ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت جنگ دوران رافيل جنگي جهاز جي تباهي کانپوءِ بنگلاديش چين کان جي-10 سي اي جنگي جهاز ۽ اٽيڪ هيلي ڪاپٽر خريد ڪرڻ لاءِ باضابطا ڳالهين ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته بنگلاديش حڪومت جي لاڳاپيل ڪميٽي ڳالهين لاءِ معاهدي جو مسودو پڻ تيار ڪري ورتو آهي.
وزيراعظم جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار زاهد الرحمان اڱاري ڏينهن ٻڌايو ته بنگلاديشي حڪومت هوائي فوج کي جديد بڻائڻ واري منصوبي تحت چوٿين نسل جي مختلف ماڊلز وارا ملٽي رول ڪمبيٽ ايئرڪرافٽ، جنگي جهاز، اٽيڪ هيلي ڪاپٽر، وي آءِ پي هيلي ڪاپٽر ۽ بنا پائلٽ فضائي نظام حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ گهربل فنڊ موجود ٿيا ته خريداري جو عمل هن ئي سال مڪمل ڪيو ويندو، ٻي صورت ۾ ان کي ايندڙ بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.
چيني ساخت جي جي-10 سي اي جي صلاحيتن بابت ڳالهائيندي زاهد الرحمان چيو ته تازين جنگي حالتن ۾ هن جهاز جي ڪارڪردگي جو حقيقي تجربو سامهون آيو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ ٿي ته ڀارت جو رافيل جنگي جهاز تباهه ٿيو ۽ اها ڪارروائي چيني جي-10 جهاز ذريعي ڪئي وئي، اها ڳالهه هاڻي ثابت ٿي چڪي آهي.
زاهد الرحمان چيو ته چيني ساخت جي ملٽي رول جنگي جهاز رافيل خلاف حقيقي جنگي صورتحال ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، جڏهن ته رافيل کي 4.5 نسل جي جديد جنگي جهازن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
هن چيو ته ان ئي سبب بنگلاديش جي-10 سي اي جي آپشن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان اڳڀرائي جاري آهي.
واضح رهي ته جي-10 سي اي جو ايڪسپورٽ ورزن هن وقت پاڪستان واحد تصديق ٿيل پرڏيهي واهپيدار آهي.
چين گذريل ٻن ڏهاڪن دوران بنگلاديش کي سامونڊي جهاز، جنگي جهاز، ٽينڪ ۽ ميزائل نظام سميت مختلف فوجي سامان فراهم ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب چين بنگلاديش کي فوجي سامان فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي.