عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن نور احمد ڪاتيار، ستار رند ايڊووڪيٽ، حسنه راهوجو، افشين ميمڻ ۽ ٻين ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اها انتهائي افسوس ۽ مذمت جوڳي خبر ٻڌائي هئي ته ڳوٺ منگر خان پليجي لڳ جنگشاهي ۾ 7 جون تي رسول بخش پليجي جي ورسي جي موقعي تي سندس آخري آرامگاهه لڳ جنهن پلاٽ تي جلسو ڪيو ويو هو جنهن ۾ هزارين عورتن، ٻارن، ٻڍن، نوجوانن، هارين، مزدورن، استادن، شاگردن، وڪيلن شرڪت ڪئي هئي تنهن ڪامياب جلسي جي ڏهن ڏينهن بعد 17 جون تي ٺٽي جي پوليس پندرهن ويهه ماڻهو ساڻ ڪري ورسي جي جلسي گاهه جي اوڀر طرف ڏنل ديوار کي ٽوڙي اندر گهڙي جلسي گاهه جي پڇڙي واري گرائونڊ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. ان عمل خلاف رسول بخش پليجي جي پوٽي غني پليجي ايس ايس پي ٺٽي کي درخواست ڏني ۽ مڪلي ٿاڻي تي وڃي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پوليس سان رابطو ڪيو پر پوليس ايف آءِ آر داخل نه ڪئي جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته 30 جون 2026 تي لڳ ڀڳ ساڍي ڏهين وڳي ڄاڻايل قبضا گيرن ورسي جي موقعي تي مزار تي لڳايل تصويرن ۽ سياسي مطالبن وارن پينا فليڪس کي ڦاڙي قائد جي تصوير جي توهين ڪئي ۽ گرائونڊ توڙي تربت تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سان گڏ گرائونڊ تي مقرر چوڪيدار محمود پليجي کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کيس مٿي ۾ ڪهاڙي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته ايف آءِ آر داخ ڪرڻ بجاءِ پوليس الٽو عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا. جنهن مان لڳي ٿو ته انتظاميا هن معاملي کي خراب ڪري ڪا رتوڇاڻ ڪرڻ چاهي ٿي.
اڳتي هلي پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي جڊيشنل مئجسٽريٽ مڪلي وٽ ٿي جتي عدالت پڻ پوليس جي رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايڇ او مڪلي کي هڪ ڪلاڪ اندر عدالت ۾ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ته قانون لاڳو ڪري علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. رپورٽ موجب عوامي تحريڪ جي وڪيلن ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته جوابدار ڌر قبضي واري حصي کي وڌائي به رهي آهي، ماڻهن کي زخمي به ڪيو ويو آهي ان باوجود پوليس اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي نه ئي قبضا گيرن کي پليجي جي مزار جي جلسي گاهه سان لاڳاپيل پلاٽ تان هٽائڻ لاءِ تيار آهي. ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وسند ٿري چيو ته ميڊيا شاهد آهي ته هي پلاٽ پليجو صاحب جي ورسي جي جلسي گاهه طور استعمال ٿيندو آهي جيڪو کسڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته غير قانوني قبضو ڪندڙن ۽ پليجي صاحب جي تصويرن وارا پينا فليڪس ڦاڙيندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قبضي هيٺ آيل سمورو حصو آزاد ڪرايو وڃـي جڏهن ته ٽيون ڏينهن 7 جولاءِ تي عوامي تحريڪ پاران مڪلي کان ٺٽي تائين 5 ڪلوميٽر مارچ ڪيو ويو ۽ آخر ۾ ڌرڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عدالتي حڪم جي باوجود پوليس قبضي جي خاتمي لاءِ ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي جيڪو افسوس ناڪ عمل آهي
اسان هن معاملي جو هتي ان ڪري تفصيلي پس منظر ڏنو آهي ته جيئن اها حقيقت ريڪارڊ تي اچي ته حالتون هٿ سان ڪيئن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اسان جو خيال هوندو آهي ته رياست ۽ حڪومت جي دل اهڙن معاملن ۾ نه صرف وڏي هئڻ گهرجي پر ماءُ جي دل جهڙي هئڻ گهرجي. جيڪڏهن رياستون ۽ حڪومتون ئي سياسي جماعتن جي جمهوري حقن ۽ نظرياتي اظهار توڙي وابستگي کي قبول نه ڪندي ته پوءِ عام ماڻهن مان جمهوري روين جي ڪيئن اميد ڪري سگهبي. جيستائين رسول بخش پليجي صاحب جي ڳوٺ ،منگر خان پليجو، مزار ۽ جلسي گاهه واري پلاٽ جو تعلق آهي ته پنهنجو خيال اهو آهي ته انهن تي پهريون ۽ آخري حق رسول بخش پليجي جو ئي آهي. اسان جيتوڻيڪ ڳوٺن ۽ شهرن تي رکيل قديم ۽ تاريخي نالن کي تبديل ڪرڻ جي خلاف رهيا آهيون، اها تاريخي وابستگي نه هجي ته جيڪر اسان رسول بخش پليجي جي مزار وارو پلاٽ ته ڇا سندس جنم ڳوٺ جو نالو ئي ”رسول بخش پليجو ڳوٺ“ رکي ڇڏيون ڇاڪاڻ ته ان ڳوٺ جي فخر لائق سڃاڻپ رسول بخش پليجو ئي آهي. هي ته ٿيو رسول بخش پليجو صاحب جو ڳوٺ پر حقيقت اها آهي ته رسول بخش پليجي جهڙن محب وطن شخصيتن لاءِ سنڌ جي زمين جو هڪ هڪ انچ به منسوب ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي ئي سنڌ جا حقيقي ۽ حلالي فرزند ۽ وارث رهيا آهن جن هر دور ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهيو.
اسان جو اهو به خيال آهي ته جيئن ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي ورسين جي موقعن تي جلسي گاهه لاءِ هڪ وڏو پلاٽ مخصوص ڪيو ويو آهي تيئن سنڌ جي ٻين سياسي اڳواڻن لاءِ به عوام اندر وڏي عقيدت آهي ۽ ان عقيدت جو اظهار به اهي ايئن ئي پنهنجن اڳواڻن جي ورسين جي موقعن تي سندن تربت ويجهو جلسن ۾ ڪرڻ چاهيندا آهن جتي لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن، رسول بخش پليجو به اهڙن ئي هر دلعزيز ۽ عوامي اڳواڻن مان هڪ آهي ان ڪري حڪومت کي پاڻمرادو رسول بخش پليجي جي سياسي ۽ جمهوري خدمتن کي ڏسندي سندس لاءِ اهو پلاٽ سرڪاري طور منسوب ڪري وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته اهو پلاٽ عوامي تحريڪ کان سکيو وڃي. اهو عمل انتهائي ننڍي سوچ وارو ۽ غير جمهوري آهي. ٻيو ته اهو عمل رسول بخش پليجي سان سياسي عقيدت رکندڙن جي جذبن کي ايذائڻ ۽ مشتعل ڪرڻ جي برابر آهي.
هي معاملو هاڻي جيئن ته عدالت ۾ آهي ته يقينن فيصلو عدالت ئي ڪندي پر اخلاقي طور تي حڪومت کي اهو پلاٽ ان جذبي تحت ئي رسول بخش پليجي صاحب لاءِ مخصوص ڪرڻ گهرجي، جنهن جذبي تحت ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ هڪ پلاٽ شهيد ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جي جلسي گاهه لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي.