ڊيرا مراد جمالي ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جا لاش جيڪب آباد ۾ رکي ڌرڻو

جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز) ٻه ڏينهن اڳ بلوچستان جي شھر ڊيرا مراد جمالي ۾ قتل ٿيل زال مڙس ۽ ڌيءَ جا لاش جيڪب آباد ۾ شھيد الله بخش سومرو پارڪ وٽ رکي ڌرڻو ھنيو ويو، ڊيرا مراد جمالي ۾ جوابدار  اسرار ھجواڻي جمالي پاران گھريلو معمولي ڳالهھ تان زال ڪونج، سس مديحا ۽ سھري ياسين وڳڻ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جيڪب آباد ۾ وارثن مقتولن جي ڀاءُ غلام ياسين وڳڻ ۽ فرحان وڳڻ پاران شھيد الله بخش سومرو پارڪ وٽ لاش رکي روڊ بند ڪري ڇڏيو، مقتولن جي وارثن وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي ۽ آءِ جي بلوچستان کان مطالبو ڪندي چيو ته فورن جوابدار ياسين ھجواڻي جمالي کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ذريعن ڊيرا مراد جمالي ۾ زال سس ۽ سھري کي قتل ڪندڙ مک جوابدار اسرار ھجواڻي جمالي کي پوليس واقعي ۾ استعمال ٿيل ھٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like