تاريخدان، عالم ۽ اديب: رحيمداد خان مولائي شيدائي

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

تاريخ ڪنهن به قوم جي ماضيءَ جي واقعن جو آئينو هوندي آهي، جيڪا نئين ٽهيءَ کي حال ۽ مستقبل جي رهنمائي فراهم ڪري ٿي. اسان جي ديس سنڌ جي تاريخ جيتوڻيڪ تمام آڳاٽي آهي، پر مخصوص جاگرافيائي حالتن، ٻوڏن، زلزلن ۽ ڌارين جي ڪاهن سبب هتي ڪيترائي علمي ذخيرا ۽ ڪتب خانا تباهه ٿي ويا. ان جي باوجود انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي جن نامور عالمن ۽ مؤرخن سنڌ جي تاريخ کي نئين سر ترتيب ڏئي زندهه ڪيو، تن ۾ مرزا قليچ بيگ، علامه دائود پوٽو، مولانا دين محمد وفائي، پير حسام الدين راشدي ۽ رحيمداد خان مولائي شيدائي جا نالا سرِفهرست آهن. انهن سڀني ۾ مولائي شيدائيءَ جون تاريخي خدمتون پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

نامور محقق رحيمداد خان مولائي شيدائي ولد شير محمد خان بلوچ 1894ع ڌاري سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم مدرسن مان حاصل ڪرڻ بعد سکر جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول مان ڇهين درجي انگريزيءَ تائين تعليم حاصل ڪئي، جتي کيس تاريخ جي استاد مسٽر هيمراجاڻي ڪيترائي تاريخي ڪتاب پڙهايا. 1913ع ۾ هن ريلوي کاتي ۾ فائرمين طور نوڪريءَ جي شروعات ڪئي ۽ ترقي ڪندي گارڊ جي عهدي تائين پهتو. 1939ع ۾ ريلوي تان رٽائر ٿيڻ بعد هن سکر جي ڪنگس هل ٽڪريءَ تي پنهنجو گهر جوڙيو ۽ آخري وقت تائين اتي ئي رهيو. نوڪريءَ دوران واندڪائيءَ جو وقت پير علي محمد راشديءَ جي اخبار ’ستاره سنڌ‘ جي آفيس ۾ گذاريندو هو، جتان کيس لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. جڏهن 1934ع ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ جي رسالي ’توحيد‘ ۾ سندس پهريون مضمون ”ممتاز محل“ ڇپجڻ لڳو، ته سرڪاري نوڪريءَ سبب هن پنهنجو اصل نالو لڪائڻ چاهيو. ان موقعي تي پير علي محمد راشديءَ کيس ”مولائي شيدائي“ جو قلمي نالو ڏنو، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جي علم و ادب جي دنيا ۾ هڪ معتبر سڃاڻپ بڻجي ويو.

ريلوي مان رٽائرمينٽ کانپوءِ هو باقاعدي صحافت سان وابسته ٿيو ۽ روزاني ’آزاد‘ جو نائب ايڊيٽر ۽ بعد ۾ ’هلال پاڪستان‘ حيدرآباد جو چيف ايڊيٽر رهيو. 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فيلو مقرر ٿيڻ کانپوءِ، هن پهرين ئي سال يونيورسٽيءَ کي ’جنت السنڌ‘ جهڙو شاهڪار ڪتاب لکي ڏنو. ان کانپوءِ وائيس چانسلر علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي چوڻ تي انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ’تاريخ هندستان‘ جي نالي سان ڪيو. مولائي شيدائيءَ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، سماج ۽ جاگرافيءَ تي ڪيترائي مستند ڪتاب لکيا، جن ۾ ’تاريخ تمدن سنڌ‘، ’سنڌ جي صنعتي ۽ اقتصادي تاريخ‘، ’تاريخ سکر‘، ’تاريخ ٽالپر‘، ’سنڌ جا پراڻا شهر‘، ’تاريخ قلات‘ ۽ ’مختصر تاريخ بلوچستان‘ شامل آهن. کيس ’تاريخ بلوچستان‘ تي درٻارِ قلات پاران روڪ انعام پڻ مليو.

مولائي شيدائيءَ جي تحقيق جي وڏي خوبي اها هئي ته هو تحقيق جي مڃيل اصولن موجب هر ڳالهه مڪمل حوالن، تصويرن ۽ نقشن سان بيان ڪندو هو. هن اهو تحقيقي ڪم ان دور ۾ شروع ڪيو جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ تاريخ جو مواد نه هئڻ جي برابر هو. ان ڪري هن عربي، فارسي ۽ انگريزي ماخذن، تحقيقي جرنلن، ۽ ابنِ بطوطه ۽ البيروني جهڙن سياحن جي سفرنامن سميت ’طبقات ناصري‘، ’تاريخ فيروز شاهي‘ ۽ ’فتوح البلدان‘ جهڙن ڪتابن مان استفادو ڪري پنهنجي لکڻين کي مستند بڻايو. هن عظيم محقق 12 فيبروري 1978ع تي سکر ۾ وفات ڪئي. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت سندس ياد ۾ سکر ۾ هڪ شاندار لائبريري قائم ڪئي آهي، پر اڃا به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مولائي شيدائيءَ جي نالي سان ڪا اڪيڊمي يا چيئر قائم ڪري سندس اڻ ڇپيل ڪتاب شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جو هي علمي سفر اڳتي وڌي سگهي.

 

You might also like