هن وقت گهوٽڪي ضلعي اندر اربين کربين روپيا ڪمائيندڙ وڏن صنعتي ادارن جي شعوري ۽ مجرمانا طرز عمل سبب علائقي جي زيرِ زمين پاڻي (جر) جو معيار انتهائي زهريلو بڻجي چڪو آهي. اهي صنعتي ادارا بنا ڪنهن قانوني، اخلاقي يا عوامي ڊپ جي گهوٽڪي جي لکن ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن. ان لاپرواهي جي نتيجي ۾ مقامي آبادي انيڪ موذي ۽ خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري مسڪين ماروئڙن جي جندڙي ته عذاب بڻي ئي آهي، پر گڏوگڏ سندن حياتي جي جمع پونجي ۽ ميڙي چونڊي پڻ اڻ کٽ علاج تي خرچ ٿي رهي آهي، جنهن کين ڪسمپرسي ۽ معاشي بدحالي جي ڪن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. موجوده صورتحال ان حد تائين ڳمڀير ٿي چڪي آهي جو اسان جي ايندڙ نسلن جي بقا ته پري جي ڳالهه، پر خود موجوده نسل جو جياپو پڻ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي. ضلعي جو هر فرد ۽ گهر گهر اهو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي، جنهن ڪري اڄ هر ماڻهو زندگي بچائڻ وارين دوائن جي ڳنڍ مٿي تي کڻي گهمڻ تي مجبور ٿي پيو آهي. حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سرڪار، لاڳاپيل سرڪاري ادارا ۽ چونڊيل نمائندا هن سنگين انساني بحران تي مجرمانا خاموشي اختيار ڪيون ويٺا آهن. ايئن ٿو لڳي ته هتان جا چونڊيل نمائندا هن ضلعي جي 22 لک عوام جا نه، پر ڪنهن خلائي مخلوق جا نمائندا آهن، جن جي ان بي حسي عملي طور عوام جي جان کي سخت جوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
ان انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾، سواءِ انهن بي حس چونڊيل نمائندن جي، ضلعي جو هر هڪ فڪرمند شهري ۽ ساڃاهوند شديد تشويش ۾ مبتلا آهي. ان ڏکي گهڙي ۾ گهوٽڪي بار جا ڪجهه اڳواڻ ۽ سڄاڻ وڪيل صاحبن هن معاملي تي هڪ تاريخي عدالتي جنگ جو آغاز ڪيو آهي. هنن ٺوس انگن اکرن ۽ سائنسي ثبوتن سان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ اندر عوامي ڪيس کي انتهائي مضبوطي سان پيش ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ معزز عدالت ضلعي انتظاميا کي سخت نوٽيس جاري ڪندي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان قانوني تحرڪ کانپوءِ گهوٽڪي سميت سنڌ جي مختلف بار ايسوسيئيشنن پاران پڻ عوام سان يڪجهتي جا ٺهراءُ پاس ڪري حڪومتي ايوانن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف سول سوسائٽي گهوٽڪي جا متحرڪ اڳواڻ، سڄاڻ سماجي تنظيمون ۽ مختلف اتحاد به عملي جدوجهد ۽ ڪا ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ گڏيل مشاورتي عمل ۾ مصروف آهن. ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ هاڻي احتجاجي سلسلي جي شروعات پڻ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ ساڃاهوندن پاران عوامي جاڳرتا لاءِ هڪ غيرمعمولي ۽ ڀرپور مهم هلائي پئي وڃي. هن عوامي تحريڪ جي اهم ڳالهه اها آهي ته جڏهن به ڪو دوست يا تنظيم ننڍو وڏو تحرڪ وٺي ٿي، تڏهن گهوٽڪي ضلعي جي پريس ڪلبن جا صحافي ان مهم کي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ڀرپور ڪوريج ڏيئي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ پريس ڪلبن جا دروازا هن جدوجهد جي ساٿين لاءِ ميزباني جي جذبي سان کليل آهن.