند ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
ذريعن موجب عاصم منير ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر شهيد آيت الله علي خامنه اي جي نمائندي محسن رضائي سان ملاقات ڪئي، جنهن کي واضح ۽ فيصلائتي قرار ڏنو ويو آهي.
ملاقات دوران پاڪستاني آرمي چيف ايران تي زور ڏنو ته هو پنهنجي حمايت يافته پراڪسي گروهن جا حملا ختم ڪري ۽ جون ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) ڏانهن واپس اچي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڌرين طرفان ان مفاهمت کي متاثر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ايران طرفان آمريڪي آڇ جي آجيان ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان معاملي تي ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون پڻ جاري آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران ٻنهي طرفان ان حوالي سان باضابطا اعلان جلد متوقع آهي.
هن اڳڀرائي ذريعي پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ٻنهي ملڪن کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد جي ڪوشش آهي ته خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو خاتمو اچي ۽ امن جي راهه هموار ٿئي.

 

You might also like