پرڏيهي عورتن جي اغوا ۾ ملوث گاڏي جي سڃاڻپ ٿي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران چيو آهي ته لاهور ۾ ٻن پرڏيهي عورتن جي اغوا جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جيڪي 29 جون تي لاهور پهچڻ شرط اغوا ٿي ويون.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن ٻڌايو ته جاچ دوران اغوا ۾ استعمال ٿيل گاڏي جي سڃاڻپ ڪئي وئي ۽ معلوم ڪيو ويو ته اها ڪنهن جي نالي تي رجسٽرڊ هئي، پر گاڏي جي مالڪ جو موبائل فون بند هو.

فيصل ڪامران چيو ته جاچ دوران ڪجهه ماڻهن جا لاڳاپا سرگوڌا ۽ ٻين علائقن سان سامهون آيا، جڏهن ته سيف سٽي ڪئميرائن جي مدد سان گاڏي جي اچ وڃ جو مڪمل رڪارڊ حاصل ڪيو ويو.

هن چيو ته سيف سٽي جي وڊيو مان معلوم ٿيو ته گاڏي موٽروي ذريعي سرگوڌا وئي، جنهن کان پوءِ اتي ڇاپو هنيو ويو. انکانپوءِ شاهدره ۽ ڊفينس وارن علائقن ۾ به ڪارروايون ڪيون ويون.

سندس چوڻ هو ته 2 جولاءِ تي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ڪنهن وڏي سياسي شخصيت جو مائٽ جوابدار طور سامهون اچي ته اعليٰ آفيسرن کي آگاهه ڪرڻ ضروري هوندو آهي.

فيصل ڪامران ٻڌايو ته اهڙيون ڪيتريون ئي خبرون هلي رهيون آهن ته پرڏيهي عورتون پاڻ ٻاهر نڪري آيون هيون، پر انهن جو باقاعده بيان موجود آهي، جنهن ۾ هنن چيو آهي ته پنجاب پوليس کين بازياب ڪرايو.

ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور چيو ته ڊيوٽي مئجسٽريٽ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر رابطو نه ٿيڻ تي ايس ايڇ او مئجسٽريٽ جي گهر ويو. اتي هڪ ننڍڙو واقعو پيش آيو، جنهن تي مان معافي وٺان ٿو.هن چيو ته گاڏي جي لوڪيشن جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته سفارتخاني چاهيو پئي ته ڇوڪريون جلد کان جلد ملڪ ڇڏي وڃن، پر اسان درخواست ڪئي ته کين هڪ ڏينهن وڌيڪ ڏنو وڃي ته جيئن سندن بيان رڪارڊ ڪري سگهجي. اسان اهو به چيو ته ٽڪيٽن جو خرچ لاهور پوليس برداشت ڪندي.

فيصل ڪامران موجب ميڊيڪل ۽ بيان مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پرڏيهي عورتن کي پنهنجي ملڪ روانو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته پهرين جولاءِ تي ڀنگ لاءِ اغوا بابت پهرين ڪال وصول ٿي. جنهن گهر تي ڇاپو هنيو ويو، اتي ٻڌايو ويو ته ڪجهه نوجوان ڪرائي تي رهندا هئا. اهو به ٻڌايو ويو ته انهن مان هڪ شخص ڊپٽي پرائم منسٽر جو مائٽ آهي. هن دعويٰ جي تصديق لاءِ خاندان سان رابطو ڪيو ويو ۽ کين سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور چيو ته خاندان هڪ فون نمبر فراهم ڪيو، جنهن جي بنياد تي لوڪيشن ٽريڪ ڪرڻ شروع ڪئي وئي. سڀني جوابدارن کي هٿڪڙيون هڻي عام جوابدارن وانگر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندن ريمانڊ حاصل ڪيو ويو. هن چيو ته اغوا ڪندڙن بابت پهريون اطلاع پرڏيهي عورت جي پيءُ ڏنو هو.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن ڪيس بابت پنجاب جي وڏي وزير جو فون آيو، جنهن هدايت ڪئي ته ڪارروائي مڪمل طور ميرٽ تي ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته جنهن به ڏوهه ڪيو آهي، ان کي قانون موجب سزا ضرور ملڻ گهرجي.

You might also like