5 جولاءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهو ڏينهن آهي، جيڪو هر سال جمهوريت جي راتاھي، آئين جي معطلي ۽ جمهوري سفر ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ جي علامت طور ياد ڪيو ويندو آهي. هن ڏينهن نه رڳو هڪ چونڊيل حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو، پر آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي خودمختياري ۽ عوام جي ووٽ جي تقدس کي به سخت ڌڪ رسيو. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به جمهوري نظام ڪمزور ٿيو آهي ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان رياست، عوام ۽ ادارن کي ئي پهتو آهي. افسوس جو اڄ به، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِ، پاڪستان جي سياسي ڌرين وٽ ان تاريخي سانحي مان مڪمل سبق سکڻ جا واضح آثار نظر نٿا اچن.
سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سڀئي پارلياماني جماعتون جمهوريت، آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين رکن ٿيون ته پوءِ اهي جمهوريت جي مضبوط بنيادن لاءِ مستقل اتحاد ڇو نٿيون ٺاهين؟ ڇو اهڙو جمهوري ميثاق وجود ۾ نٿو اچي، جنهن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جو گڏيل اتفاق هجي؟ ڇو سياسي اختلافن کي جمهوريت جي مفادن کان مٿانهون رکيو وڃي ٿو؟ اهي سوال صرف سياسي قيادت لاءِ نه، پر سڄي جمهوري نظام لاءِ اهم آهن.
بدقسمتي سان پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهو منظر بار بار ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جڏهن ڪا پارٽي اقتدار ۾ هوندي آهي ته اها مخالف ڌر کي سياسي دشمن سمجهندي آهي، جڏهن ته اقتدار کان ٻاهر نڪرندي ئي جمهوريت، آئين ۽ پارليامينٽ جي اهميت جا نعرا هڻڻ شروع ڪندي آهي. اهڙي ٻٽي سياسي روش جمهوريت کي مضبوط نه، پر ڪمزور ڪري ٿي. جمهوريت جو اصل حسن اختلاف راءِ ۾ هوندو آهي، دشمني ۾ نه. پارلياماني تاريخ ۾ اهڙو مثال پ پ ۽ نواز ليگ ”ميثاق جمهوريت“ ذريعي ڪاميابي سان قائم ڪري ڏيکاريو آهي
هڪ مضبوط جمهوريت ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي جون مخالف ضرور هونديون آهن، پر آئين، پارليامينٽ، چونڊن جي شفافيت ۽ قومي مفادن تي گڏ بيهنديون آهن. ترقي يافته جمهوريتن ۾ اقتدار ايندو ۽ ويندو رهي ٿو، پر نظام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويندي آهي. پاڪستان ۾ به اهڙي سياسي ثقافت کي هٿي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.
5 جولاءِ جي ياد صرف ماضي جي هڪ المناڪ واقعي کي ورجائڻ لاءِ نه هجڻ گهرجي، پر اهو ڏينهن سياسي احتساب جو ڏينهن به هئڻ گهرجي. هر سياسي جماعت کي پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته ڇا هن جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ڇا هن مخالف ڌر جي جمهوري حقن جو احترام ڪيو آهي؟ ڇا هن پارليامينٽ کي فيصلا ساز ادارو بڻائڻ لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي آهي؟ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب اطمينان بخش ناهن ته پوءِ صرف آمريت تي تنقيد ڪرڻ سان جمهوريت مضبوط نه ٿيندي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جون سڀئي پارلياماني جماعتون گڏجي هڪ اهڙو مستقل جمهوري ميثاق تيار ڪن، جنهن ۾ واضح طور طئي ڪيو وڃي ته آئين کان ٻاهر ڪنهن به قدم جي حمايت نه ڪئي ويندي، چونڊن جا نتيجا سياسي ۽ قانوني طريقن سان قبول يا چئلينج ڪيا ويندا، پارليامينٽ کي سڀ کان اعليٰ قانون ساز اداري طور تسليم ڪيو ويندو ۽ سياسي اختلافن کي غير جمهوري قوتن جي مداخلت جو جواز نه بڻايو ويندو.
ان سان گڏ سياسي پارٽين کي پنهنجي اندر به جمهوريت کي هٿي ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن پارٽين اندر مشاورت، شفافيت، احتساب ۽ قيادت جي جمهوري منتقلي نه هوندي ته پوءِ ملڪ ۾ مضبوط جمهوريت جي اميد به ڪمزور رهندي. جمهوري ادارا صرف قانونن سان نه، پر جمهوري مزاج سان مضبوط ٿيندا آهن.
پارليامينٽ کي به پنهنجي اصل حيثيت بحال ڪرڻي پوندي. قومي اهميت جا فيصلا پارليامينٽ جي بحث، اتفاق راءِ ۽ قانون سازي ذريعي ٿيڻ گهرجن. جڏهن پارليامينٽ مضبوط ٿيندي ته جمهوري نظام به مضبوط ٿيندو، ۽ جڏهن سياسي قوتون پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪنديون ته ڪنهن به غير جمهوري مداخلت جا امڪان گهٽجي ويندا.
5 جولاءِ جي تاريخ اهو به سيکاري ٿي ته ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام، معاشي بحران ۽ ادارن جي ٽڪراءَ جو سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهو ڀوڳيندو آهي. بيروزگاري، مهانگائي، سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ۽ ترقياتي عمل جي سستي آخرڪار عوام کي متاثر ڪندي آهي. تنهن ڪري جمهوريت جو تحفظ صرف سياستدانن جو نه، پر هر شهري جو گڏيل مفاد آهي.
اڄ پاڪستان کي ماضي جي تلخ تجربن مان سبق سکندي هڪ نئين سياسي سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها سوچ، جنهن ۾ اقتدار کان وڌيڪ نظام جي بقا کي اهميت ڏني وڃي، ذاتي مفادن کان وڌيڪ قومي مفادن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ سياسي اختلافن کي جمهوري دائري اندر رکيو وڃي. جيڪڏهن سياسي جماعتون صرف آمرن جي خلاف گڏ ٿينديون رهنديون ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ گڏ نه ٿينديون ته پوءِ تاريخ پاڻ کي ورجائڻ جا خطرا ختم نه ٿيندا.
5 جولاءِ جي يادگيري اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿي ته جمهوريت جو دفاع صرف تقريرن، قراردادن ۽ يادگار تقريبن سان نه ٿيندو، پر سياسي بالغ نظري، پارلياماني اتحاد، آئين سان غير مشروط وابستگي ۽ عوام جي ووٽ جي احترام سان ٿيندو. وقت اچي ويو آهي ته سڀئي پارلياماني جماعتون پنهنجي اختلافن کان مٿانهون ٿي جمهوريت جي بقا لاءِ هڪ مستقل قومي اتحاد قائم ڪن. جيڪڏهن اڄ به اهو قدم نه کنيو ويو ته ايندڙ نسلون شايد ساڳيو سوال ورجائينديون ته جڏهن تاريخ بار بار خبردار ڪري رهي هئي ته پوءِ جمهوريت جي محافظن پاڻ ۾ اتحاد ڇو نه ڪيو؟