لاهور (امداد سومرو) پنجاب اسيمبلي جي پراسرار خاموشي ۽ قومي اسيمبلي ۾ بلاول ڀٽو جي گونج ملڪ جي سياست جو رخ مڪمل طور تي بدلائي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ اهو سياسي دٻاءُ جيڪو ڪالهه تائين پاڪستان پيپلز پارٽي جو مقدر نظر ايندو هو هاڻي وڏي صفائي سان مسلم ليگ (ن) جي در تي منتقل ٿي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي سوال صرف انتظامي نه رهيو آهي پر اهو آهي ته ڇا هڪ محلي جو ڪائونسلر اهو واحد خطرو آهي جنهن کان پاڪستان جا وڏا سياسي برج ڏڪي وڃن ٿا ۽ ڇا بلدياتي چونڊون واقعي جمهوريت جو اصل امتحان آهن يا رڳو اقتدار جي راند ۾ هڪ رڪاوٽ بڻجي چڪيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي فلور تي جيڪا چال هلي ان کي سياسي ماهر ‘پوليٽيڪل جوڊو’ قرار ڏئي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته هن ايم ڪيو ايم جي بلدياتي سڌارن جي مطالبي کي وڏي مهارت سان نواز ليگ جي ڳڙهه يعني پنجاب ۽ وفاق ڏانهن موڙيندي اهو سادو پر تيز دليل پيش ڪيو ته جيڪا قيادت هڪ يونين ڪائونسل جو اليڪشن ڪرائڻ کان ڪيٻائيندي هجي اها ملڪ ۾ جمهوريت جي قيادت جو دعويٰ ڪيئن ڪري سگهي ٿي، ۽ هن جي هن دانسته ڪوشش ن ليگ جي هٻڪ کي عالمي ۽ عوامي سطح تي اهڙي ريت بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي جو کيس سياسي بند گهٽي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جتان واپس موٽڻ هاڻي حڪمران جماعت لاءِ ممڪن نه رهيو آهي، هن سياسي حملي جو سڀ کان وڌيڪ اثر ن ليگ جي ‘ڪچن ڪيبنيٽ’ اندر محسوس ڪيو ويو جتي خواجه سعد رفيق جهڙي قدآور اڳواڻ بلاول ڀٽو جي موقف جي تائيد ڪندي پنهنجي ئي حڪومت جي خاموشي تي وار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته جيڪڏهن برا نه مڃو ته بلدياتي چونڊن جي معاملي ۾ بلاول ڀٽو جو مطالبو درست آهي ۽ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون جلد کان جلد ٿيڻ گهرجن، جڏهن ته ساڻس گڏ وفاقي وزير خواجه آصف به هن بيانيي کي هٿي ڏيندي ‘لولن لنگڙن’ ۽ نمائشي ادارن بدران بااختيار بلدياتي نظام جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو هن ڳالهه جي نشاني آهي ته قيادت جي موروثي ۽ شخصي فيصلن خلاف ديوار اندر دراڙون گهريون ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي اها اندروني مزاحمت جي صورت اختيار ڪري رهيون آهن، پنجاب ۾ هن وقت حڪمراني جو هڪ خاص ماڊل رائج آهي جنهن کي ناقدين ‘ون وومين شو’ ۽ برانڊنگ جو جنون قرار ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته هر ننڍي وڏي منصوبي، ايتري قدر جو چار ڪمرا وارن پرائمري اسڪول يا بنيادي صحت مرڪز تي به مريم نواز جي تصوير جو هجڻ لازمي بڻايو ويو آهي جنهن کي تجزيه نگار هڪ اهڙي ‘زيرو سم گيم’ چون ٿا جتي جيڪڏهن هڪ تصوير يا ڪريڊٽ شيئر ڪرڻ جي گنجائش نه هجي ته اتي سياسي اختيار ڪيئن شيئر ٿيندا، تنهنڪري مريم نواز جي طرز حڪمراني تي سڀ کان وڏي تنقيد اها آهي ته نظام کي عوامي نمائندن بدران ‘بابوئن’ يعني بيوروڪريسي ذريعي هلايو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪو ميئر يا چيئرمين عوامي سطح تي اڀرڻ نه ڏنو ويندو تيستائين اقتدار هڪ ئي مرڪز جي چوڌاري ڦرندو رهندو ۽ اها ئي ڪريڊٽ جي سياست بلدياتي ادارن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، تاريخ شاهد آهي ته بلدياتي ادارا سياسي قيادت جي نرسري هوندا آهن جتان ناصر حسين شاهه، نفيسه شاهه ۽ فريال تالپور جهڙا اڳواڻ نڪري قومي سياست جا معتبر نالا بڻيا پر سياسي خاندانن ۾ بلدياتي ادارن کي معطل رکڻ جو خوف دراصل ‘متبادل قيادت’ جو خوف آهي ته جيئن هيٺين سطح تان ڪا اهڙي قيادت نه اڀري جيڪا سڀاڻي انهن جي خانداني بالادستي کي چئلينج ڪري سگهي، انهي ڪري جڏهن به بلدياتي چونڊن جو وقت ايندو آهي ته اختيارن جي منتقلي کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ملتوي ڪيو ويندو آهي، پنجاب جي نئين بلدياتي قانون يعني لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2025 ۾ ‘غير جماعتي’ چونڊن جو ڄار وڇايو ويو آهي جيڪو جمهوريت سان هڪ سنگين مذاق ۽ ضياءُ الحق جي 1985 واري رجعت پسند تجربي جي ياد ڏياري ٿو جنهن جو مقصد سياسي نظرين کي ختم ڪري جٽ، بٽ، آرائين ۽ راجپوت جهڙي برادري ازم کي مضبوط بڻائڻ هو، تنهنڪري اها قانون سازي رڳو هڪ اهڙو هٿڪنڊو آهي ته جيئن اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي کي ٽاريو وڃي ڇاڪاڻ ته جڏهن سياست مان نظريو ڪڍيو ويندو آهي ته رڳو ڌڙابندي رهجي ويندي آهي جنهن جو فائدو هميشه ان وقت جي مقتدره ۽ مرڪزي حڪومت کي پهچندو آهي ۽ ن ليگ جو اهو رويو ان جي پنهنجي جمهوري جدوجهد جي نفي آهي، بلاول ڀٽو سياست جي بيٺل پاڻي ۾ جيڪو پٿر اڇلايو آهي ان جون لهرون هاڻي ن ليگ جي ايوانن ۾ ارتعاش پيدا ڪري رهيون آهن ۽ پنهنجي ئي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جو حڪومت خلاف ڳالهائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ‘ون وومين شو’ هاڻي پارٽي اندر ئي ناقابل قبول بڻجي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته سچي ڳالهه ته اها آهي ته جيڪا جمهوريت پنهنجي ئي محلن ۽ گهٽين کان ڊڄي ٿي اها رڳو هڪ ڊھونگ آهي ۽ هڪ اهڙي رياست جتي اڳواڻ پنهنجي محلي جي ڪائونسلر کي بااختيار ڏسڻ کان گهٻرائين ٿا اتي وفاقيت ۽ جمهوريت جا خواب ڪڏهن به ساڀيان نٿا ٿي سگهن۔