ڪراچي (رپورٽر) ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 9 محرم الحرام جا جلوس ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ برآمد ٿيا، مجلسون ٿيون، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 9 محرم جا جلوس پنهنجن مقرر ۽ روايتي رستن تان ٿيندا پنهنجي منزل تي پهتا، سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، ڪراچي ۾ 9 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿي پنهنجي روايتي رستي تي منزل تي پهتو، ٽريفڪ پوليس موجب ايم اي جناح روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، لاهور ۾ امام بارگاهه قصرِ بتول شادمان مان نڪتل شبيهه ذوالجناح جو جلوس مقرر رستن تان ٿيندو پنهنجي منزل تي نهر ٿيو، جنهن ۾ عزادارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا به سخت انتظام ڪيا ويا، اسلام آباد ۾ آءِ جي پوليس سيد علي ناصر رضوي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. هن ٻڌايو ته 9 محرم جي مرڪزي جلوس لاءِ لڳ ڀڳ 16 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوان به ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا هئا، پشاور ۾ مختلف امام بارگاهن ۾ شهيداءِ ڪربلا جي ياد ۾ مجلس عزا جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته شهر اندر سخت سيڪيورٽي سبب ڪيترائي علائقا سيل ڪيا ويا آهن.